ڳاڻاٽو 3 - Sindhi Bible1 هاڻي جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن موسيٰ ۽ هارون جون هي پيڙهيون هيون. 2 ۽ هارون جي پٽن جا نالا هي آهن: ندب جيڪو پهريتو هو، ۽ ابيهو، ۽ اليعزر، ۽ اتمر. 3 هارون جا پٽ، جي ڪاهن هئا، ۽ جن کي هن مسح ڪري، ڪهانت جي عهدي تي رکي خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو هو، سي اهي آهن. 4 ۽ ندب ۽ ابيهو، جڏهن سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي خداوند جي حضور ۾ مري ويا، ۽ انهن کي اولاد ڪونہ هو: باقي اليعز ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي موجودگيءَ ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪندا رهيا. 5 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 6 لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجهو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ اهي هن جي خدمت ڪن. 7 ۽ انهي جي طرفان، ۽ ساري جماعت جي طرفان، جيڪي کين سونپيو وڃي تنهن جي نگهباني ڪن، ۽ عبادت جي خيمي جي نگهباني ڪن. 8 ۽ هو جماعت واري تنبوءَ جي سموري سامان جي، ۽ بني اسرائيل جي ساريءَ امانت جي نگهباني ڪن، انهي لاءِ تہ عبادت جي خيمي جي خدمت ڪندا رهن. 9 ۽ تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ: اهي بني اسرائيل جي پاران هن کي ڏنا ويا آهن. 10 ۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جي ڪم ۾ مشغول رهن: ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي سو ماريو وڃي. 11 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 12 ڏس بني اسرائيل جا پهريتا ٻار، جيڪي پيٽ مان پهرين نڪرن ٿا، تن جي بدران مون اسرائيل منجهان لاوين کي قبول ڪيو آهي، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا؛ 13 ڇالاءِ جو سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن؛ جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن اسرائيل ۾ سڀ پهريتا، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا: اهي منهنجا ٿيندا؛ آءٌ خداوند آهيان. 14 ۽ خداوند سينا جي بيابان ۾ موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 15 تون بني لاويءَ جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪر، يعني جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو يا انهي کان مٿي هجي، تن سڀني جو تون شمار ڪر. 16 سو جيئن موسيٰ کي حڪم مليو، تيئن خداوند جي فرمان موجب هن انهن جو شمار ڪيو. 17 ۽ لاويءَ جا پٽ سندن نالن موجب هي هئا؛ يعني جيرسون، قهات ۽ مراري. 18 ۽ جيرسون جي پٽن جا نالا سندن خاندانن موجب هي آهن: لبني ۽ سمعي. 19 ۽ قهات جا پٽ، سندن خاندانن موجب هي آهن: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي ايل. 20 ۽ مراريءَ جا پٽ، سندن خاندانن موجب هي آهن: محلي ۽ موشي. سو لاوين جا خاندان، سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب اِهي آهن. 21 جيرسون مان لبني وارن جو خاندان، ۽ شمعي وارن جو خاندان هو: اهي آهن بني جيرسون جا خاندان. 22 انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح جن جو شمار ڪيو ويو، سي مڙيئي ست هزار ۽ پنج سؤ هئا. 23 اهي بني جيرسون جا خاندان عبادت واري خيمي جي الهندي پاسي پنهنجا تنبو کوڙين. 24 ۽ لاايل جو پٽ الياسف، بني جيرسون جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي. 25 ۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، عبادت جو خيمو، ۽ انهي جي مٿان جيڪو تنبو آهي سو، ۽ انهي جو ڍڪ، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در جو پردو، اهي بني جيرسون جي پٽن جي نگهبانيءَ هيٺ رهن؛ 26 ۽ انهي کان سواءِ اڱڻ جا پردا، جيڪي خيمي ۽ قربانگاهہ جي ويجها آهن، ۽ اڱڻ جي در جو پردو، ۽ سڀيئي رسا جيڪي انهي ۾ ڪم ٿا اچن. 27 قهات مان عمرام وارن جو خاندان، ۽ اَضهار وارن جو خاندان، ۽ حبرون وارن جو خاندان، ۽ عزي ايل وارن جو خاندان هو. اهي آهن بني قهات جا خاندان. 28 انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي اٺ هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا، ۽ پاڪ مڪان جي نگهباني انهن جي ذمي هئي. 29 اهي بني قهات جا خاندان، عبادت واري خيمي جي ڏکڻ واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين. 30 ۽ عزي ايل جو پٽ اليصفن، بني قهات جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي. 31 ۽ صندوق، ۽ ميز، ۽ شمعدان، ۽ ٻئي قربانگاهون، ۽ پاڪ مڪان جا ٿانو، جيڪي عبادت جي ڪم ۾ ٿا اچن، ۽ پردو، ۽ انهي سان لاڳاپو رکندڙ سڀ ڪو ڪم انهن جي ذمي رهي. 32 ۽ هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جي سردارن جو سردار ٿئي، ۽ جيڪي پاڪ مڪان جي نگهباني ٿا ڪن، تن تي نظرداري ڪري. 33 مراريءَ مان محليءَ وارن جو خاندان، ۽ موشيءَ وارن جو خاندان هو: اهي آهن بني مراريءَ جا خاندان. 34 انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، تن سڀني جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ڇهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا. 35 ابيخيل جو پٽ صوري ايل، بني مراريءَ جي ابن ڏاڏن جي گهراڻي جو سردار ٿئي. اهي خيمي جي اُتر واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙين. 36 ۽ عبادت واري خيمي جا تختا، ۽ انهي جا گز، ۽ انهي جا ٿنڀ، ۽ انهي جا کوپا، ۽ انهي جا سڀ اوزار، ۽ انهي جي خدمت جو سڀ ڪم، بني مراريءَ جي ذمي رهي. 37 ۽ انهي کان سواءِ اڱڻ جي آسپاس وارا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا، ۽ انهن جا رسا بہ سندن نگهبانيءَ هيٺ رهن. 38 ۽ خيمي جي اڳيان جماعت واري تنبوءَ جي سامهون، سج اُڀرڻ واري پاسي جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي موسيٰ، ۽ هارون، ۽ انهي جا پٽ هجن؛ اهي بني اسرائيل جي لاءِ خيمي جي نگهباني ڪن؛ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي، سو ماريو وڃي. 39 سو لاوين مان جيڪي شمار ڪيا ويا، جن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هئي، يعني جن جو موسيٰ ۽ هارون، خداوند جي حڪم پٽاندر، سندن خاندانن موجب شمار ڪيو، سي مڙيئي ٻاويهہ هزار هئا. 40 پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون بني اسرائيل جي سڀني پهريتن پٽن جو شمار ڪر، يعني جن جي عمر هڪڙو مهينو ۽ انهي کان مٿي هجي، تن سڀني جي نالن جو شمار ڪر. 41 ۽ تون بني اسرائيل جي پهريتن پٽن جي بدران، منهنجي لاءِ لاوين جو شمار ڪر (آءٌ خداوند آهيان)؛ ۽ بني اسرائيل جي چوپائي مال جي پهرين ڄاول ٻچن جي بدران، لاوين جي چوپائي مال جو شمار ڪر. 42 سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو، تيئن هن بني اسرائيل جي پهريتي پٽن جو شمار ڪيو. 43 ۽ انهن مان سڀيئي پهريتا پٽ، جن جو سندن نالن موجب شمار ڪيو ويو، سي ٻاويهہ هزار ٻہ سؤ ۽ ٽيهتر هئا. 44 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 45 تون بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي بدران لاوين کي وٺ، ۽ انهن جي چوپائي مال جي بدران، لاوين جو چوپايو مال وٺ، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا: آءٌ خداوند آهيان. 46 بني اسرائيل جي پهريتن ۾ جيڪي ٻہ سؤ ٽيهتر ڄڻا لاوين جي شمار کان وڌيڪ آهن، تن جو عيوضو ڏيئي ڇڏائڻ لاءِ، 47 تون انهن کان هڪڙي هڪڙي لاءِ پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا پنج مشقال وٺ؛ هڪڙي مشقال ۾ ويهہ جيرہ آهن. 48 ۽ اها رقم جنهن سان انهن جو اهو وڌيڪ تعداد ڇڏايو وڃي، سا تون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏج. 49 سو جيڪي لاوين جي عيوضي ۾ ڇڏايا ويا، تن کان وڌيڪ جيڪي ماڻهو هئا، تن کان موسيٰ اها عيوضي واري رقم وصول ڪئي. 50 هن اهي پئسا بني اسرائيل جي پهريتي پٽن کان ورتا. اهي پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا هڪ هزار ٽي سؤ ۽ پنجهٺ مشقال ٿيا. 51 ۽ موسيٰ اهي ڇوٽڪاري جي عيوضي وارا پئسا، خداوند جي حڪم موجب، هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society