Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 32 - Sindhi Bible

1 هاڻي بني روبن ۽ بني جد وٽ چوپايو مال تمام گهڻو هو: سو جڏهن انهن يعزير ۽ جلعاد جي زمين ڏٺي، ۽ سمجهيائون تہ اهو هنڌ چوپائي مال جي لائق آهي؛

2 تڏهن بني جد ۽ بني روبن اچي موسيٰ کي، ۽ اليعزر ڪاهن کي، ۽ جماعت جي سردارن کي چيو، تہ

3 عطارات، ۽ ديبون، ۽ يعزير، ۽ نمرہ، ۽ حسبون، ۽ اليعا ۽ شبام، ۽ نبو، ۽ بعون جو ملڪ،

4 يعني اهو ملڪ، جنهن کي خداوند اسرائيل جي جماعت جي اڳيان شڪست ڏني، انهي جي زمين چوپائي مال جي لاءِ تمام چڱي آهي، ۽ تنهنجن ٻانهن وٽ چوپايو مال آهي.

5 سو جيڪڏهن اسان تي تنهنجي مهر جي نظر آهي، تہ هي ملڪ تنهنجن ٻانهن کي موروثي ملڪيت ڪري ڏيئي ڇڏ؛ اسان کي يردن جي پرئين ڀر نہ لنگهاءِ.

6 تڏهن موسيٰ بني جد ۽ بني روبن کي چيو، تہ اوهان جا ڀائر جنگ تي ويندا ۽ اوهين هتي ويٺا رهندا ڇا؟

7 ڇو اوهين بني اسرائيل کي انهي ملڪ تائين پهچڻ کان دل شڪستو ٿا ڪريو، جو ملڪ خداوند هنن کي ڏنو آهي؟

8 اوهانجن ابن ڏاڏن بہ ائين ئي ڪيو، جڏهن مون انهن کي قادس برنيع مان هن ملڪ جي جاچ ڪرڻ لاءِ موڪليو هو،

9 ڇالاءِ تہ جڏهن هو اسڪال جي ماٿريءَ تائين ويا، ۽ انهي ملڪ کي ڏٺائون، تڏهن بني اسرائيل جي دل ڀڃي ڇڏيائون، تہ جيڪو ملڪ خداوند انهن کي ڏنو آهي تنهن ۾ نہ وڃن.

10 ۽ انهي ڏينهن خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن قسم کڻي چيو، تہ

11 جيڪي ماڻهو مصر مان نڪري آيا آهن، تن مان ڪوبہ، جنهن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هوندي، اهو ملڪ ڪين ڏسندو، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو؛ ڇالاءِ جو انهن منهنجي پوري تابعداري نہ ڪئي آهي:

12 پر يفنہ قنزيءَ جو پٽ ڪالب، ۽ نون جو پٽ يشوع اهو ڏسندا: جو هنن خداوند جي پوري تابعداري ڪئي آهي.

13 ۽ خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن کين چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو، جيسين ڪ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو، جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي نابود ٿي ويا.

14 ۽ ڏسو اوهين جي گنهگارن جو اولاد آهيو، سي پنهنجن ابن ڏاڏن جي جاءِ تي اُٿيا آهيو؛ انهي لاءِ تہ خداوند بني اسرائيل تي اڃا بہ وڌيڪ ڪاوڙجي.

15 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين هن جي تابعداريءَ کان ڦرندا، تہ هو وري بہ هنن کي بيابان ۾ ڇڏي ڏيندو؛ ۽ اوهين هنن سڀني ماڻهن کي برباد ڪندا.

16 تڏهن اهي سندس ويجهو اچي چوڻ لڳا تہ اسين هتي پنهنجن ڍورن جي لاءِ واڙا، ۽ ٻارن ٻچن لاءِ شهر ٻڌنداسين:

17 پر اسين پاڻ هٿيار ٻڌي بني اسرائيل جي اڳيان هلڻ لاءِ تيار ٿينداسين، جيسين ڪ هنن کي سندن جاءِ تائين پهچايون: باقي اسان جا ٻار ٻچا، هتي جي رهاڪن جي سببان ڪوٽن وارن شهرن ۾ رهندا.

18 ۽ جيسين بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجو ورثو هٿ نہ ڪندو، تيسين اسين پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي ڪين اينداسين.

19 ۽ اسين يردن جي پرئين ڀر، يا انهي کان اڳتي، هنن سان گڏ ورثو ڪين وٺنداسين؛ ڇالاءِ جو اسان جو ورثو يردن جي هن ڀر، اُڀرندي ڏانهن اسان کي ملي چڪو آهي.

20 تڏهن موسيٰ انهن کي چيو تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪريو، ۽ خداوند جي حضور ۾ هٿيار ٻڌي جنگ تي وڃو،

21 ۽ اوهان مان سڀيئي هٿياربند ماڻهو خداوند جي حضور ۾ يردن جي پرئين ڀر وڃن، جيسين ڪ خداوند پنهنجن دشمنن کي پنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي،

22 ۽ ملڪ خداوند جي حضور ۾ جيتجي وڃي؛ تنهن کان پوءِ اوهين موٽي اچو، تہ پوءِ اوهين خداوند جي حضور ۾، ۽ اسرائيل جي اڳيان بي قصور ٺهربا، ۽ هي ملڪ خداوند جي حضور ۾ اوهان کي موروثي ملڪيت ٿي ملندو.

23 پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا، تہ ڏسو، اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا: ۽ يقين ڄاڻجو، تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي جهليندو.

24 اوهين ڀلي پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ شهر، ۽ پنهنجين رڍن لاءِ واڙا جوڙيو؛ ۽ جيڪي اوهان جي واتان نڪتو آهي، سو ڪريو.

25 تڏهن بني جد، ۽ بني روبن موسيٰ سان گفتگو ڪري کيس چيو، تہ تنهنجا ٻانها ائين ئي ڪندا، جيئن اسان جي مالڪ فرمايو آهي.

26 اسان جا ٻار، اسان جون زالون، اسان جا ڌڻ، ۽ اسان جو سڀ چوپايو مال، جلعاد جي شهر ۾ رهندو:

27 ۽ اسين جي تنهنجا ٻانها آهيون، تن مان هرڪو هٿياربند ماڻهو، اسان جي مالڪ جي چوڻ موجب پرئين ڀر خداوند جي حضور ۾ جنگ تي ويندو.

28 تڏهن موسيٰ اليعزر ڪاهن کي، ۽ نون جي پٽ يشوع کي، ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن کي، انهن جي بابت وصيت ڪئي.

29 ۽ موسيٰ انهن کي چيو، تہ جيڪڏهن بني جد ۽ بني روبن مان هرڪو مرد ماڻهو هٿيار ٻڌي خداوند جي حضور ۾ اوهان سان گڏ يردن جي پرئين ڀر جنگ تي وڃي، ۽ اهو ملڪ اوهان جي قبضي ۾ اچي؛ تہ پوءِ اوهين جلعاد جو ملڪ انهن کي موروثي ملڪيت ڪري ڏجو:

30 پر جيڪڏهن اهي هٿيار ٻڌي اوهان سان گڏ پرئين ڀر نہ وڃن، تہ پوءِ انهن کي بہ ڪنعان جي ملڪ ۾ ورثو ملندو.

31 ۽ بني جد، ۽ بني روبن، ورندي ڏيئي چيو، تہ جيئن خداوند تنهنجن ٻانهن کي فرمايو آهي، تيئن ئي هو ڪندا.

32 اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي حضور ۾ پرئين ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ وينداسين، پر اسان جي موروثي ملڪيت يردن جي هن ڀر رهي.

33 تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون جي بادشاهت، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي بادشاهت، انهن جي شهرن ۽ حدن موجب، سمورو ملڪ، ۽ انهي جا شهر، بني جد، ۽ بني روبن، ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.

34 پوءِ بني جد ڪي شهر جوڙيا يعني ديبون، عطارات، عروعير،

35 عطرات شوفان، يعزير، يگبها؛

36 بيت نمرہ، ۽ بيت هاران: ۽ انهن جي چوڌاري ڀتيون ٻڌائون، ۽ رڍن جي لاءِ واڙا جوڙيائون.

37 ۽ بني روبن بہ، حسبون، اليعالي، قريتائم؛

38 نبو ۽ بعل معون، (جن جا نالا بدلائي ڇڏيائون) ۽ شبماہ جا شهر جوڙيا: ۽ جيڪي شهر جوڙيائون، تن کي ٻيا نالا ڏنائون.

39 ۽ منسيءَ جي پٽ مڪير جي گهراڻي، جلعاد جو ملڪ وڃي هٿ ڪيو، ۽ جيڪي اموري اتي رهندا هئا، تن کي هڪالي ڪڍيائون.

40 ۽ موسيٰ جلعاد جو ملڪ، منسيءَ جي پٽ مڪير جي گهراڻي کي ڏنو؛ ۽ هو اتي رهڻ لڳا.

41 ۽ منسيءَ جي پٽ يائير جي گهراڻي وارن، انهن جا ٻيا شهر وڃي هٿ ڪيا ۽ انهن جو نالو حووت يائير رکيائون.

42 ۽ نوبح جي گهراڻي وارن، قنات ۽ انهي جي آس پاس وارا ڳوٺ وڃي هٿ ڪيا، ۽ انهي کي پنهنجي نالي جي پٺيان نوبح سڏيائون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan