ڳاڻاٽو 22 - Sindhi Bible1 پوءِ بني اسرائيل اڳتي هليا ۽ يردن جي پرئين ڀر، موآب جي ميدان ۾، يريحو شهر جي سامهون اچي منزل ڪيائون. 2 هاڻي اسرائيلين جيڪي امورين سان ڪيو هو، سو سڀ صفور جي پٽ بلق ڏٺو هو. 3 ۽ موآبي هنن ماڻهن کان ڏاڍا ڊنا، ڇالاءِ جو هو گهڻا هئا: سو موآبي، بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا پريشان ٿيڻ لڳا. 4 تڏهن موآبين، مديان جي بزرگن کي چيو تہ هيءَ جماعت، جيڪي بہ اسان جي آس پاس آهي، سو ائين کائي ويندي، جيئن ڏاند ٻنيءَ جو گاهہ کائي ويندو آهي. ۽ صفور جو پٽ بلق انهي وقت موآب جو بادشاهہ هو. 5 ۽ هن بعور جي پٽ بلعام ڏانهن فتور ۾ قاصد موڪليا، جو نديءَ جي ڪناري تي سندس قوم جو ملڪ آهي، انهي لاءِ تہ انهي کي هيئن چئي سڏي اچن، تہ ڏس، هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي: هنن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي منهنجي سامهون اچي منزل ڪئي اٿن: 6 هو مون کان گهڻو زور وارا آهن: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هاڻي اچي منهنجي خاطر انهن ماڻهن کي لعنت ڪر: تہ من آءٌ مٿن غالب پوان، ۽ کين ماري، هن ملڪ مان هڪالي ڪڍان: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي، ۽ جنهن کي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي. 7 سو موآب ۽ مديان جا بزرگ غيب گوئيءَ جا انعام پاڻ سان کڻي روانا ٿيا؛ ۽ بلعام وٽ اچي کيس بلق جو پيغام پهچايائون. 8 ۽ هن کين چيو تہ اوهين اڄ رات هتي ٽڪي پئو، پوءِ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو انهي موجب آءٌ اوهان کي جواب ڏيندس. سو موآب جا سردار بلعام وٽ ٽڪي پيا. 9 ۽ خدا بلعام وٽ اچي چيو تہ تو وٽ هي ڪهڙا ماڻهو آيا آهن؟ 10 ۽ بلعام خدا کي چيو، تہ صفور جي پٽ بلق، موآب جي بادشاهہ مون کي چوائي موڪليو آهي تہ 11 ڏس، جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي، تنهن زمين جي سطح کي ڍڪي ڇڏيو آهي، هاڻي تون اچي انهن کي لعنت ڪر؛ تہ من آءٌ هنن سان وڙهي سگهان، ۽ کين هڪالي ڪڍان. 12 تڏهن خدا بلعام کي چيو، تہ تون هنن سان نہ وڃ؛ نڪي انهن ماڻهن کي لعنت ڪج: ڇالاءِ جو اهي برڪت وارا آهن. 13 سو بلعام صبح جو اُٿي بلق جي سردارن کي چيو تہ اوهين پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃو: ڇالاءِ جو خداوند مون کي اوهان سان هلڻ لاءِ موڪل نٿو ڏئي. 14 تڏهن موآب جا سردار روانا ٿيا ۽ بلق وٽ اچي چيائونس، تہ بلعام اسان سان اچڻ کان انڪار ٿو ڪري. 15 تنهن تي بلق وري ٻيا سردار موڪليا، جي اڳين کان گهڻا ۽ وڌيڪ آبرودار هئا. 16 انهن بلعام وٽ اچي کيس چيو، تہ صفور جو پٽ بلق هيئن ٿو چوي، تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون ڪنهن بہ سبب ڪري مون وٽ اچڻ کان روڪجي نہ ويهہ؛ 17 ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجو مرتبو وڌائيندس، ۽ جيئن تون مون کي چوندين تيئن ڪندس: تنهنڪري آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اچي هنن ماڻهن کي لعنت ڪر. 18 تڏهن بلعام بلق جي نوڪرن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪڏهن بلق پنهنجو گهر، چانديءَ ۽ سون سان ڀري مون کي ڏئي، تہ بہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم کان ٻاهر وڃي ڪين سگهندس، ۽ نڪي انهي کان گهٽ يا وڌ ڪندس. 19 سو هاڻي اوهين بہ ڀلائي ڪري اڄوڪي رات هتي ٽڪي پئو، تہ آءٌ معلوم ڪريان تہ خداوند مون کي وڌيڪ ڇا ٿو چوي. 20 پوءِ خدا رات جو بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ، جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي سڏڻ آيا آهن، تہ تون اُٿي انهن سان وڃ، پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان، سا ئي تون ڪج. 21 سو بلعام صبح جو اُٿيو ۽ پنهنجيءَ گڏهہ تي زين رکي، موآب جي سردارن سان گڏجي روانو ٿيو. 22 ۽ هن جي وڃڻ ڪري خداوند کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي: ۽ خداوند جو فرشتو هن جي مخالفت لاءِ اچي رستي تي بيٺو. هاڻي هو گڏهہ تي چڙهيل هو، ۽ سندس ٻہ نوڪر ساڻس گڏ هئا. 23 ۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي هٿ ۾ ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو: تڏهن گڏهہ رستي کان مُڙي ٻنيءَ ۾ وڃڻ لڳي، پر بلعام گڏهہ کي ڦيرائي رستي تي آڻڻ لاءِ مارڻ لڳو. 24 تنهن تي خداوند جو فرشتو ڊاک جي منهہ جي وچ ۾، هڪڙي هيٺانهين رستي تي اچي بيٺو، جتي هن جي ٻنهي پاسن کان واڙ هئي. 25 ۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي ڏسي واڙ سان وڃي لڳي، ۽ بلعام جو پير واڙ سان ڇلي ڇڏيائين: تنهن تي هن وري بہ گڏهہ کي ماريو. 26 پوءِ خداوند جو فرشتو وري اڳڀرو وڃي، هڪڙي سوڙهي هنڌ بيٺو، جتي نہ ساڄي پاسي مُڙڻ جي جاءِ هئي نہ کٻي پاسي. 27 ۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي ڏسي، بلعام سوڌو ويهي رهي: تنهن تي بلعام کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن گڏهہ کي پنهنجيءَ لٺ سان ماريو. 28 تڏهن خداوند گڏهہ جو وات کوليو، ۽ هن بلعام کي چيو، تہ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي، جو تو ٽي ڀيرا مون کي ماريو آهي؟ 29 ۽ بلعام گڏهہ کي چيو، تہ هن ڪري تہ تو مون سان چرچو ڪيو آهي: جي منهنجي هٿ ۾ ترار هجي ها، تہ جيڪر هتي جو هتي تو کي ماري وجهان ها. 30 تڏهن گڏهہ بلعام کي چيو، تہ آءٌ تنهنجي گڏهہ ناهيان ڇا جنهن تي تو پنهنجي سڄي ڄمار اڄ ڏينهن تائين سواري ڪئي آهي؟ ڪڏهن اڳي بہ مون تو سان ائين ڪيو آهي؟ هن چيو تہ نہ. 31 تڏهن خداوند بلعام جون اکيون کوليون، ۽ هن خدا جي فرشتي کي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو، تنهن تي هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي، سجدو ڪيو. 32 ۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو، تہ ڇو تو پنهنجيءَ گڏهہ کي ٽي ڀيرا ماريو؟ ڏس، آءٌ تنهنجي مخالفت لاءِ آيو آهيان، ڇالاءِ جو تنهنجي هلت منهنجيءَ نظر ۾ ڏنگي آهي: 33 ۽ گڏهہ مون کي ڏسي ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مُڙي ويئي: ۽ جي هوءَ ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مڙي نہ وڃي ها، تہ ضرور آءٌ تو کي ماري وجهان ها، ۽ هن کي جيئرو ڇڏيان ها. 34 تڏهن بلعام خداوند جي فرشتي کي چيو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر ڪانہ هئي تہ تون منهنجيءَ مخالفت ۾ رستي تي بيٺو آهين: سو هاڻي، جيڪڏهن تون خوش نہ هجين تہ آءٌ موٽي ويندس. 35 پر خداوند جي فرشتي بلعام کي چيو، تہ تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ: پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان سا ئي تون ٻڌائج. سو بلعام بلق جي سردارن سان گڏجي ويو. 36 ۽ جڏهن بلق ٻڌو تہ بلعام آيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ موآب جي انهي شهر تائين ويو، جو ارنون جي حد تي، هن جي سرحد جي ڏورانهين ڀاڱي ۾ آهي. 37 ۽ بلق بلعام کي چيو، تہ مون توکي تاڪيد سان نہ گهرايو هو ڇا؟ پوءِ ڇو تون مون وٽ هليو نہ آئين؟ آءٌ سچ پچ تنهنجو مرتبو وڌائي نٿو سگهان ڇا؟ 38 تڏهن بلعام بلق کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ آيو آهيان: پر مون کي ايتري مجال نہ آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ جيڪا ڳالهہ خدا مون کي چوندو، سا ئي آءٌ ٻڌائيندس. 39 پوءِ بلعام بلق سان گڏ روانو ٿيو، ۽ اهي قريت حصات ۾ آيا. 40 ۽ بلق ڍڳن ۽ رڍن جي قرباني ڪئي، ۽ اها بلعام وٽ، ۽ هن سان گڏ جيڪي سردار هئا تن وٽ موڪليائين. 41 ۽ صبح جو هيئن ٿيو، جو بلق بلعام کي پاڻ سان وٺي، بعل جي مٿانهين جاين تي آيو، ۽ اتان هن اسرائيل جي سڄي قوم کي ڏٺو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society