Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 4 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ،

2 بني لاويءَ مان، قهات جي پٽن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪريو.

3 ۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي، پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪريو.

4 جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪي تمام پاڪ شيون آهن، تن بابت قهات جي پٽن جي خدمت هيءَ آهي:

5 جڏهن منزل کڄي تڏهن هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃن، ۽ پردي وارو ڍڪ لاهين، ۽ شاهديءَ جي صندوق کي انهي سان ڍڪين،

6 ۽ مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش انهي تي وجهن، ۽ انهي جي مٿان آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.

7 ۽ نذر جي مانيءَ واريءَ ميز تي آسماني ڪپڙو وڇائين، ۽ انهيءَ تي رڪابيون، چمچا، وٽا، ۽ اوتڻ لاءِ پيالا رکن، ۽ هميشہ واري ماني بہ انهي تي رکن.

8 ۽ انهيءَ جي مٿان قرمزي ڪپڙو وجهن، ۽ پوءِ انهيءَ کي مل ار مڇيءَ جي کل سان ڍڪي ڇڏين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.

9 پوءِ هو آسماني رنگ جو ڪپڙو کڻي روشنائيءَ وارو شمعدان ۽ انهي جا ڏيئا، ۽ ڦلن لاهڻ جا چمٽا ۽ رڪابيون، ۽ تيل جا سڀ ٿانو، جيڪي انهي جي ڪم ۾ ٿا اچن، تن سڀني جي مٿان وجهن.

10 ۽ انهي کي سندس سڀني ٿانون سميت، مل ار مڇيءَ جي کل جي پوش ۾ رکن، ۽ پوءِ انهي کي پڃري جي مٿان رکن.

11 ۽ هو سوني قربانگاهہ جي مٿان آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي، پوءِ انهي کي مل ار مڇيءَ جي کل سان ڍڪين، ۽ منجهس ڏنڊا وجهن.

12 ۽ سڀيئي ٿانو، جيڪي پاڪ مڪان جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ کڻي هڪڙي آسماني رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙهي، پوءِ مل ار مڇيءَ جي کل جي پوشن سان ڍڪين، ۽ اهي بہ پڃري تي رکن.

13 ۽ قربانگاهہ مان رک ڪڍي، مٿس آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين.

14 ۽ جيڪي ٿانو انهي جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ، يعني منگالا ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، مطلب تہ قربانگاهہ جا سڀ ٿانو، انهيءَ جي مٿان رکن، ۽ انهيءَ تي مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش ڍڪي پوءِ منجهس ڏنڊا وجهن.

15 ۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.

16 ۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جو ڪم هي ٿيندو: تہ هو ڏيئن ٻارڻ جي تيل، ۽ خوشبودار مصالحہ، ۽ نذر جي هميشہ واري قرباني، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل، ۽ عبادت جي خيمي، ۽ انهي جي سموري سامان، ۽ پاڪ مڪان ۽ انهي جي سموري سامان، جي نگهباني ڪري.

17 ۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو، ۽ چيائين تہ

18 اوهين بني قهات جي خاندان واري قبيلي کي، لاوين مان تباهہ ٿيڻ نہ ڏيو:

19 ۽ اهي تمام پاڪ شين جي ويجهو اچڻ جي ڪري مري نہ پون، تنهنڪري اوهين هيئن ڪريو تہ هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃي هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت، ۽ پنهنجي پنهنجي بار کڻڻ لاءِ مقرر ڪن:

20 پر هو پاڪ مڪان ڏسڻ واسطي هڪڙي لحظي لاءِ بہ اندر نہ وڃن، متان هو مري پون.

21 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

22 جيرسون جي پٽن جو بہ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪر.

23 ۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪر.

24 بني جيرسون جي خاندانن جو، خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ لاءِ هي ڪم آهي:

25 تہ هو عبادت جي خيمي جا پردا، ۽ جماعت وارو تنبو ۽ انهي جو ڍڪ، ۽ انهي جي مٿان جيڪو مل ار مڇيءَ جي کل جو پوش آهي، سو ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در جو پردو،

26 ۽ خيمي ۽ قربانگاهہ جي آس پاس واري اڱڻ جا پردا، ۽ اڱڻ جي دروازي جو پردو، ۽ انهن جا رسا، ۽ انهي جي خدمت جو سڀ سامان کڻن؛ ۽ ٻيو جيڪو ڪم انهن شين سان ڪيو وڃي، سو سڀ اهي ئي ڪن.

27 بني جيرسون جو خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ جو سمورو ڪم، هارون ۽ سندس پٽن جي حڪم موجب ٿئي: ۽ جيڪو بار هنن کي کڻڻو هجي، سو اوهين مقرر ڪري انهن جي ذمي ڏجو.

28 جماعت واري تنبوءَ ۾، بني جيرسون جي خاندانن جي اها خدمت آهي، ۽ اهي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ رهن.

29 ۽ تون مراريءَ جي پٽن جو بہ سندس خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪر.

30 ۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪو جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿئي، تن سڀني جو شمار ڪر.

31 ۽ جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ لاءِ هنن جو هي ڪم آهي: تہ هو عبادت جي خيمي جا تختا ۽ انهي جا گز، ۽ انهي جا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا،

32 ۽ انهي جي آس پاس واري اڱڻ جا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا، ۽ انهن جون ڪليون، ۽ انهن جا رسا، سڀني اوزارن ۽ خدمت جي سامان سميت، اهي ئي کڻن. مطلب تہ جيڪي بہ اوزار انهن کي کڻڻا هجن، سي اوهين ناليوار انهن جي ذمي ڏجو.

33 جماعت واري تنبوءَ ۾ بني مراريءَ جي خاندانن جو، هر ڪنهن قسم جي خدمت موافق، هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ اهوئي ڪم آهي.

34 سو موسيٰ، ۽ هارون، ۽ جماعت جي سردارن، قهات جي پٽن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪيو.

35 ۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا، تن سڀني جو شمار ڪيائون؛

36 ۽ انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح سندن خاندانن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ٻہ هزار ست سؤ ۽ پنجاهہ هئا.

37 سو بني قهات جي خاندانن مان جن جو شمار ڪيو ويو، يعني جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪندا هئا، سي اهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي هٿان موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.

38 ۽ جيرسون جي پٽن مان جن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو،

39 ۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا،

40 يعني انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ٻہ هزار ڇهہ سؤ ۽ ٽيهہ هئا.

41 يعني جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪندا هئا، سي اهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي هٿان موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.

42 ۽ مراريءَ جي پٽن مان جن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو،

43 ۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا،

44 يعني انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح سندن خاندانن موجب شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ٽي هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.

45 سو بني مراريءَ جي خاندانن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي اِهي ئي آهن، جن جو موسيٰ جي معرفت موڪليل، خداوند جي حڪم موجب، موسيٰ ۽ هارون شمار ڪيو.

46 سو لاوين مان جيڪي شمار ڪيا ويا، يعني جن جو موسيٰ، ۽ هارون، ۽ اسرائيل جي سردارن، سندن خاندانن ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو،

47 ۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ بار کڻڻ جي ڪم لاءِ خدمت ۾ شامل ٿيا، تن سڀني جو شمار ڪيائون.

48 سو انهن مان جن جو اهڙيءَ طرح شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي اٺ هزار پنج سؤ ۽ اسي هئا.

49 اهي خداوند جي حڪم موجب، پنهنجي پنهنجي خدمت، ۽ بار کڻڻ جي ڪم موجب، موسيٰ جي هٿان شمار ڪيا ويا: انهيءَ طرح جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن انهن جو شمار ڪيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan