Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 25 - Sindhi Bible

1 ۽ اسرائيلي شطيم ۾ رهڻ لڳا، ۽ ماڻهن موآٻين جي ڌيئرن سان زناڪاري ڪئي:

2 ۽ انهن هنن ماڻهن کي پنهنجن معبودن جي قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏني؛ ۽ هي ماڻهو اتي وڃي کائيندا، ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا.

3 انهي طرح اسرائيلي بعل فغور کي پوڄڻ لڳا: ۽ خداوند کي اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي.

4 ۽ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن جي سردارن کي جهلي، خداوند جي حضور اُس ۾ لٽڪائي ڇڏ، تہ خداوند جو غضب اسرائيل تان ٽري وڃي.

5 تڏهن موسيٰ اسرائيلين جي قاضين کي چيو، تہ اوهان جي ماڻهن مان جيڪي بعل فغور کي پوڄڻ لڳا آهن تن کي قتل ڪري ڇڏيو.

6 ۽ جڏهن سڀني بني اسرائيلين جماعت واري تنبوءَ جي در تي پئي رنو، تڏهن هڪڙو اسرائيلي، موسيٰ ۽ سڀني ماڻهن جي روبرو، هڪڙيءَ مدياني زال کي پاڻ سان گڏ، پنهنجن ڀائرن وٽ وٺي آيو.

7 ۽ جڏهن هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر جي پٽ فينحاس، هي ڏٺو، تڏهن هو جماعت منجهان اُٿيو ۽ پنهنجي هٿ ۾ هڪڙو ڀالو کنيائين؛

8 ۽ انهي اسرائيلي ماڻهوءَ جي پٺيان تنبوءَ ۾ وڃي انهن ٻنهي، يعني انهي اسرائيلي مرد، ۽ انهيءَ زال جو پيٽ ونڌي ڇڏيائين. انهيءَ طرح بني اسرائيل مان طاعون بند ٿيو.

9 ۽ جيڪي طاعون ۾ مئا سي چوويهہ هزار هئا.

10 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

11 فينحاس، بن اليعزر، بن هارون ڪاهن، منهنجي ڪاوڙ بني اسرائيل تان ٽاري آهي، ڇالاءِ جو اهو ئي هنن مان منهنجيءَ غيرت جي ڪري غيرتمند ٿيو، انهي ڪري مون بني اسرائيل کي پنهنجيءَ غيرت سببان نابود نہ ڪيو.

12 تنهنڪري تون چئُہ تہ آءٌ هن کي پنهنجو صلح جو عهد ٿو ڏيان:

13 ۽ اهو هن جي لاءِ، ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ جي ڪهانت جو عهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجي خدا جي لاءِ غيرت وارو ٿيو، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪيائين.

14 هاڻي، اهو اسرائيلي مرد، جو انهيءَ مدياني زال سان گڏ قتل ڪيو ويو، تنهن جو نالو زمري هو، ۽ هو سلو جو پٽ هو، جو شمعون جي قبيلي مان هڪڙي گهراڻي جو سردار هو.

15 ۽ جيڪا مدياني زال قتل ڪئي ويئي، تنهن جو نالو ڪزبي هو، ۽ هوءَ صور جي ڌيءَ هئي؛ جو مديان جي هڪڙي گهراڻي جو رئيس هو.

16 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

17 اوهين مديانين کي ستايو ۽ انهن کي ماريو:

18 ڇالاءِ جو هو اوهان کي پنهنجين ٺڳين سان ستائين ٿا، جيئن فغور واريءَ ڳالهہ ۾، ۽ ڪزبيءَ واريءَ ڳالهہ ۾ ٿيو، جا مديانين جي سردار جي ڌيءَ، ۽ سندن ڀيڻ هئي، ۽ طاعون واري ڏينهن قتل ڪئي ويئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan