ڳاڻاٽو 33 - Sindhi Bible1 جڏهن بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون جي هٿ هيٺ پنهنجن لشڪرن سان گڏ، مصر جي ملڪ مان نڪري هليا، تڏهن انهن هي منزلون ڪيون. 2 ۽ موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن جي مسافريءَ جو احوال سندن منزلن مطابق لکي ڇڏيو: ۽ انهن جي مسافريءَ جون منزلون هي هيون. 3 هو پهرئين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ رعمسيس مان ڪوچ ڪري نڪتا؛ يعني فسح جي عيد جي ٻئي ڏينهن صبح جو بني اسرائيل سڀني مصرين جي ڏسندي ڏاڍي فخر سان روانا ٿيا، 4 انهي وقت مصرين پنهنجا اهي پهريتا ٻار پئي دفن ڪيا، جن کي خداوند ماريو هو: خداوند انهن جي معبودن کي بہ سزا ڏني هئي. 5 سو بني اسرائيل رعمسيس مان ڪوچ ڪري نڪتا، ۽ سڪات ۾ اچي منزل ڪيائون. 6 وري سڪات مان روانا ٿي، ايتام ۾ اچي تنبو کوڙيائون، جو بيابان جي ڪناري تي آهي. 7 پوءِ ايتام مان ڪوچ ڪري، في هخيروت ڏانهن موٽيا، جو بعل صفون جي سامهون آهي: ۽ مجدال ۾ اچي منزل ڪيائون. 8 پوءِ هو في هخيروت مان روانا ٿيا، ۽ سمنڊ جي وچ مان لنگهي بيابان ۾ آيا: ۽ ايتام جي بيابان ۾، ٽن ڏينهن جو پنڌ ڪري، مارہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 9 پوءِ مارہ مان نڪري، ايليم ۾ آيا: ۽ ايليم ۾ پاڻيءَ جا ٻارهن چشما، ۽ کجين جا ستر وڻ هئا؛ ۽ اُتي هنن منزل ڪئي. 10 وري هو ايليم مان روانا ٿيا، ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي ڀرسان اچي تنبو کوڙيائون. 11 پوءِ ڳاڙهي سمنڊ وٽان ڪوچ ڪري، صين جي بيابان ۾ اچي منزل ڪيائون. 12 پوءِ صين جي بيابان مان روانا ٿي، دفقہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 13 وري دفقہ مان نڪري، آلوس ۾ اچي لٿا. 14 ۽ آلوس مان ڪوچ ڪري، رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون، جتي هنن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ مليو. 15 پوءِ هو رفيديم مان روانا ٿيا، ۽ سينا جي بيابان ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 16 وري سينا جي بيابان مان نڪري، قبروت هتاوہ ۾ اچي لٿا. 17 ۽ قبروت هتاوہ مان ڪوچ ڪري حصيرات ۾ اچي منزل ڪيائون. 18 ۽ حصيرات مان روانا ٿي، رتمہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 19 پوءِ رتمہ مان نڪري، رمون فارص ۾ اچي لٿا. 20 ۽ رمون فارص مان ڪوچ ڪري، لبناہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 21 ۽ لبناہ مان روانا ٿي، ريسہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 22 وري ريسہ مان نڪري، قهيلات ۾ اچي لٿا. 23 قهيلات مان ڪوچ ڪري، سافر جبل تي اچي منزل ڪيائون. 24 ۽ سافر جبل وٽان روانا ٿي، حرادہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 25 ۽ حرادہ مان نڪري مقهيلوت ۾ اچي لٿا. 26 پوءِ مقهيلوت مان ڪوچ ڪري، تحت ۾ اچي منزل ڪيائون، 27 ۽ تحت مان روانا ٿي، تارح ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 28 ۽ تارح مان نڪري، متقہ ۾ اچي لٿا. 29 وري متقہ مان ڪوچ ڪري، حشمونہ ۾ اچي منزل ڪيائون. 30 ۽ حشمونہ مان روانا ٿي، موسيروت ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 31 ۽ موسيروت مان نڪري، بني يعقان ۾ اچي لٿا. 32 وري بني يعقان مان ڪوچ ڪري، حورهجدجاد ۾ اچي منزل ڪيائون. 33 ۽ حورهجدجاد مان روانا ٿي، يوطبات ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 34 يوطبات مان نڪري، عبرونہ ۾ اچي لٿا. 35 پوءِ عبرونہ مان ڪوچ ڪري، عصيون جابر ۾ اچي منزل ڪيائون. 36 ۽ عصيون جابر مان روانا ٿي، صين جي بيابان ۾ (جو قادس بہ ٿو سڏجي،) تنهن ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 37 ۽ قادس مان ڪوچ ڪري، حور جبل وٽ ادوم ملڪ جي سرحد تي اچي منزل ڪيائون. 38 اتي هارون ڪاهن، خداوند جي حڪم موجب حور جبل تي چڙهي ويو، ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪتا، تنهن کان پوءِ چاليهين ورهيہ جي پنجين مهيني جي پهرين تاريخ هن اتي وفات ڪئي. 39 ۽ جڏهن هارون حور جبل تي وفات ڪئي، تڏهن هن جي عمر هڪ سؤ ٽيويهہ ورهيہ هئي. 40 ۽ عراد جو ڪنعاني بادشاهہ، جو ڪنعان ملڪ جي ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن بني اسرائيل جي اچڻ جو ٻڌو. 41 پوءِ اهي حور جبل وٽان روانا ٿيا، ۽ ضلمونہ ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 42 وري ضلمونہ مان نڪري، فونون ۾ اچي لٿا. 43 ۽ فونون مان ڪوچ ڪري، اوبوت ۾ اچي منزل ڪيائون. 44 ۽ اوبوت مان روانا ٿي، موآب جي سرحد تي عئي عباريم ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 45 ۽ عيم مان نڪري، ديبون جد ۾ اچي لٿا. 46 وري ديبون جد مان ڪوچ ڪري، علمون دبلہ تايم ۾ اچي منزل ڪيائون. 47 ۽ علمون دبلہ تايم مان روانا ٿي، نبوءَ جي سامهون عباريم جي جبلن ۾ اچي تنبو کوڙيائون. 48 وري عباريم جي جبلن مان نڪري، يردن جي ڀرسان، موآب جي ميدان ۾، يريحو جي سامهون اچي لٿا. 49 ۽ هنن يردن جي ڀرسان بيت يسيموت کان وٺي، ابيل سطيم تائين موآب جي ميدان ۾ تنبو کوڙيا. 50 پوءِ خداوند يردن جي ڪناري تي، يريحو جي سامهون، موآب جي ميدان ۾ موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ، 51 جڏهن اوهين يردن ندي اُڪري، ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، 52 تڏهن اتي جي سڀني رهاڪن کي، پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍجو، ۽ انهن جون پٿر جون مورتون، ۽ پلٽيل مورتون برباد ڪري ڇڏجو، ۽ انهن جون اُتانهون جايون ڊاهي ڇڏجو: 53 ۽ اوهين اهو ملڪ هٿ ڪري انهي ۾ رهجو؛ ڇالاءِ جو مون اهو ملڪ اوهان کي ڏنو آهي. 54 ۽ اوهين اهو ملڪ پُکا وجهي، پنهنجن گهراڻن موجب ورثي طور ورهائي کڻجو؛ گهڻن کي گهڻو ورثو ڏجو، ۽ ٿورن کي ٿورو ورثو ڏجو: جنهن ماڻهو جي نالي، جنهن هنڌ جو پُکو پوي، اهو هنڌ انهي کي ڏنو وڃي؛ اوهان جي ابن ڏاڏن جي قبيلن موجب اوهان کي ورثو ملندو. 55 پر جيڪڏهن اوهين ملڪ جي رهاڪن کي پنهنجي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندا؛ تہ پوءِ جن کي اوهين اتي رهڻ ڏيندا، سي اوهان جي اکين ۾ ڇيتين وانگر، ۽ اوهانجن پاسن ۾ ڪنڊن وانگر ٿيندا، ۽ جنهن ملڪ ۾ اوهين رهندا، تنهن ۾ اهي اوهان کي ستائيندا. 56 ۽ نيٺ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون انهن سان ڪرڻ گهريو، تيئن آءٌ اوهان سان ڪندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society