Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 34 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ

2 بني اسرائيل کي حڪم ڏئي چئُہ، تہ جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، (هي اهو ملڪ آهي، جو اوهان جو ورثو ٿيندو، يعني ڪنعان جو ملڪ سندس حدن موجب.)

3 تڏهن اوهان جي ڏکڻ واري سرحد صين جي بيابان کان وٺي ادوم جي سرحد تائين ٿيندي، ۽ اوهان جي ڏاکڻي سرحد کاري سمنڊ جي ڇيڙي کان وٺي اُڀرندي ڏانهن ٿيندي:

4 اوهان جي سرحد عقرابيم جي چاڙهيءَ جي ڏکڻ کان ڦري، صين تائين ويندي: اُتان وري قادس برنيع جي ڏکڻ ڏانهن ويندي؛ اُتان وري حصرادار کان لنگهي عضمون تائين ويندي:

5 پوءِ سرحد عضمون کان ڦري، مصر جي نديءَ تائين ويندي، ۽ سمنڊ تي وڃي پوري ٿيندي.

6 ۽ اُلهندي واري سرحد اوهان جي لاءِ وڏو سمنڊ ۽ انهي جو ڪنارو ٿيندي: اها اوهان جي اُلهندي واري سرحد ٿيندي.

7 ۽ اوهان جي اُتر واري سرحد: وڏي سمنڊ کان وٺي حور جبل تائين رکجو.

8 ۽ حور جبل کان اوهين حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ تائين نشان ڪجو؛ ۽ اتان نڪري سرحد ضداد تائين ويندي:

9 پوءِ سرحد اڳتي لنگهي زفرون تائين ويندي، ۽ اتان نڪري حصرعينان تي وڃي بيهندي: اها اوهان جي اُتر واري سرحد ٿيندي.

10 ۽ اوهين پنهنجي اُڀرندي واري سرحد حصرعينان کان وٺي سفام تائين نشان ڪجو:

11 ۽ سرحد سفام کان لهي ربلہ تائين، عين جي اُڀرندي پاسي ويندي؛ وري اتان لهي اڀرندي ڏانهن ڪنرت جي سمنڊ تائين ويندي:

12 پوءِ سرحد اتان لهي يردن تائين ويندي، ۽ اتان نڪري وڃي کاري سمنڊ تي بيهندي: اهو ملڪ سندس چئن ئي طرفن جي حدن موجب اوهان جو ٿيندو.

13 پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ملڪ اوهين پُکا وجهي ورهائي ورثي ۾ کڻندا، ۽ جنهن جي بابت خداوند حڪم ڪيو آهي، تہ انهن نوَن قبيلن ۽ اڌ قبيلي کي ڏئي سو اهو آهي:

14 ڇالاءِ جو بني روبن جي قبيلي کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، ۽ بني جد جي قبيلي کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن ورثو مليو آهي، ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي بہ سندس ورثو ملي چڪو آهي:

15 انهن اڍائي قبيلن کي سندن ورثو، سج اُڀرڻ واري پاسي يردن جي هن ڀر، يريحو وٽ اُڀرندي ڏانهن ملي چڪو آهي.

16 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس، تہ

17 جيڪي ماڻهو انهي ملڪ جو ورثو اوهان کي ورهائي ڏيندا، تن جا نالا هي آهن: اليعزر ڪاهن، ۽ نون جو پٽ يشوع.

18 ۽ اوهين ملڪ جو ورثو ورهائڻ لاءِ هرهڪ قبيلي مان هڪڙو سردار پاڻ سان کڻجو.

19 ۽ انهن ماڻهن جا نالا هي آهن: يهوداهہ جي قبيلي مان، يفنہ جو پٽ ڪالب.

20 بني شمعون جي قبيلي مان، عميهود جو پٽ شموئيل.

21 بنيمين جي قبيلي مان، ڪسلون جو پٽ اليداد.

22 بني دان جي قبيلي جو سردار، يگليءَ جو پٽ بقي.

23 بني يوسف مان، بني منسيءَ جي قبيلي جو سردار، افود جو پٽ حني ايل.

24 بني افرائيم جي قبيلي جو سردار، سفتان جو پٽ قموايل.

25 بني زبولون جي قبيلي جو سردار، فرناڪ جو پٽ اليصفن.

26 بني اشڪار جي قبيلي جو سردار، عزان جو پٽ فلتي ايل.

27 بني آشر جي قبيلي جو سردار، شلوميءَ جو پٽ اخيهود.

28 بني نفتاليءَ جي قبيلي جو سردار، عميهود جو پٽ فداهيل.

29 هي اهي ماڻهو آهن جن کي خداوند حڪم ڏنو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل کي ورثو ورهائي ڏين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan