Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 9 - Sindhi Bible

1 جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي پهرين مهيني ۾ سينا جي بيابان ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 بني اسرائيل ٺهرايل وقت تي فسح جي عيد ملهائين.

3 انهي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو ٺهرايل وقت تي اوهين اها ملهائجو؛ انهيءَ جي سڀني قانونن ۽ حڪمن موجب اها ملهائيندا رهجو.

4 سو موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ اوهين فسح جي عيد ملهائجو.

5 تڏهن انهن سينا جي بيابان ۾، پهرئين مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ شام جو فسح ملهائيو. جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن بني اسرائيل ڪيو.

6 ۽ اتي ڪي ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿيا هئا، جنهنڪري هو انهي ڏينهن فسح ڪري نہ سگهيا. تنهنڪري هو انهي ڏينهن موسيٰ ۽ هارون وٽ آيا،

7 ۽ انهن کي چيائون تہ اسين هڪڙي مردي جي ڪري ناپاڪ ٿيا آهيون، سو اسين بني اسرائيل مان، خداوند جي لاءِ ٺهرايل وقت تي قرباني چاڙهڻ کان روڪيا وڃون ڇا؟

8 تڏهن موسيٰ چين تہ اوهين ترسو تہ مون کي خبر پوي تہ خداوند اوهان جي نسبت ۾ ڇا ٿو فرمائي.

9 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

10 بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪڏهن اوهان مان يا اوهان جي اولاد مان ڪو ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿئي، يا ڪنهن ڏورانهينءَ مسافريءَ ۾ هجي، تہ بہ هو خداوند جي لاءِ فسح جي عيد ملهائي.

11 ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو هو اها عيد ملهائين، ۽ هو اها فطيري مانيءَ ۽ ڪؤڙين ڀاڄين سان گڏ کائين.

12 هو انهيءَ مان ڪجهہ بہ صبح تائين نہ بچائين، نڪي انهيءَ جو ڪو هڏو ڀڃن: فسح جي سڀني قانونن موجب هو اها بجاءِ آڻين.

13 پر جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، ۽ مسافريءَ ۾ نہ هجي، ۽ پوءِ بہ فسح ڪرڻ کان رهجي وڃي تہ هو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو وڃي؛ ڇالاءِ جو ٺهرايل وقت تي خداوند جي لاءِ قرباني نہ چاڙهڻ ڪري، اهو ماڻهو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو.

14 ۽ جيڪڏهن ڪو پرديسي اوهان ۾ اچي رهي، ۽ خداوند جي فسح ۾ شامل ٿيڻ چاهي، تہ هو فسح جي قانون ۽ حڪم موجب هلت ڪري. اوهان جي لاءِ هڪڙو ئي قانون آهي؛ جهڙو پرديسيءَ لاءِ، تهڙو ئي انهي لاءِ جو ملڪ ۾ ڄاول هجي.

15 ۽ جنهن ڏينهن عبادت جو خيمو کڙو ڪيو ويو، تنهن ڏينهن ڪڪر عبادتگاهہ کي، يعني شهادت جي تنبوءَ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ سانجهيءَ جو اهو عبادتگاهہ جي مٿان باهہ جي صورت ۾ رهيو، جيسين ڪ وري صبح ٿيو.

16 انهيءَ طرح هميشہ ٿيندو رهيو يعني ڪڪر انهي تي ڇانوَ ڪندو هو، ۽ رات جو باهہ وانگي ڏسڻ ۾ ايندو هو.

17 ۽ جڏهن ڪڪر تنبوءَ تان کڄي ويندو هو، تڏهن بني اسرائيل انهي جي پٺيان ڪوچ ڪري هلندا هئا، ۽ جنهن جاءِ تي ڪڪر بيهندو هو، انهيءَ جاءِ تي بني اسرائيل منزل ڪندا هئا.

18 خداوند جي حڪم تي بني اسرائيل ڪوچ ڪندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا؛ جيستائين ڪڪر خيمي جي مٿان رهندو هو، تيستائين هو منزل ڪري ويٺا هوندا هئا؛

19 ۽ جڏهن ڪڪر خيمي جي مٿان گهڻن ڏينهن تائين بيهي رهندو هو، تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب خدمت ڪندا هئا، ۽ اڳتي ڪوچ ڪين ڪندا هئا.

20 ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان ٿورا ڏينهن بيهندو هو، تڏهن هو خداوند جي حڪم موجب منزل ڪري ويهندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم موجب ڪوچ ڪندا هئا.

21 ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪڪر فقط شام کان وٺي صبح تائين بيهندو هو، ۽ جڏهن صبح جو ڪڪر کڄي ويندو هو، تڏهن هو ڪوچ ڪري نڪرندا هئا: ڏينهن جو توڙي رات جو، جنهن بہ وقت ڪڪر کڄندو هو، انهي وقت هو ڪوچ ڪندا هئا.

22 پر جيستائين ڪڪر عبادتگاهہ جي مٿان بيٺو هوندو هو، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا، ۽ ڪوچ ڪين ڪندا هئا؛ پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا مهينو هجي يا سال هجي. وري جڏهن اهو کڄندو هو، تڏهن اهي ڪوچ ڪندا هئا.

23 خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا، ۽ خداوند جي حڪم تي هو ڪوچ ڪندا هئا، ۽ خداوند جو حڪم جيڪو موسيٰ جي هٿان مليو هو، تنهن موجب هو، خداوند جي خدمت ڪندا هئا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan