چوڻيون 11 - Sindhi Bible1 ڪوڙيءَ ساهميءَ کان خداوند کي نفرت اچي ٿي: پر سچيءَ تور ڪري هو خوش ٿئي ٿو. 2 جڏهن مغروري اچي ٿي تڏهن شرمندگي بہ اچي ٿي: پر ڏاهپ نماڻن وٽ آهي. 3 سچن جي سچائي هنن کي هدايت ڪري ٿي: پر دغابازن جي ڏنگائي کين ناس ڪندي. 4 دولت غضب جي ڏينهن ڪنهن بہ ڪم نہ ٿي اچي: پر سچائي موت کان ڇڏائي ٿي. 5 ڪامل جي سچائي ان جي رهنمائي ڪري ٿي: پر شرير پنهنجي ئي شرارت جي ڪري ڪري پوندو. 6 سچن جي سچائي کين ڇڏائيندي: پر جيڪي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن سي خود پنهنجي ئي حرڪت ۾ ڦاسي پوندا. 7 جڏهن ڪو شرير ماڻهو مري ٿو، تڏهن اُنهي جي مراد بہ مرندي: ۽ ظالم ماڻهوءَ جي اُميد چٽ ٿي وڃي ٿي. 8 سچو تڪليف کان بچايو وڃي ٿو: ۽ شرير انهيءَ جي جاءِ تي اچي پوي ٿو. 9 بيدين ماڻهو پنهنجي وات سان پنهنجي پاڙيسريءَ کي ناس ڪري ٿو: پر سچو ماڻهو علم جي وسيلي بچايو ويندو. 10 جڏهن سچا چڱي حال ۾ آهن تڏهن شهر خوش ٿو رهي: ۽ جڏهن شرير مرن ٿا تڏهن خوشي ٿي ٿئي. 11 سچن جي دعا سان شهر جي ترقي ٿئي ٿي: پر شريرن جي ڳالهين ڪري اهو ناس ٿيو وڃي. 12 جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌڪاري ٿو سو بي عقل آهي: پر سمجهہ وارو ماڻهو ماٺ ۾ گذاري ٿو. 13 جيڪو چغل خور آهي سو ڳجهہ ظاهر ڪري وجهي ٿو: پر جيڪو ايماندار روح وارو آهي سو ڳالهہ لڪائي ٿو. 14 جتي ڪا ڏاهپ جهڙي هدايت ڪانهي اتي خلق کي ڌڪو ٿو اچي: پر گهڻن صلاح مصلحت ڪندڙن ڪري سلامتي آهي. 15 جيڪو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جو ضامن آهي سو انهيءَ ڪري سور سهندو: پر جيڪو ضمانت کي ڌڪاري ٿو سو امن ۾ آهي. 16 مروت واري زال عزت واري رهي ٿي: پر ظالم دولتمند رهن ٿا. 17 رحم وارو ماڻهو خود پنهنجي جان سان ڀلائي ڪري ٿو: پر جيڪو ظالم آهي سو پنهنجي جسم کي تڪليف ۾ وجهي ٿو. 18 شرير ماڻهو ٺڳيءَ جي ڪمائي ڪمائي ٿو: پر جيڪو سچائي پوکي ٿو تنهن کي سچو انعام ملي ٿو. 19 جيڪو سچائيءَ تي پڪو آهي سو حياتي حاصل ڪندو: ۽ جيڪو برائيءَ جي پٺيان ٿو لڳي سو خود پنهنجي موت لاءِ ائين ڪري ٿو. 20 جيڪي ڏنگيءَ دل وارا آهن تن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جيڪي ڪامل رستي وارا آهن، تن مان هو خوش ٿو ٿئي. 21 جيتوڻيڪ هٿ هٿ سان گڏبو تہ بہ خراب ماڻهو بي سزا رهجي نہ ويندو: پر سچي جو اولاد بچايو ويندو. 22 جيئن ڪو سونو زيور سوئر جي نڪ ۾، تيئن اُها خوبصورت زال جنهن کي تميز ڪونهي: 23 سچي جي خواهش رڳي نيڪي آهي: پر شرير جي اميد غضب آهي. 24 ڪو اهڙو آهي جو گهڻو خرچي ٿو تہ بہ وڃي ترقي ڪندو؛ ۽ ڪو اهڙو آهي جو مناسب حد کان وڌيڪ ڪنجوسائي ڪري ٿو تہ بہ وڃي ڪنگال ٿيندو. 25 سخي دل وارو ٿلهو متارو ڪيو ويندو: ۽ جيڪو ٻئي کي پاڻي ڏئي ٿو تنهن کي پنهنجي لاءِ بہ پاڻي ڏنو ويندو. 26 جيڪو اَنُ گڏ ڪري روڪي رکي ٿو تنهن کي خلق پِٽيندي: پر جيڪو اُهو وڪڻي ٿو تنهنجي سر تي دعا نازل ٿيندي. 27 جيڪو ڪوشش ڪري نيڪي ڳولي ٿو سو مقبوليت ٿو ڳولي: پر جيڪو ڪنهن خرابيءَ جي ڳولا ۾ آهي، تنهن تي اُها پوندي. 28 جيڪو پنهنجي دولت تي ڀروسو ٿو رکي سو ڪرندو: پر سچو سائي وڻ وانگر وڌندو ويندو. 29 جيڪو خود پنهنجي گهراڻي کي تڪليف ٿو ڏئي، تنهن کي ورثي ۾ واءُ ملندو: ۽ بي عقل ڏاهي دل واري جو غلام ٿيندو. 30 سچي جو ڦل حياتيءَ جو وڻ آهي؛ ۽ جيڪو ڏاهو آهي سو دلين کي موهي وجهي ٿو. 31 ڏس، سچي کي زمين تي بدلو ڏنو ويندو: تڏهن شرير ۽ گنهگار کي ڪيترو نہ زيادہ ڏنو ويندو: |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society