Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 31 - Sindhi Bible

1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 مديان جي ماڻهن کان بني اسرائيل جو وير وٺ: تنهن کان پوءِ تون پنهنجي قوم سان وڃي گڏبين.

3 ۽ موسيٰ ماڻهن کي چيو، تہ اوهين پاڻ مان ڪن کي هٿيار ٻڌائي، جنگ جي لاءِ تيار ڪريو تہ هو مديان تي ڪاهہ ڪن، ۽ خداوند جي لاءِ مديانين کان وير وٺن.

4 يعني اسرائيلين جي سڀني قبيلن مان هرهڪ قبيلي منجهان، هڪ هزار ماڻهو اوهين جنگ جي لاءِ موڪليو.

5 سو هزارن اسرائيلين مان، هرهڪ قبيلي منجهان، هڪ هڪ هزار ملڻ ڪري، ٻارهن هزار هٿياربند ماڻهو جنگ جي لاءِ چونڊيا ويا.

6 ۽ موسيٰ هرهڪ قبيلي منجهان هڪ هزار ماڻهن کي جنگ تي موڪليو، ۽ اليعزر ڪاهن جي پٽ فنيحاس کي بہ، عبادتگاهہ جا ٿانو ۽ وڏي آواز واريون تُريون ڏيئي، انهن سان گڏ جنگ تي روانو ڪيائون.

7 سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هو مديانين سان وڃي وڙهيا؛ ۽ انهن جا سڀ مرد ماڻهو ماري ڇڏيائون.

8 ۽ انهن کان سواءِ هنن مديان جي پنجن بادشاهن کي، يعني عوي، رقم، صور، حور ۽ ربع کي بہ ماري ڇڏيو؛ ۽ بعور جي پٽ بلعام کي بہ ترار سان قتل ڪيائون.

9 ۽ بني اسرائيل، مديانين جون زالون ۽ انهن جا ٻار ٻچا قيد ڪيا؛ ۽ انهن جا سڀ ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ سمورو مال اسباب ڦري ورتائون،

10 ۽ انهن جا سڀ شهر جن ۾ هو رهندا هئا، ۽ انهن جون سڀ ڇانوڻيون ساڙي ڇڏيائون.

11 ۽ انهن لٽ جو سمورو مال، ۽ سڀ قيدي، انسان توڙي حيوان پاڻ سان کنيا.

12 ۽ هو اهي قيدي، ۽ لٽ جو سمورو مال، موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن ۽ ساريءَ جماعت وٽ، موآب جي ميدان ۾ يريحو جي سامهون يردن جي ڪناري تي کڻي آيا.

13 تڏهن موسيٰ، ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ جماعت جا سڀ سردار، هنن جي استقبال لاءِ منزل گاهہ کان ٻاهر آيا.

14 ۽ موسيٰ لشڪرن جي عملدارن تي، يعني جيڪي هزارن جا سردار ۽ سون جا سردار هئا، ۽ جنگ تان آيا هئا تن تي ڪاوڙيو.

15 ۽ موسيٰ انهن کي چيو، تہ ڇا اوهان سڀني زالن کي جيئرو ڇڏيو آهي؟

16 ڏسو، انهن ئي بلعام جي چوڻ تي، فغور واريءَ ڳالهہ ۾، خداوند جي برخلاف، بني اسرائيل کي گنهگار ڪيو، جنهن ڪري خداوند جي جماعت ۾ طاعون پيو.

17 تنهنڪري ٻارن مان سڀني ڇوڪرن کي، ۽ سڀيئي زالون جي مڙس سان گڏ سُتيون آهن، تن کي ماري ڇڏيو.

18 پر جي ڇوڪريون مڙس سان نہ سُتيون آهن، تن کي پنهنجي لاءِ جيئرو ڇڏيو.

19 ۽ اوهين ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهو: اوهان مان جنهن، ڪنهن ماڻهوءَ کي ماريو هجي، يا جنهن، ڪنهن مئل ماڻهوءَ کي هٿ لاتو هجي، سو پاڻ کي، ۽ پنهنجن قيدين کي، ٽئين ڏينهن ۽ ستين ڏينهن پاڪ ڪري.

20 اوهين پنهنجن سڀني ڪپڙن کي، ۽ چم جي سموري سامان کي، ۽ ٻڪرين جي ڏاس جي سڀني شين کي، ۽ ڪاٺ جي سموري سامان کي پاڪ ڪجو.

21 جيڪي ماڻهو جنگ تي ويا هئا، تن کي اليعزر ڪاهن چيو تہ اهو شريعت جو قانون آهي، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو:

22 پوءِ سون، رُپو، پتل، لوهہ، قلعي، شيهو،

23 ۽ ٻي سڀڪا شيءِ، جا باهہ ۾ وجهي سگهجي، تنهن کي اوهين باهہ مان لنگهايو، پوءِ اهي پاڪ ٿينديون؛ انهي هوندي بہ اهي ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ سان پاڪ ڪيون وڃن: ۽ جيڪي شيون باهہ ۾ وجهي نٿيون سگهجن، تن سڀني کي اوهين پاڻيءَ مان لنگهائجو.

24 ۽ ستين ڏينهن اوهين پنهنجا ڪپڙا ڌوئجو، پوءِ اوهين پاڪ ٿيندا، تنهن کان پوءِ اوهين منزلگاهہ ۾ اچجو.

25 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

26 جيڪي ماڻهو ۽ جانور لٽ ۾ گرفتار ٿيا آهن، تن جو تون ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ جماعت جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا رئيس، گڏجي شمار ڪريو:

27 ۽ اهو لٽ جو مال اوهين ٻن حصن ۾ ورهايو؛ هڪڙو حصو اُنهن جنگي جوانن کي ڏيو، جيڪي جنگ تي ويا هئا، ۽ ٻيو حصو ساريءَ جماعت کي ڏيو:

28 ۽ جيڪي جوان جنگ تي ويا هئا، تن کان تون خداوند جي لاءِ محصول اُڳاڙ: پنجن پنجن سون مان هڪڙو ساهوارو، جهڙو ماڻهن مان تهڙو ڍورن، گڏهن ۽ ڌڻن مان:

29 انهن جي اڌ حصي مان اهو وٺي، خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قربانيءَ طور اليعزر ڪاهن کي ڏي.

30 ۽ بني اسرائيل واري اڌ حصي مان، پنجاهن پنجاهن مان هڪڙو، ماڻهن توڙي ڍورن، گڏهن توڙي ڌڻن منجهان، مطلب تہ هر قسم جي چوپائي مال مان هڪڙو ڪڍي لاوين کي ڏي، جي خداوند جي عبادتگاهہ جي نگهباني ٿا ڪن.

31 سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

32 هاڻي لٽ جو مال جيڪو جنگي جوانن کي هٿ لڳو هو، تنهن کان سواءِ جيڪو مال هٿ آيو هو، سو هي هو، يعني ڇهہ لک پنجهتر هزار رڍون

33 ٻاهتر هزار ڍور

34 ايڪهٺ هزار گڏهہ،

35 ۽ ماڻهن منجهان ٻٽيهہ هزار اهي زالون، جي مڙس سان گڏ نہ سُتيون هيون.

36 ۽ جيڪي جنگ تي ويا هئا، تن جو اڌ حصو هن ريت هو: ٽي لک ستٽيهہ هزار پنج سؤ رڍون:

37 ۽ رڍن مان خداوند جو حصو ڇهہ سؤ پنجهتر رڍون ٿيون.

38 ۽ ڇٽيهہ هزار ڍور: جن مان خداوند جو حصو ٻاهتر ٿيو.

39 ۽ ٽيهہ هزار پنج سؤ گڏهہ: جن مان خداوند جو حصو ايڪهٺ ٿيو.

40 ۽ سورهن هزار انسان؛ جن مان خداوند جو حصو ٻٽيهہ ٿيو.

41 ۽ اهو محصولي حصو، جو خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قربانيءَ طور هو، سو موسيٰ اليعزر ڪاهن کي ڏنو، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

42 ۽ بني اسرائيل جو اڌ حصو، جو موسيٰ جنگي ماڻهن کان ڌار ڪيو هو.

43 (يعني جماعت وارو اڌ حصو بہ هن ريت هو، ٽي لک ستٽيهہ هزار پنج سؤ رڍون،

44 ڇٽيهہ هزار ڍور،

45 ٽيهہ هزار پنج سؤ گڏهہ،

46 ۽ سورهن هزار انسان؛)

47 ۽ موسيٰ بني اسرائيل جي حصي مان، پنجاهہ پنجاهہ مان هڪڙو، يعني ماڻهن توڙي جانورن منجهان هڪڙو ڪڍي لاوين کي ڏنو، جن خداوند جي عبادتگاهہ جي نگهباني ٿي ڪئي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم فرمايو هو.

48 پوءِ لشڪر جا عملدار، جيڪي هزارن جا سردار ۽ سوَن جا سردار هئا، سي موسيٰ وٽ آيا.

49 ۽ انهن موسيٰ کي چيو تہ: جيڪي جنگي ماڻهو اسان جي هٿ هيٺ هئا، تن جو شمار تنهنجن ٻانهن ڪيو آهي، ۽ اسان مان هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ گهٽيو آهي.

50 ۽ اسان مان هرهڪ ماڻهوءَ کي جيڪي هٿ لڳو هو، تنهن مان، يعني سون جي زيورن مان، پير جي ڪڙن مان، دهرين ۽ ڪنگڻن، ۽ منڊين مان، ايرنگن ۽ هارن مان، اسان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو آهي؛ انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور ۾ اسان جي لاءِ ڪفارو ٿئي.

51 تڏهن موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، انهن کان اهو سون يعني سڀ سونا زيور ورتا.

52 ۽ انهيءَ کڻڻ واري قربانيءَ وارو سون، جيڪو هزارن جي سردارن ۽ سوَن جي سردارن پيش ڪيو، سو سورهن هزار ست سؤ پنجاهہ مشقال ٿيو.

53 (ڇالاءِ جو جنگي جوانن مان هر ڪنهن ماڻهو پنهنجي لاءِ لٽ جو مال کنيو هو.)

54 ۽ موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، انهن هزارن ۽ سوَن جي سردارن وارو سون کڻي جماعت واري تنبوءَ ۾ آندو، تہ اهو خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي لاءِ يادگار ٿئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan