Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 28 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ

2 بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چئُہ، تہ منهنجو نذرانو، يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا اوهين ياد ڪري ٺهرايل وقت تي منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو.

3 تون هنن کي چئُہ، تہ جيڪا باهہ سان ساڙڻ واري قرباني اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سا هيءَ آهي؛ هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا سوختني قربانيءَ جي لاءِ تون هميشہ چاڙهيندو رهج.

4 هڪڙو گهيٽو صبح جو، ۽ ٻيو گهيٽو سانجهيءَ جو قربان ڪج؛

5 ۽ ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو، جهاڳوڙيل تيل جي هڪڙي هين جي چوٿين حصي ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪج.

6 اها هميشہ جي لاءِ سوختني قرباني آهي، جا سينا جبل وٽ مقرر ڪئي ويئي، تہ خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.

7 ۽ پيئڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙي گهيٽي جي پٺيان مئي جي هڪڙي هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: ۽ تون پاڪ مڪان ۾ تيز مئي جي پيئڻ واري قرباني، خداوند جي حضور ۾ اوتج.

8 ٻيو گهيٽو تون سانجهيءَ جو قربان ڪج: انهي سان گڏ بہ تون کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني پيش ڪج، تہ خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.

9 ۽ سبت جي ڏينهن ٻہ يڪسالا بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جيترو ميدو تيل ۾ گڏيل، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، ۽ انهي سان گڏ پيئڻ واري قرباني پيش ڪج:

10 روزمرہ جي سوختني قرباني، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، هيءَ هر ڪنهن سبت جي سوختني قرباني آهي.

11 ۽ اوهين پنهنجي هر ڪنهن مهيني جي شروعات ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني پيش ڪجو؛ يعني ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا بي عيب گهيٽا؛

12 ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هرهڪ وهڙي جي لاءِ ميدي جي هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، تيل ۾ گڏيل؛ ۽ گهٽي جي لاءِ ميدي جي هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو، تيل ۾ گڏيل؛

13 ۽ هرهڪ گهيٽي جي پٺيان ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هجي؛ اها وڻندڙ خوشبوءِ جي سوختني قرباني آهي، ۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.

14 ۽ انهن سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ جي واسطي هڪ وهڙي جي پٺيان مئي جو اڌ هين، ۽ هڪڙي گهٽي جي پٺيان هين جو ٽيون حصو، ۽ هرهڪ گهيٽي جي پٺيان هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: اها سال جي سڀني مهينن لاءِ، هر مهيني جي سوختني قرباني آهي.

15 ۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرڻ گهرجي.

16 ۽ پهرئين مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ، خداوند جي فسح جي عيد آهي.

17 ۽ ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ عيد ٿيندي: ست ڏينهن بي خميري ماني کائڻ ۾ ايندي.

18 پهرئين ڏينهن پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:

19 پر اوهين خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني، يعني سوختني قرباني چاڙهجو؛ ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو ۽ ست يڪسالا گهيٽا: اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن:

20 ۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، هرهڪ وهڙي جي واسطي، تيل ۾ گڏيل ميدي جي هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو،

21 ۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي تون هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو پيش ڪج؛

22 ۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ بہ، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي.

23 صبح واري سوختني قرباني، جا هميشہ جي سوختني قرباني آهي، تنهن کان سواءِ اوهين اهي قربانيون پيش ڪجو.

24 انهيءَ طرح اوهين ست ڏينهن برابر هر روز خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا پيش ڪندا رهجو: ۽ هميشہ واريءَ سوختني قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ کان سواءِ هيءَ قرباني بہ پيش ڪرڻ ۾ اچي.

25 ۽ ستين ڏينهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو؛ ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.

26 انهي کان سواءِ لاباري واري ڏينهن، جڏهن اوهين پنهنجيءَ هفتن واريءَ عيد تي خداوند جي حضور ۾ نئين کاڌي جي قرباني پيش ڪريو، تڏهن اوهين پاڪ جماعت گڏ ڪجو؛ ۽ ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:

27 پر اوهين خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي هڪڙي سوختني قرباني چاڙهجو؛ ٻہ وهڙا، هڪڙو گهٽو، ست يڪسالا گهيٽا؛

28 ۽ انهن سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هرهڪ وهڙي جي واسطي، تيل ۾ گڏيل ميدي جي هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، ۽ گهٽي جي لاءِ هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو،

29 ۽ ستن گهيٽن جي لاءِ هرهڪ گهيٽي جي واسطي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو؛

30 هڪڙو ٻڪر اوهان جي ڪفاري لاءِ هئڻ گهرجي.

31 هميشہ واريءَ سوختني قربانيءَ، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ کان سواءِ، اوهين هي بہ پيش ڪجو. (اهي سڀ بي عيب هئڻ گهرجن.)

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan