Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 6 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ

2 بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن ڪو مرد يا ڪا زال ڪا خاص مڃتا مڃي، ۽ خداوند جي لاءِ نذير ٿيڻ واسطي ڇِلي ۾ ويهي:

3 تڏهن هو پاڻ کي شراب ۽ نشيدار شين کان پري رکي؛ هو شراب جو سرڪو، يا ٻيءَ نشي واريءَ شيءِ جو سرڪو نہ پئي، نڪي ڊاک جو رس پئي، نڪي تازي يا سڪل ڊاک کائي.

4 ۽ پنهنجي ڇِلي جي ڏينهن ۾ هو اهڙي ڪابہ شيءِ نہ کائي، جا ڊاک مان جڙيل هجي، ٻج کان وٺي کل تائين.

5 هو پنهنجي مڃتا جي پرهيزگاريءَ واري عرصي ۾ پنهنجي مٿي تي پاڪي نہ گهمائي، جيسين ڪ اهي ڏينهن پورا ٿين، جن ۾ هن پاڻ کي خداوند جي لاءِ نذير ڪيو هجي. هو انهي عرصي ۾ پاڪ رهي، ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.

6 جيترا ڏينهن هو پاڻ کي خداوند جي لاءِ نذير ڪري، اوترا ڏينهن هو ڪنهن مردي جي ويجهو نہ وڃي.

7 هو پنهنجي پيءُ، يا پنهنجيءَ ماءُ، يا پنهنجي ڀاءُ، يا پنهنجيءَ ڀيڻ جي موت تي بہ پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو خداوند جي لاءِ پرهيزگاريءَ جي مڃتا سندس مٿي تي آهي.

8 پرهيزگاريءَ وارا سڀ ڏينهن هو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.

9 ۽ جيڪڏهن انهي جي ڀر سان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي، ۽ سندس مڃتا وارو مٿو ناپاڪ ٿي پوي، تہ هو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن پنهنجو مٿو ڪوڙائي، يعني ستين ڏينهن اُهو ڪوڙائي.

10 ۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ آڻي.

11 ۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ طور، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ طور پيش ڪري، ۽ مردي جي ڪري جو هن کان گناهہ ٿيو آهي، تنهن جي لاءِ ڪفارو ڪري، ۽ ساڳئي ڏينهن هو پنهنجو مٿو پاڪ ڪري.

12 پوءِ هو خداوند جي لاءِ نذير ٿيڻ جي واسطي ڇِلي ۾ ويهي، ۽ خطا جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو يڪسالو گهيٽو آڻي: پر اڳيان ڏينهن حساب ۾ نہ ايندا؛ ڇالاءِ جو هن جو ڇِلو ناپاڪ ٿي پيو.

13 جڏهن ڇِلي وارا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن نذير جي لاءِ هي قانون آهي: يعني هو جماعت واري تنبوءَ جي در تي حاضر ڪيو وڃي:

14 ۽ هو خداوند جي لاءِ هيءَ قرباني پيش ڪري، يعني سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو بي عيب يڪسالو گهيٽو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ سلامتيءَ جي لاءِ هڪڙو بي عيب گهٽو،

15 فطيري مانيءَ جي ٽوڪري، يعني تيل ۾ ڳوهيل ميدي جا ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون، ۽ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واريون قربانيون.

16 پوءِ ڪاهن اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي حاضر ڪري، ۽ هن جي گناهہ جي قرباني، ۽ هن جي سوختني قرباني چاڙهي.

17 پوءِ هو اهو سلامتيءَ جي قربانيءَ وارو گهٽو، ۽ فطيري مانيءَ جي ٽوڪري، خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري، ۽ ڪاهن هن جي کاڌي جي قرباني، ۽ هن جي پيئڻ واري قرباني بہ پيش ڪري.

18 پوءِ نذير جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ پنهنجو مڃتا وارو مٿو ڪوڙائي، ۽ پنهنجي مڃتا واري مٿي جا وار کڻي سلامتيءَ جي قربانيءَ جي هيٺان ٻرندڙ باهہ تي رکي.

19 ۽ جڏهن هو نذير پنهنجو مڃتا وارو مٿو ڪوڙائي ڇڏي، تڏهن ڪاهن، انهي گهٽي جي پڪل دستي، ۽ ٽوڪريءَ مان هڪڙو فطيري ڍوڍو، ۽ هڪڙي فطيري ٽڪي ڪڍي، هن جي هٿن تي رکي:

20 پوءِ ڪاهن انهي کي لوڏڻ واري قربانيءَ طور لوڏي؛ اُها لوڏيل قربانيءَ جي سيني، ۽ کڻڻ واريءَ قربانيءَ جي ران، ڪاهن جي لاءِ پاڪ آهي: تنهن کان پوءِ نذير کي مئي پيئڻ جي موڪل آهي.

21 جيڪو نذير ڪا مڃتا مڃي، تنهن بابت، ۽ پنهنجيءَ پرهيزگاريءَ جي لاءِ خداوند جي حضوريءَ ۾ جيڪي پيش ڪري تنهن بابت، ۽ انهي کان سواءِ ٻيو جيڪي هٿ اچي سگهيس، تنهن بابت اهو قانون آهي؛ ۽ جيڪا مڃتا هو مڃي، تنهن موجب پنهنجيءَ پرهيزگاريءَ جي قانون تي عمل ڪري.

22 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ

23 هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ، تہ اوهين بني اسرائيل کي هن ريت دعا ڪجو؛ ۽ انهن کي چئجو تہ

24 شل خداوند توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي سنڀالي؛

25 شل خداوند پنهنجي چهري جو نور توتي چمڪائي، ۽ توتي فضل ڪري؛

26 شل خداوند پنهنجو منهن تو ڏانهن ڦيرائي ۽ توکي سلامتي بخشي.

27 انهيءَ طرح هو منهنجو نالو بني اسرائيل ۾ قائم ڪن، ۽ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan