ڳاڻاٽو 26 - Sindhi Bible1 ۽ طاعون کان پوءِ هيئن ٿيو، جو خداوند موسيٰ، ۽ هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي فرمايو، ۽ چيائين تہ 2 بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت مان، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، ۽ جنگ تي وڃڻ جي لائق هجن، تن جو سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪريو. 3 تڏهن موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، موآب جي ميدان ۾، يريحو جي سامهون يردن جي ڪناري تي، انهن کي چيو تہ 4 جيئن خداوند موسيٰ کي، ۽ جيڪي بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪتا هئا، تن کي حڪم ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ اوهان مان جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، تن جو شمار ڪريو. 5 روبن، جيڪو اسرائيل جو پهريتو پٽ هو، تنهن جا پٽ هي آهن؛ حنوڪ، جنهن کان حنوڪين جو گهراڻو شروع ٿيو: فلو، جنهن کان فلوئين جو گهراڻو شروع ٿيو: 6 حصرون، جنهن کان حصرونين جو گهراڻو شروع ٿيو: ڪرمي، جنهن کان ڪرمين جو گهراڻو شروع ٿيو. 7 اهي آهن بني روبن جا گهراڻا: انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٽيتاليهہ هزار، ست سؤ ۽ ٽيهہ ٿيا. 8 ۽ فلو جو پٽ؛ الياب. 9 ۽ الياب جا پٽ؛ نموئيل، ۽ داتن، ۽ ابيرام هئا. هي اهي داتن ۽ ابيرام آهن، جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جڏهن قورح جي ٽوليءَ خداوند سان جهيڙو ڪيو، تڏهن هي بہ انهيءَ ٽوليءَ سان گڏجي، موسيٰ ۽ هارون سان وڙهيا هئا: 10 ۽ جڏهن باهہ اڍائي سؤ ماڻهن کي ڀسم ڪري ڇڏيو، ۽ اها ٽولي مري ويئي، تڏهن زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ انهن کي قورح سميت ڳهي ويئي، ۽ اُهي عبرت جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيا. 11 تہ بہ قورح جا پٽ ڪين مئا. 12 شمعون جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: نموايل، جنهن کان نموئيل جو گهراڻو شروع ٿيو: يمين، جنهن کان يمينين جو گهراڻو شروع ٿيو: يڪين، جنهن کان يڪينن جو گهراڻو شروع ٿيو: 13 زارح، جنهن کان زارحين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ سائول، جنهن کان سائولين جو گهراڻو شروع ٿيو. 14 اهي آهن بني شمعون جا گهراڻا، ٻاويهہ هزار ٻہ سؤ. 15 جد جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: صفون، جنهن کان صفونين جو گهراڻو شروع ٿيو: حجي، جنهن کان حجين جو گهراڻو شروع ٿيو: سوني، جنهن کان سونين جو گهراڻو شروع ٿيو: 16 اُزني، جنهن کان اُزنين جو گهراڻو شروع ٿيو: عيري، جنهن کان عيرين جو گهراڻو شروع ٿيو: 17 اُرود جنهن کان اُرودين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ اريلي، جنهن کان اريلين جو گهراڻو شروع ٿيو. 18 اهي آهن بني جد جا گهراڻا، جن جو شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ ٿيا. 19 يهوداهہ جا پٽ عير ۽ اونان: ۽ عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ ئي مري ويا هئا. 20 ۽ يهوداهہ جا ٻيا پٽ ۽ سندن گهراڻا؛ سيلہ، جنهن کان سيلين جو گهراڻو شروع ٿيو: فارص، جنهن کان فارصين جو گهراڻو شروع ٿيو: زارح، جنهن کان زارحين جو گهراڻو شروع ٿيو. 21 