ڳاڻاٽو 5 - Sindhi Bible1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 2 بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر ڪنهن ڪوڙهيي کي، ۽ هر ڪنهن پرميل جي مرض واري کي، ۽ جيڪو مردي جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍن. 3 اهو مرد هجي توڙي زال، پر اوهين انهي کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍجو؛ تہ جنهن منزلگاهہ ۾ آءٌ رهان ٿو، تنهن کي پليت نہ ڪن. 4 سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، يعني انهن کي منزل گاهہ کان ڪڍي ٻاهر ڪيائون: جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو. 5 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 6 بني اسرائيل کي چئُہ تہ جڏهن ڪو مرد يا زال، ڪو اهڙو گناهہ ڪري، جهڙو ماڻهو ڪندا آهن، ۽ خداوند جي حڪم عدولي ڪري ڏوهاري ٿئي: 7 تڏهن اهي پنهنجي گناهہ جا قبولدار ٿين، ۽ پنهنجي ڏوهہ جو پورو عيوضو ڀري ڏين، ۽ انهي جو پنجون حصو انهي ۾ وڌيڪ گڏين، پوءِ اهو انهي کي ڏين، جن جو انهن ڏوهہ ڪيو هجي. 8 پر جيڪڏهن انهي ماڻهوءَ جو ڪو اهڙو عزيز خويش نہ هجي، جنهن کي اهو عيوضو ڏنو وڃي، تہ پوءِ اهڙي ڏوهہ جو عيوضو، جيڪو خداوند جي لاءِ ڏيڻ ۾ اچي سو ڪاهن جو آهي؛ انهي کان سواءِ ڪفاري جو گهٽو، جنهن سان ڪفارو ڪيو وڃي، سو بہ ڪاهن جو آهي. 9 ۽ بني اسرائيل جيڪي شيون مخصوص ڪري ڪاهن وٽ آڻين، تن مان هر ڪا کڻڻ واري قرباني انهي جي ٿيندي. 10 ۽ هر ڪنهن شخص جي مخصوص ڪيل شيءِ بہ اُنهي جي ٿيندي: جيڪو بہ ماڻهو ڪا شيءِ ڪاهن کي ڏيندو سا انهي جي ٿيندي. 11 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 12 بني اسرائيل کي چئُہ تہ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي زال گمراهہ ٿئي، ۽ ساڻس بيوفائي ڪري، 13 ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ سان سمهي، ۽ انهيءَ ڳالهہ جي هن جي مڙس کي خبر نہ هجي، ۽ اها ڳالهہ کانئس لڪائي وڃي، ۽ هوءَ پليت ٿئي، پر هن جي برخلاف ڪو شاهد نہ هجي، ۽ نڪي ڏوهہ ڪندي پڪڙي هجي؛ 14 پر ناپاڪ ٿي هجي، ۽ انهي جي مڙس کي غيرت جي ڪري جوش اچي وڃي، ۽ هو پنهنجيءَ زال جي نسبت ۾ بدگمان ٿئي: يا جي هوءَ ناپاڪ نہ ٿي هجي پر تہ بہ هن کي غيرت اچي، ۽ هو بدگمان ٿئي؛ 15 تہ پوءِ اهو ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي، ۽ انهيءَ جي طرفان جوَن جي اٽي جي هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو نذر طور کڻي اچي، ۽ انهي جي مٿان نڪي تيل وجهي نڪي لوبان رکي؛ ڇالاءِ جو اها غيرت جي واسطي کاڌي جي قرباني آهي، يعني يادگيريءَ جي لاءِ کاڌي جي قرباني آهي، جا گناهہ جي يادگيري ٿي ڏياري. 16 پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي ويجهو آڻي، خداوند جي حضور ۾ بيهاري؛ 17 ۽ ڪاهن هڪڙي ٺڪر جي ٿانو ۾ پاڪ پاڻي کڻي، ۽ عبادت واري خيمي جي فرش تان مٽي کڻي انهي پاڻيءَ ۾ وجهي. 18 پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي خداوند جي حضور ۾ بيهاري ۽ سندس مٿي جا وار ڇوڙائي ڇڏي، ۽ يادگيريءَ واري کاڌي جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جا غيرت جي کاڌي جي قرباني آهي، ۽ ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو ڪؤڙو پاڻي کڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري؛ 19 ۽ انهيءَ زال کي قسم کڻائي چوي تہ جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو توسان نہ ستو آهي، ۽ جي تون مڙس هوندي گمراهہ ٿي ناپاڪ نہ ٿي آهين؛ تہ هي ڪؤڙو پاڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري، تنهن جي اثر کان بچيل آهين. 20 پر جيڪڏهن تون مڙس هوندي گمراهہ ٿي آهين، ۽ ناپاڪ ٿي آهين، ۽ تنهنجي مڙس کان سواءِ ٻيو ڪو ماڻهو توسان ستو آهي، 21 تہ ڪاهن انهيءَ زال کي لعنت جو قسم ڏئي، ۽ چويس تہ پوءِ شل خداوند تنهنجيءَ ران کي ساڙي ڳاري ڪيرائي ڇڏي، ۽ تنهنجي پيٽ کي سڄائي؛ جنهن ڪري تون پنهنجيءَ قوم ۾ لعنت ۽ قسم جو مثال بڻجين؛ 22 ۽ هي پاڻي جو لعنت ٿو پيدا ڪري، سو تنهنجن آنڊن ۾ وڃي تنهنجو پيٽ سڄائي، ۽ تنهنجيءَ ران کي ساڙي ڳاري ڪيرائي ڇڏي: ۽ اها زال چوي، آمين. 23 پوءِ ڪاهن اهي لعنتون هڪڙي ڪتاب ۾ لکي، انهي کي هن ڪؤڙي پاڻيءَ ۾ ڌوئي. 24 پوءِ اهو پاڻي جو لعنت پيدا ٿو ڪري، سو انهيءَ زال کي پياري، ۽ اهو لعنت پيدا ڪندڙ پاڻي انهيءَ زال جي پيٽ ۾ وڃي ڪؤڙو ٿي پوندو. 25 تنهن کان پوءِ ڪاهن انهيءَ زال جي هٿ مان غيرت واري کاڌي جي قرباني وٺي، ۽ اها خداوند جي حضور ۾ لوڏي قربانگاهہ تي آڻي: 26 ۽ ڪاهن انهيءَ کاڌي جي قربانيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري يادگيريءَ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙي، ۽ پوءِ زال کي اهو پاڻي پياري ڇڏي. 27 ۽ جڏهن هو کيس اهو پاڻي پياريندو، تڏهن هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هوءَ ناپاڪ ٿي هوندي، ۽ مڙس جي برخلاف ڏوهہ ڪيو هوندائين، تہ اهو لعنت پيدا ڪندڙ پاڻي سندس پيٽ ۾ وڃي ڪؤڙو ٿي پوندو، ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو، ۽ سندس ران سڙي ڳري ڪري پوندي، ۽ اها زال پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي ٿيندي. 28 پر جيڪڏهن اها زال ناپاڪ نہ ٿي هوندي ۽ پاڪ هوندي، تہ هوءَ بچي ويندي، ۽ اڳتي کيس اولاد ٿيندو. 29 سو جڏهن ڪا مڙس واري زال گمراهہ ٿي ناپاڪ ٿئي تہ انهيءَ جي لاءِ اهو غيرت جو قانون آهي. 30 يا جڏهن ڪنهن مرد کي غيرت جي ڪري جوش اچي وڃي، ۽ هو پنهنجيءَ زال جي نسبت ۾ بدگمان ٿئي؛ تڏهن هو پنهنجيءَ زال کي آڻي خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري، ۽ ڪاهن انهيءَ تي هي سارو قانون عمل ۾ آڻي. 31 پوءِ اهو ماڻهو ڏوهہ کان آزاد ٿيندو، ۽ اها زال پنهنجو ڏوهہ پاڻ تي کڻندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society