ڳاڻاٽو 27 - Sindhi Bible1 تڏهن يوسف جي پٽ منسيءَ جي گهراڻن مان صلافحاد، بن حفر، بن جلعاد، بن مڪير، بن منسيءَ جون ڌيئون، جن جا نالا محلاہ، نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ ۽ ترضاہ هئا، سي ويجهو آيون. 2 ۽ اهي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، موسيٰ، ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ سردارن، ۽ ساريءَ جماعت جي اڳيان اچي بيٺيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ 3 اسان جو پيءُ بيابان ۾ مري ويو، پر هو انهن ماڻهن ۾ شامل ڪونہ هو، جي قورح جي ٽوليءَ ۾ خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا هئا: پر هو پنهنجي گناهہ ۾ مري ويو؛ ۽ کيس پٽ ڪونہ هو. 4 سو پٽ نہ هئڻ ڪري اسان جي پيءُ جو نالو سندس گهراڻي مان ڇو نڪري وڃي؟ تنهنڪري اسان جي پيءُ جي ڀائرن سان گڏ اسان کي حصو ڏيو. 5 تڏهن موسيٰ انهن جي دعويٰ خداوند جي حضور ۾ پيش ڪئي. 6 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ 7 صلافحاد جون ڌيئرون سچ ٿيون چون: تون ضرور هنن کي سندن پيءُ جي ڀائرن سان گڏ ورثي جو حق ڏي، يعني انهن کي سندن پيءُ جو ورثو ملي. 8 ۽ تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو مري، جنهن کي پٽ نہ هجي، تہ پوءِ انهي جو ورثو سندس ڌيءَ کي ڏجو. 9 پر جيڪڏهن هن کي ڪا ڌيءَ بہ نہ هجي تہ پوءِ ورثو سندس ڀائرن کي ڏجو. 10 پر جيڪڏهن هن کي ڀاءُ بہ نہ هجي، تہ پوءِ انهي جو ورثو سندس چاچن کي ڏجو. 11 پر جيڪڏهن هن جي پيءُ کي بہ ڪو ڀاءُ نہ هجي، تہ پوءِ هن جي خاندان ۾ جيڪو سندس سڀني کان ويجهو مائٽ هجي، تنهن کي انهي جو ورثو ڏجو: اهو بني اسرائيل جي لاءِ انصاف جو قانون ٿيندو، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. 12 ۽ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ تون هن عباريم جبل تي چڙهہ، ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، سو ڏس. 13 ۽ انهي ملڪ جي ڏسڻ کان پوءِ، تون پنهنجي ڀاءُ هارون وانگر، پنهنجي وڏن سان وڃي گڏبين: 14 ڇالاءِ جو صين جي بيابان ۾، جڏهن جماعت مون سان جهيڙو ڪيو، تڏهن اوهان هنن جي روبرو منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، پر پاڻيءَ جي چشمي وٽ اوهان منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو. (هي اهو قادس وارو مريبہ جو چشمو آهي، جو صين جي بيابان ۾ آهي.) 15 تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ 16 خداوند، سڀني جانين جي روحن جو خدا، هن جماعت جي مٿان ڪنهن ماڻهوءَ کي مقرر ڪري، 17 جو اندر ٻاهر وڃڻ وقت هنن جي اڳيان هلي، ۽ هنن کي ٻاهر وٺي وڃڻ، ۽ اندر آڻڻ ۾ هنن جو سونهون ٿئي؛ انهي لاءِ تہ خداوند جي جماعت نڌڻڪين رڍن وانگر نہ ٿئي. 18 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ نون جي پٽ يشوع کي وٺي، انهي تي پنهنجو هٿ رک؛ ڇالاءِ جو هو روح سان ڀريل آهي؛ 19 ۽ انهي کي اليعزر ڪاهن، ۽ ساري جماعت جي اڳيان آڻي بيهار؛ ۽ انهن جي روبرو هن جو تقرر ڪر. 20 ۽ پنهنجي ڪجهہ اختياري هن کي ڏي، تہ بني اسرائيل جي ساري جماعت هن جي فرمانبرداري ڪري. 21 هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن. 22 سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب عمل ڪيو: ۽ يشوع کي وٺي، اليعزر ڪاهن ۽ ساري جماعت جي اڳيان بيهاريو: 23 ۽ انهي تي پنهنجا هٿ رکيائين، ۽ انهي جو تقرر ڪيائين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society