فلپين 1 - Sindhi Bible1 مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت: 2 اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان اوهان کي شل فضل ۽ اطمينان حاصل ٿئي. 3 جنهن وقت مون کي اوهان جي يادگيري ٿي پوي، تنهن وقت آئون پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان، 4 ۽ پنهنجي سڀ ڪنهن دعا ۾ هميشہ خوشيءَ سان اوهان سڀني جي لاءِ دعا گهُرندو ٿو رهان، 5 هن لاءِ جو شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انجيل جي ڦهلائڻ ۾ اوهين منهنجا شريڪ رهيا آهيو؛ 6 ۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛ 7 جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو. 8 ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي تہ آئون مسيح يسوع جي اُلفت ڪري اوهان سڀني جي لاءِ ڪيترو نہ پيو سِڪان. 9 ۽ آئون هيءَ دعا ٿو گهُران تہ اوهان جي محبت، علم ۽ هر طرح جي سمجهہ، شل ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي؛ 10 تہ جيڪي تمام عمديون ڳالهيون آهن، سي اوهين سمجهي پسند ڪريو؛ تہ مسيح جي ڏينهن تائين صاف دل ۽ بيڏوهي رهو، 11 ۽ سچائي جي انهن ڦلن سان ڀريل رهو، جي يسوع مسيح جي ڪري آهن، تہ خدا جو جلال ۽ سندس تعريف ظاهر ٿئي. 12 هاڻي اي ڀائرو، منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ جيڪي مون تي ٿي گذريو آهي، تنهن مان ڪيئن نہ خوشخبريءَ جو واڌارو ٿيو آهي. 13 ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين ۽ ٻين سڀني کي معلوم ٿي ويو آهي تہ آئون مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان؛ 14 ۽ جيڪي خداوند ۾ ڀائر آهن، تن مان گهڻن منهنجي قيد ۾ هئڻ ڪري، دلير ۽ بي ڊپا ٿي خدا جي ڪلام ٻُڌائڻ ۾ وڌيڪ جرئت ڪئي آهي. 15 ڪي تہ حسد ۽ جهيڙي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن؛ ۽ ڪي نيڪ نيتيءَ سان. 16 هڪڙا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن، جو ڄاڻن ٿا تہ آئون انجيل جو بچاءُ ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان؛ 17 پر ٻيا تفرقي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، نہ سچيءَ نيت سان، بلڪ انهي خيال سان تہ منهنجي قيد ۾ مون لاءِ مصيبت پيدا ڪن. 18 پوءِ ڇا ٿيو؟ رڳو هيترو تہ هر طرح مسيح جي پڌرائي ٿي ٿئي، ڪوڙ سان توڙي سچ سان، ۽ انهي ڪري آئون خوش ٿو ٿيان، هائو، ۽ خوش ٿيندس. 19 ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ اوهان جي دعا ۽ يسوع مسيح جي روح جي مدد سان، انهي مان نيٺ مون کي ڇوٽڪارو ملندو. 20 جو منهنجي دل جي آرزو ۽ اُميد اها آهي، تہ آئون ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيان، بلڪ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ منهنجي بدن ڪري مسيح جي وڏائي ٿئي، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان: 21 ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ آهي مسيح ۽ مرڻ آهي نفعو. 22 پر جي جسم ۾ جيئري رهڻ ڪري منهنجي محنت مان ڦل پيدا ٿو ٿئي، تہ مون کي خبر ناهي تہ ڇا پسند ڪريان. 23 پر آئون ٻنهي جي وچ ۾ ڦاٿل آهيان، جو منهنجي خواهش آهي تہ هتان رحلت ڪري وڃان ۽ وڃي مسيح سان گڏجان؛ ڇالاءِ جو اهو سڀ کان بهتر آهي: 24 تنهن هوندي بہ جسم ۾ رهڻ اوهان جي خاطر زيادہ ضروري آهي. 25 انهي جي مون کي پڪ آهي، تنهنڪري آئون ڄاڻان ٿو تہ آئون جيئرو رهندس، هائو، اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، انهي لاءِ تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو ۽ خوشي پيدا ٿئي. 26 ۽ منهنجي اوهان وٽ وري اچڻ ڪري، منهنجي بابت اوهان جو فخر مسيح يسوع ۾ زيادہ ٿئي. 27 رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو. 28 ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ مخالفن کان نٿا ڊڄو: اها ڳالهہ هنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آهي، مگر اوهان جي نجات جي، ۽ اُها خدا جي پاران آهي، 29 ڇالاءِ جو مسيح جي خاطر اوهان ئي تي اهو فضل ٿيو آهي تہ نہ رڳو هن تي ايمان آڻيو، پر هن جي لاءِ ڏک بہ سهو. 30 اوهين بہ اهڙيءَ طرح جانفشاني ٿا ڪريو، جهڙيءَ طرح اوهان مون کي ڪندو ڏٺو هو، ۽ هاڻي بہ ٻُڌو ٿا تہ ائين ئي پيو ڪريان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society