فارص جا پٽ هي آهن؛ حصرون، جنهن کان حصرونين جو گهراڻو شروع ٿيو: حمول، جنهن کان حمولين جو گهراڻو شروع ٿيو. 22 اهي آهن بني يهوداهہ جا گهراڻا. انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ڇاهتر هزار ۽ پنج سؤ ٿيا. 23 اشڪار جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: تولع، جنهن کان تولعين جو گهراڻو شروع ٿيو: فواہ، جنهن کان فواهين جو گهراڻو شروع ٿيو: 24 يسوب، جنهن کان يسوبين جو گهراڻو شروع ٿيو: سمرون، جنهن کان سمرونين جو گهراڻو شروع ٿيو. 25 اهي آهن بني اشڪار جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوهٺ هزار ٽي سؤ ٿيا. 26 زبولون جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: سرد، جنهن کان سردين جو گهراڻو شروع ٿيو: ايلون جنهن کان ايلونين جو گهراڻو شروع ٿيو: يهلي ايل، جنهن کان يهلي ايلن جو گهراڻو شروع ٿيو. 27 اهي آهن بني زبولون جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سٺ هزار پنج سؤ ٿيا. 28 يوسف جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: منسي ۽ افرائيم. 29 منسيءَ جا پٽ: مڪير، جنهن کان مڪيرين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ مڪير مان جلعاد پيدا ٿيو: جلعاد، جنهن کان جلعادين جو گهراڻو شروع ٿيو. 30 جلعاد جا پٽ هي آهن: ايعزر، جنهن کان ايعزرين جو گهراڻو شروع ٿيو: خلق، جنهن کان خلقين جو گهراڻو شروع ٿيو: 31 اسري ايل، جنهن کان اسري ايلين جو گهراڻو شروع ٿيو: سڪم، جنهن کان سڪمين جو گهراڻو شروع ٿيو: 32 سميدع، جنهن کان سميعين جو گهراڻو شروع ٿيو: ۽ حضر، جنهن کان حضرين جو گهراڻو شروع ٿيو. 33 حفر جي پٽ صلافحاد کي پٽ ڪونہ هو، پر ڌيون هيس: ۽ صلافحاد جي ڌيئرن جا نالا هي آهن، محلاہ ۽ نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ، ۽ ترضاہ. 34 اهي آهن بني منسيءَ جا گهراڻا: انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻاونجاهہ هزار ست سؤ ٿيا. 35 افرائيم جا پٽ ۽ سندن گهراڻا هي آهن: سوتلح، جنهن کان سوتلحين جو گهراڻو شروع ٿيو: بڪر، جنهن کان بڪرين جو گهراڻو شروع ٿيو: تحن، جنهن کان تحنين جو گهراڻو شروع ٿيو. 36 ۽ سوتلح جا پٽ اهي آهن: عيران جنهن کان عيرانين جو گهراڻو شروع ٿيو. 37 اهي آهن بني افرائيم جا گهراڻا. انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار پنج سؤ ٿيا. يوسف جي پٽن جا گهراڻا اهي آهن. 38 بنيمين جا پٽ ۽ سندن گهراڻا: بلع، جنهن کان بلعين جو گهراڻو شروع ٿيو: اشبيل، جنهن کان اشبيلين جو گهراڻو شروع ٿيو: اخيرام، جنهن کان اخيرامين جو گهراڻو شروع ٿيو: 39 سوفام، جنهن کان سوفامين جو گهراڻو شروع ٿيو: حوفام، جنهن کان حوفامين جو گهراڻو شروع ٿيو. 40 بالاع جا ٻہ پٽ هئا: هڪڙو ارد، جنهن کان اردين جو گهراڻو شروع ٿيو: ٻيو نعمان، جنهن کان نعمانين جو گهراڻو شروع ٿيو. 41 اهي آهن بني بنيمين جا گهراڻا: انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ ٿيا. 42 دان جو پٽ، جنهن کان سندس گهراڻو شروع ٿيو، سو آهي سوحام، جنهن کان سوحامين جو گهراڻو شروع ٿيو. اهو آهي دان جو گهراڻو. 43 سوحامين جي گهراڻي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوهٺ هزار چار سؤ ٿيا. 44 آشر جا پٽ، جن مان سندن گهراڻا شروع ٿيا، سي هي آهن: يمنہ، جنهن کان يمنين جو گهراڻو شروع ٿيو: اسوي، جنهن کان اسوين جو گهراڻو شروع ٿيو: بريعاہ، جنهن کان بريعاهين جو گهراڻو شروع ٿيو. 45 بريعاہ جا پٽ: حبر جنهن کان حبرين جو گهراڻو شروع ٿيو: ملڪي ايل، جنهن کان ملڪي ايلن جو گهراڻو شروع ٿيو. 46 آشر جي ڌيءَ جو نالو سارہ هو. 47 اهي آهن بني آشر جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٽيونجاهہ هزار چار سؤ ٿيا. 48 نفتاليءَ جا پٽ، جن مان سندن گهراڻا شروع ٿيا، سي هي آهن: يحصي ايل، جنهن کان يحصي ايلن جو گهراڻو شروع ٿيو: جوني، جنهن کان جونين جو گهراڻو شروع ٿيو: 49 يصر، جنهن کان يصرين جو گهراڻو شروع ٿيو: سليم، جنهن کان سليمين جو گهراڻو شروع ٿيو. 50 اهي آهن نفتاليءَ جا گهراڻا، انهن مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار چار سؤ ٿيا. 51 سو بني اسرائيل مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي سڀ ڇهہ لک هڪ هزار ست سؤ ۽ ٽيهہ ٿيا. 52 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 53 انهن کي ئي سندن نالن جي شمار موجب اها زمين ورثي طور ورهائجي ملي. 54 جنهن قبيلي ۾ گهڻا ماڻهو هجن، تنهن کي گهڻو ورثو ملي، ۽ جنهن قبيلي ۾ ٿورا ماڻهو هجن، تنهن کي ٿورو ورثو ملي: هرهڪ قبيلي کي سندس شمار ڪيل ماڻهن موجب ورثو ملي. 55 انهي هوندي بہ پُکا وجهي زمين ورهائجي: انهن کي سندن اباڻن قبيلن جي نالن موجب ورثو ملي. 56 گهڻن ماڻهن جو قبيلو هجي توڙي ٿورن ماڻهن جو، پر پُکا وجهي سندن ورثو ورهائڻ گهرجي. 57 ۽ لاوين مان جن جو سندن گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي هي آهن: جيرسون، جنهن کان جيرسونين جو گهراڻو شروع ٿيو: قهات، جنهن کان قهاتين جو گهراڻو شروع ٿيو: مراري، جنهن کان مرارين جو گهراڻو شروع ٿيو. 58 انهي کان سواءِ هي بہ لاوين جا گهراڻا آهن، يعني لبنين جو گهراڻو، خبرونين جو گهراڻو، محلين جو گهراڻو، موشين جو گهراڻو، قورحين جو گهراڻو. ۽ قهات مان عمرام پيدا ٿيو. 59 ۽ عمرام جي زال جو نالو يوڪبد هو، جا لاويءَ جي ڌيءَ هئي، ۽ مصر ۾ لاويءَ جي پيٽان ڄائي هئي: انهي مان عمرام کي ٻہ پٽ، يعني هارون ۽ موسيٰ، ۽ سندن ڀيڻ مريم پيدا ٿيا. 60 ۽ هارون جا پٽ هئا، ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر. 61 پر ندب ۽ ابيهو تہ انهي ڏينهن مري ويا، جنهن ڏينهن انهن خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي. 62 باقي انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪ مهينو يا انهي کان مٿي هئي، تن جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ٽيويهہ هزار ٿيا: انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇالاءِ جو انهن کي ورثو ڪونہ ملڻو هو. 63 هي اهي بني اسرائيل آهن، جن جو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، موآب جي ميدانن ۾، يريحو جي سامهون، يردن نديءَ جي ڪناري تي شمار ڪيو. 64 پر سينا جي بيابان ۾ جن اسرائيلين جو موسيٰ ۽ هارون ڪاهن شمار ڪيو هو، تن مان هڪڙو ماڻهو بہ هنن ۾ ڪونہ هو. 65 ڇالاءِ جو خداوند انهن جي بابت فرمايو هو، تہ هي ضرور بيابان ۾ مري ويندا. سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society