Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 7 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ عبادت وارو خيمو کڙو ڪري چڪو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي سموري سامان کي مسح ڪري پاڪ ڪيائين، ۽ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪري پاڪ ڪيائين؛

2 تنهن ڏينهن اسرائيل جا سردار جي پنهنجن ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ قبيلن جا سردار هئا، ۽ شمار ڪيل ماڻهن جي مٿان ٺهرايل هئا، تن قربانيون آنديون.

3 ۽ انهن پنهنجي نذراني طور ڇهہ ڍڪيل گاڏيون ۽ ٻارهن ڏاند، خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪيا؛ ٻن ٻن سردارن جي لاءِ هڪڙي گاڏي، ۽ هرهڪ لاءِ هڪڙو ڏاند. اهي هنن عبادت واري خيمي جي اڳيان آڻي حاضر ڪيا.

4 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ

5 تون اُهي هنن کان وٺ تہ جماعت واري تنبوءَ جي خدمت ۾ ڪم اچن، ۽ لاوين مان هرهڪ ماڻهو کي سندس خدمت موجب ورهائي ڏي.

6 سو موسيٰ اهي گاڏيون ۽ ڏاند وٺي لاوين کي ڏنا،

7 يعني ٻہ گاڏيون ۽ چار ڏاند، بني جيرسون کي سندن خدمت موجب ڏنائين،

8 ۽ چار گاڏيون ۽ اٺ ڏاند، بني مراريءَ کي سندن خدمت موجب ڏنائين. هن اهي سڀيئي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ ڏنا.

9 پر بني قهات کي ڪجهہ بہ ڪين ڏنائين؛ ڇالاءِ جو پاڪ مڪان جي خدمت جيڪا انهن جي بِلي هئي، سا هيءَ هئي تہ هو انهي کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن.

10 ۽ جنهن ڏينهن قربانگاهہ مسح ڪئي ويئي، تنهن ڏينهن سردارن انهيءَ جي مخصوصيت لاءِ نذرانا پيش ڪيا: يعني سردارن قربانگاهہ جي اڳيان پنهنجي پنهنجي قرباني آندي.

11 ۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ سڀ ڪو سردار قربانگاهہ جي مخصوصيت لاءِ پنهنجي پنهنجي ڏينهن تي پنهنجو پنهنجو نذرانو آڻي پيش ڪري.

12 پهرئين ڏينهن يهوداهہ جي قبيلي مان عميناداب جي پٽ نحسون پنهنجو نذرانو پيش ڪيو.

13 ۽ انهي جو نذرانو هو: چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

14 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

15 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

16 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

17 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا: اهو هو عمينداب جي پٽ نحسون جو نذرانو.

18 ٻئي ڏينهن ضغر جي پٽ نتني ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني اشڪار جو سردار هو.

19 هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

20 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

21 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

22 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

23 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو ضغر جي پٽ نتني ايل جو نذرانو.

24 ٽئين ڏينهن حيلون جي پٽ الياب پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني زبولون جو سردار هو.

25 هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي؛ ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

26 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

27 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

28 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

29 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو حيلون جي پٽ الياب جو نذرانو.

30 چوٿين ڏينهن شديور جي پٽ اليصور پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني روبن جو سردار هو.

31 هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

32 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

33 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

34 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

35 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهيٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو شديور جي پٽ اليصور جو نذرانو.

36 پنجين ڏينهن صوري شدي جي پٽ سلومي ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني شمعون جو سردار هو.

37 هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادت گاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

38 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

39 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

40 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

41 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو صوري شدي جي پٽ سلومي ايل جو نذرانو.

42 ڇهين ڏينهن دعوايل جي پٽ الياسف پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني جد جو سردار هو.

43 هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو؛ يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

44 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

45 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

46 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

47 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر، ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو دعوايل جي پٽ الياسف جو نذرانو.

48 ستين ڏينهن عميهود جي پٽ اليسمع پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني افرائيم جو سردار هو.

49 هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو؛ يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

50 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

51 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

52 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

53 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عميهود جي پٽ اليسمع جو نذرانو.

54 اٺين ڏينهن فداهصور جي پٽ جملي ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني منسي جو سردار هو.

55 هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو؛ يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

56 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

57 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

58 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

59 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو فداهصور جي پٽ جملي ايل جو نذرانو.

60 نائين ڏينهن جدعونيءَ جي پٽ ابدان پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني بنيمين جو سردار هو.

61 هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي، اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

62 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

63 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

64 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

65 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو جدعونيءَ جي پٽ ابدان جو نذرانو.

66 ڏهين ڏينهن عميشديءَ جي پٽ اخيعزر پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني دان جو سردار هو.

67 هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

68 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

69 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

70 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

71 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عميشديءَ جي پٽ اخيعزر جو نذرانو.

72 يارهين ڏينهن عڪران جي پٽ فجعي ايل پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني آشر جو سردار هو.

73 هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

74 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

75 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

76 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

77 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عڪران جي پٽ فجعي ايل جو نذرانو.

78 ٻارهين ڏينهن عينان جي پٽ اخيرع پنهنجو نذرانو پيش ڪيو، جو بني نفتاليءَ جو سردار هو.

79 هن پنهنجو نذرانو هي ڏنو: يعني چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ چانديءَ جو هڪڙو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛

80 ۽ ڏهن مشقالن جو هڪڙو سونو چمچو لوبان سان ڀريل؛

81 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، هڪڙو گهٽو، ۽ هڪڙو يڪسالو گهيٽو؛

82 ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر؛

83 ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ ٻہ ڏاند، پنج گهٽا، پنج ٻڪر ۽ پنج يڪسالا گهيٽا؛ اهو هو عينان جي پٽ اخيرع جو نذرانو.

84 سو جنهن ڏينهن قربانگاهہ کي مسح ڪري مخصوص ڪيو ويو، تنهن ڏينهن بني اسرائيل جي سردارن جيڪي نذرانا ڏنا، سي هي هئا، يعني ٻارهن چانديءَ جا ٿالهہ، ٻارهن چانديءَ جا پيالا، ۽ ٻارهن سونا چمچا؛

85 هرهڪ چانديءَ جي ٿالهہ جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ هرهڪ پيالي جي تور ستر مشقال هئي؛ سڀني ٿانون جي چاندي ٻہ هزار ۽ چار سؤ مشقال هئي؛

86 ٻارهن سونا چمچا لوبان سان ڀريل هئا، ۽ هرهڪ چمچي جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا ڏهہ مشقال هئي، سڀني چمچن جو سون هڪ سؤ ويهہ مشقال هو؛

87 سوختني قربانيءَ لاءِ ٻارهن وهڙا، ٻارهن گهٽا، ۽ ٻارهن يڪسالا گهيٽا ۽ انهن جي کاڌي جي قرباني؛ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻارهن ٻڪر؛

88 سلامتيءَ جي قربانين لاءِ چوويهہ ڏاند، سٺ گهٽا، سٺ ٻڪر ۽ سٺ يڪسالا گهيٽا؛ اهو قربانگاهہ جي مسح ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ جو نذرانو هو.

89 ۽ جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن شاهديءَ واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن تان ٻنهي ڪروبين جي وچ مان هن هڪڙو آواز ٻڌو، جنهن ساڻس ڳالهايو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan