Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 35 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند يردن جي ڪناري تي، موآب جي ميدان ۾، يريحو وٽ موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ

2 بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ پنهنجيءَ موروثي ملڪيت مان ڪي شهر لاوين کي رهڻ لاءِ ڏين؛ ۽ انهن شهرن جي پسگردائي بہ اوهين لاوين کي ڏيو.

3 شهرن ۾ تہ هو پاڻ رهندا؛ ۽ باقي انهن جون ٻهراڙيون سندن ڍورن، ۽ مال، ۽ جانورن لاءِ ٿينديون.

4 ۽ شهرن جي پسگردائي، جا اوهين لاوين کي ڏيو، سا شهر جي ڪوٽ کان ٻاهرئين پاسي چوڌاري هزار هٿن تائين هئڻ گهرجي.

5 ۽ اوهين شهر جي ٻاهران اُڀرندي ڏانهن ٻہ هزار هٿ ماپجو، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٻہ هزار هٿ، ۽ الهندي ڏانهن ٻہ هزار هٿ، ۽ اُتر ڏانهن ٻہ هزار هٿ، پوءِ شهر انهن جي وچ ۾ ٿيندو. اهي هن جي لاءِ شهرن جون ٻهراڙيون ٿينديون.

6 ۽ جيڪي شهر اوهين لاوين کي ڏيندا، تن مان ڇهہ شهر پناهہ جا هجن، جن ۾ خوني ماڻهو ڀڄي وڃي رهن: انهن کان سواءِ اوهين ٻائيتاليهہ شهر ٻيا بہ اڏجو.

7 سڀ شهر جي اوهين لاوين کي ڏيندا سي اٺيتاليهہ هجن. اهي اوهين انهن جي ٻهراڙين سميت ڏجو.

8 ۽ جيڪي شهر اوهين ڏيو، سي بني اسرائيل جي موروثي ملڪيت مان هجن، گهڻن کان گهڻا وٺجو؛ ۽ ٿورن کان ٿورا وٺجو: هر ڪنهن کي جيڪو ورثو ملي تنهن موجب پنهنجن شهرن مان لاوين کي ڏئي.

9 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ

10 بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جڏهن اوهين يردن لنگهي ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو،

11 تڏهن پنهنجي لاءِ ڪي شهر مقرر ڪجو، جي اوهان جي لاءِ پناهہ جا شهر هجن؛ تہ جيڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن جو خون ڪري، سو ڀڄي وڃي اتي رهي.

12 انهن شهرن ۾ اوهان کي وير وٺڻ واري کان پناهہ ملندي؛ انهي لاءِ تہ جيسين خوني جماعت جي اڳيان فيصلي جي لاءِ حاضر نہ ٿئي، تيسين اهو ماريو نہ وڃي.

13 ۽ پناهہ جا شهر جي اوهين ڏيو سي ڇهہ هجن.

14 اوهين ٽي شهر يردن جي پرئين ڀر، ۽ ٽي شهر ڪنعان جي ملڪ ۾ ڏجو: اهي پناهہ جا شهر ٿيندا.

15 اهي ڇهہ شهر بني اسرائيل جي لاءِ، ۽ پرديسيءَ جي لاءِ، ۽ جيڪو ڌاريو اوهان منجهہ اچي رهي، انهي جي لاءِ پناهہ جا شهر ٿيندا: انهي لاءِ تہ جيڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن جو خون ڪري، سو ڀڄي اتي وڃي رهي.

16 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي لوهہ جي هٿيار سان اهڙو ماري، جو اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي.

17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي اهڙو پهڻ هٿ سان اُڇلائي هڻي، جنهن سان موت ٿيڻ جو امڪان هجي، ۽ اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي.

18 يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي اهڙي لٺ هڻي، جنهن سان موت ٿيڻ جو امڪان هجي، ۽ اهو ماڻهو مري پوي، تہ هو خوني آهي: اهڙو خوني ضرور قتل ڪيو وڃي.

19 جيڪو خون جو وير وٺڻ وارو هجي، سو پاڻ اهڙي خونيءَ کي ماري: جڏهن اهو گڏجي وڃيس تڏهن انهي کي ماري وجهي.

20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو دشمنيءَ جي ڪري ڪنهن کي ڌڪو ڏئي، يا لڪي وجهہ وٺي ڪا شيءِ اُڇلائي هڻيس، جنهنڪري اهو مري پوي؛

21 يا دشمنيءَ جي ڪري هٿ سان ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ تہ ڌڪ هڻڻ وارو ضرور قتل ڪيو وڃي؛ هو خوني آهي: ۽ خون جي وير جي وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي جڏهن اهو گڏجيس، تڏهن ماري وجهي.

22 پر جيڪڏهن هو دشمنيءَ کان سواءِ اوچتو انهي کي ڌڪو ڏئي، يا لڪي ويهڻ کان سواءِ ڪا شيءِ مٿس اُڇلائي،

23 يا انهي کي ڏسڻ کان سواءِ اهڙو پهڻ اُڇلائي هڻي، جنهن سان موت ٿيڻ جو امڪان هجي ۽ انهي جي لڳڻ سان اهو مري وڃي، ۽ هو انهي جو دشمن نہ هجي، نڪي انهي جو مٺگهرو هجي:

24 تہ پوءِ جماعت انهي ڌڪ هڻندڙ، ۽ خون جي وير وٺڻ واري جي وچ ۾ هنن حڪمن موجب فيصلو ڪري:

25 ۽ جماعت انهي خونيءَ کي انهي خون جي وير وٺڻ واري جي چنبي مان ڇڏائي، ۽ جماعت ئي هن کي سندس پناهہ جي شهر ۾ موڪلي ڏئي، جتي هو ڀڄي ويو هجي: ۽ پاڪ تيل سان مسح ڪيل سردار ڪاهن جي موت تائين، هو اتي ئي رهي.

26 پر جيڪڏهن اهو خوني جنهن شهر ۾ ڀڄي ويو هجي، تنهن جيءَ حد کان ڪنهن بہ وقت ٻاهر نڪري،

27 ۽ جيڪڏهن خون جي وير وٺڻ واري کي اهو پناهہ جي شهر جي حد جي ٻاهر گڏجي وڃي، ۽ اهو وير وٺڻ وارو انهي خونيءَ کي ماري وجهي؛ تہ انهي تي خون جو ڏوهہ ڪونہ ايندو:

28 ڇالاءِ جو هن کي گهربو هو تہ سردار ڪاهن جي مرڻ تائين پنهنجي پناهہ جي شهر ۾ رهي: ۽ سردار ڪاهن جي مرڻ کان پوءِ اهو خوني پنهنجي ملڪيت واريءَ زمين ۾ موٽي اچي.

29 اهي ڳالهيون اوهان لاءِ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ ۽ اوهان جي سڀني رهڻ جي هنڌن ۾ فيصلي جو قانون ٿينديون.

30 جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجهي، تہ اهو خوني، شاهدن جي زبانيءَ تي قتل ڪيو وڃي: پر هڪڙي شاهد جي زبانيءَ تي ڪوبہ ماڻهو ماريو نہ وڃي.

31 تنهن کان سواءِ جيڪو خوني قتل جي لائق هجي، تنهن کي سندس جان جي عيوضي ۾ پئسا وٺي ڇڏي نہ ڏجو: اهو ضرور قتل ڪيو وڃي.

32 ۽ جيڪو پنهنجي پناهہ جي شهر ۾ ڀڄي وڃي، تنهن کي سردار ڪاهن جي مرڻ کان اڳي سندس عيوضي جا پئسا وٺي، سندس زمين ۾ موٽڻ جي موڪل نہ ڏجو.

33 سو جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا، تنهن کي ناپاڪ نہ ڪجو: ڇالاءِ جو رت ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري: ڇو تہ جنهن ملڪ ۾ رت وهائجي ٿو، تنهن جو ڪفارو خونيءَ جي رت کان سواءِ ٿي نٿو سگهي.

34 جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا، ۽ جنهن ملڪ ۾ آءٌ بہ ٿو رهان، تنهن کي پليت نہ ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند بني اسرائيل جي وچ ۾ ٿو رهان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan