چوڻيون 12 - Sindhi Bible1 جيڪو سڌاري کي پيار ڪري ٿو سو علم کي پيار ڪري ٿو: پر جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو حيوان آهي. 2 چڱو ماڻهو خداوند جي مهرباني حاصل ڪندو: پر خراب تجويزن واري ماڻهوءَ کي هو ڏوهي ٺهرائيندو. 3 ماڻهو شرارت جي ڪري قائم نہ رهندو: پر سچي جي پاڙ ڪڏهن بہ چورڻ جي ناهي. 4 نيڪ زال پنهنجي مڙس جو ڇٽ آهي: پر جيڪا شرمندگي ٿي آڻي سا اُن جي هڏن ۾ ساڙ وانگر آهي. 5 سچن جا خيال انصاف جهڙا آهن: پر شريرن جون مصلحتون ٺڳي آهن. 6 شريرن جون ڳالهيون خون ڪرڻ جي لاءِ لڪي ويهڻ جهڙيون آهن: پر سچن جو وات انهن کي ڇڏائي ٿو. 7 شرير اونڌا اُڇلايا وڃن ٿا ۽ هستيءَ ۾ ناهن: پر سچن جو گهر قائم بيٺو رهندو. 8 ماڻهو پنهنجي ڏاهپ آهر ساراهيو ويندو: پر جيڪو ڏنگيءَ دل وارو آهي سو ڌڪاريو ويندو. 9 اُهو ماڻهو جو گهٽ قدر وارو آهي ۽ جنهن کي ڪو نوڪر آهي سو انهيءَ کان بهتر آهي، جو پاڻ کي عزت ٿو ڏئي پر ماني ڪانہ اٿس. 10 سچو ماڻهو پنهنجي جانور جي ساهہ جي سنڀال رکي ٿو: پر شريرن جون رحم جهڙيون مهربانيون بہ ظلم جهڙيون آهن. 11 جيڪو پنهنجي زمين پوکي ٿو تنهن کي ججهي ماني ملندي: پر جيڪو اجاين شين جي پٺيان لڳي ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي. 12 شرير خراب ماڻهن جو ڄار چاهي ٿو: پر سچي جي پاڙ ڦر پيدا ڪري ٿي. 13 چپن جي گنهگاريءَ ۾ خراب ڦانڌو آهي: پر سچو ماڻهو تڪليف مان نڪري ايندو. 14 ماڻهو پنهنجي ڪلام جي وسيلي چڱائيءَ سان ڍءُ ڪندو: ۽ هن جي هٿن جو ڪيتو کيس ڏنو ويندو. 15 بي عقل جو رستو سندس نظر ۾ سنئون آهي: پر جيڪو ڏاهو آهي سو مصلحت ٻڌي ٿو. 16 بي عقل جي چڙ هڪدم معلوم ٿي وڃي ٿي: پر سياڻو ماڻهو خواري لڪائي ڇڏي ٿو. 17 جيڪو سچ چوي ٿو سو سچائي ظاهر ڪري ٿو، پر ڪوڙو شاهد ٺڳي ظاهر ڪري ٿو. 18 ڪو اهڙو بہ آهي جو اُٻهرو ڳالهائي ترار وانگر گهائل ٿو ڪري: پر ڏاهي جي زبان صحت بخش آهي. 19 سچ جي ڳالهہ هميشہ قائم رهندي: پر ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان رڳو هڪڙي لحظي لاءِ آهي. 20 جيڪي خرابيءَ جون رٿون ڪن ٿا تن جي دل ۾ ٺڳي آهي: پر صلح جي مصلحت ڪرڻ وارن لاءِ خوشي آهي. 21 سچي کي ڪوبہ نقصان نہ رسندو: پر شرير خرابيءَ سان ڀرجي ويندو. 22 ڪوڙ ڳالهائيندڙ چپن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جي سچائيءَ سان هلت ٿا ڪن تن مان هن کي خوشي ٿئي ٿي. 23 سياڻو ماڻهو علم لڪائي ٿو: پر بي عقلن جي دل بي عقليءَ جو ڍنڍورو ڏئي ٿي. 24 محنتي ماڻهوءَ جو هٿ حڪمراني ڪندو: پر سست ماڻهوءَ کان زور سان سخت ڪم ورتو ويندو. 25 دل جو فڪر ماڻهوءَ کي جهڪائي ڇڏي ٿو، پر چڱي گفتگو انهيءَ کي خوش ڪري ٿي. 26 سچو پنهنجي پاڙيسريءَ جو رهنما آهي: پر شريرن جو رستو انهن کي گمراهہ ڪري ٿو. 27 سست ماڻهو جيڪو شڪار پڪڙي ٿو سو ڪباب نٿو ڪري: پر ماڻهن جو قيمتي مال محنتيءَ جي لاءِ آهي. 28 سچائيءَ جي رستي ۾ حياتي آهي؛ ۽ ان جي دڳ تي موت ڪونهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society