Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 21 - Sindhi Bible

1 هاڻي عراد جو بادشاهہ، جو ڪنعاني هو، ۽ ڏکڻ ۾ رهندو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ اسرائيلي اٿاريم جي رستي آيا آهن؛ تڏهن هو اسرائيلين سان وڙهيو، ۽ انهن مان ڪن کي قيد ڪيائين.

2 تڏهن اسرائيلين خداوند جي حضور ۾ هڪڙي مڃت مڃي، ۽ چيائون تہ جي تون سچ پچ هنن ماڻهن کي اسان جي هٿن ۾ گرفتار ڪرائيندين، تہ اسين هنن جا شهر بلڪل برباد ڪري ڇڏينداسين.

3 ۽ خداوند اسرائيلين جي دانهن ٻڌي ۽ ڪنعانين کي گرفتار ڪرايائين؛ ۽ هنن اُنهن کي ۽ انهن جي شهرن کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو: ۽ انهي هنڌ جو نالو حرمہ پئجي ويو.

4 پوءِ اهي هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا، انهي لاءِ تہ ادوم جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگهي وڃن: پر اهي ماڻهو انهي ڊگهي رستي جي ڪري دل شڪستہ ٿي پيا.

5 ۽ ماڻهو خدا جي، ۽ موسيٰ جي برخلاف چوڻ لڳا، تہ ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي؟ هتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي آهي؛ ۽ اسان جي جيءَ کي هن هلڪيءَ مانيءَ کان نفرت ٿي اچي.

6 تڏهن خداوند انهن ماڻهن ۾ تمام زهريلا نانگ موڪليا، جن ماڻهن کي ڏنگيو؛ ۽ اسرائيلين مان گهڻا ماڻهو مري ويا.

7 تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي چيو، تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو اسان خداوند جي، ۽ تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؛ هاڻي تون خداوند کان دعا گهر تہ هو اسان جي وچ مان نانگ ڪڍي، ۽ موسيٰ ماڻهن جي لاءِ دعا گهري.

8 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ تون هڪڙو زهريلو نانگ جوڙي هڪڙي ڊگهيءَ ڪاٺيءَ تي لٽڪاءِ: ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو بہ نانگ جو ڏنگيل اُنهي کي ڏسندو سو جيئرو رهندو.

9 سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ جوڙيو، ۽ انهي کي هڪڙي ڊگهيءَ ڪاٺيءَ تي لٽڪايائين: ۽ هيئن ٿيو، تہ جنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي، تنهن جڏهن پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو، تہ جيئرو ٿي رهيو.

10 پوءِ بني اسرائيل اتان روانا ٿيا، ۽ اوبوت ۾ وڃي منزل ڪيائون.

11 ۽ وري اوبوت مان ڪوچ ڪري، عئي عباريم ۾ اچي تنبو کوڙيائون، جو موآب جي سامهون اڀرندي پاسي بيابان ۾ آهي.

12 پوءِ اتان بہ اڳتي هليا، ۽ زرد جي ماٿري ۾ اچي منزل ڪيائون.

13 وري اتان روانا ٿي، ارنون نديءَ جي پرينءَ ڀر وڃي منزل ڪيائون، هيءَ ارنون ندي امورين جي سرحد وٽان نڪري بيابان ۾ ٿي وهي: ۽ امورين ۽ موآبين جي ملڪ جي وچ ۾ آهي، ۽ موآب جي سرحد آهي.

14 انهي ڪري خداوند جي جنگ نامي ۾ هيئن چيل آهي تہ، واهيب جو سوفہ ۾ آهي، ۽ ارنون جون ماٿريون.

15 ۽ انهن ماٿرين جي سلامي عار شهر تائين، بلڪ موآب جي سرحد تائين ٿي پهچي.

16 وري انهن اتان ڪوچ ڪيو ۽ بير وٽ آيا: هي اهو کوهہ آهي، جتي خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن کي گڏ ڪر تہ آءٌ کين پاڻي ڏيان.

17 تڏهن اسرائيلين هي گيت ڳايو: اڙي کوهہ پنهنجو چشمو کول؛ اوهين انهيءَ بابت گيت ڳايو:

18 هي اهو کوهہ آهي، جو سردارن کوٽيو، جنهن کي اُمت جي اميرن شاهي حڪم سان، چوب ۽ پنهنجين لٺين سان بنايو. پوءِ هو بيابان مان ڪوچ ڪري متنہ ۾ آيا.

19 ۽ متنہ مان نحلي ايل ۾: ۽ نحلي ايل مان بامات ۾ آيا:

20 ۽ بامات مان روانا ٿيا، ۽ موآب جي ميدان ۾، جا ماٿري آهي، تنهن ۾ پسگہ جي چوٽيءَ تي آيا، جتان هيٺ رڻ پٽ پيو ڏسجي.

21 تڏهن اسرائيلين امورين جي بادشاهہ سيحون کي ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو، تہ

22 اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: اسين ٻنين يا ڊاک جي منهہ ڏانهن ڪين لڙنداسين؛ اسين کوهن جو پاڻي بہ ڪين پيئنداسين: اسين شاهي رستو ڏيئي هليا وينداسين، جيسين ڪ تنهنجيءَ حد مان لنگهي وڃون.

23 پر سيحون اسرائيلين کي پنهنجي حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: پر سيحون پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪري، اسرائيلين جي مقابلي لاءِ بيابان ۾ آيو، ۽ يهض ۾ اچي اسرائيلين سان جنگ ڪيائين.

24 ۽ اسرائيلين هن کي ترار جي ڌار سان ماريو، ۽ ارنون کان وٺي يبوق تائين جتي بني امون جي سرحد آهي؛ اوستائين هن جي ملڪ تي قبضو ڪيائون: ڇالاءِ جو بني امون جي سرحد مضبوط هئي.

25 ۽ اسرائيلين اهي سڀ شهر ورتا: ۽ اسرائيلي امورين جي سڀني شهرن ۾، يعني حسبون ۾ ۽ انهي جي آس پاس وارن ٻين شهرن ۾ رهي پيا.

26 هاڻي حسبون امورين جي بادشاهہ سيحون جو شهر هو، جنهن موآب جي اڳوڻي بادشاهہ سان وڙهي، ارنون تائين هن جو سارو ملڪ سندس هٿان کسي ورتو هو.

27 انهي ڪري پهاڪا ٻڌائڻ وارا چوندا آهن تہ، اوهين حبسون ۾ اچو، ڀلي تہ سيحون جو شهر ٻڌجي ۽ قائم ٿئي:

28 ڇالاءِ جو حسبون مان هڪڙي باهہ نڪتي آهي، سيحون جي شهر مان هڪڙو شعلو هليو آهي: اهو موآب جي شهر عار، ۽ ارنون جي مٿانهين جاين کي ڳهي ويو آهي.

29 اي موآب، توسان ويل آهي! اي ڪموس جي اُمت، تون چٽ ٿي آهين: هن پنهنجا پٽ ڀڄائي ڇڏيا، ۽ پنهنجون ڌيون قيدي ڪري، امورين جي بادشاهہ سيحون کي ڏنيون.

30 اسان هنن تي تير هنيا آهن؛ ۽ حسبون ديبون تائين تباهہ ٿي ويو آهي، اسان ملڪ کي نفع تائين ويران ڪيو آهي، اهو نفع، جو ميدبا تائين آهي.

31 انهيءَ طرح اسرائيلي امورين جي ملڪ ۾ رهڻ لڳا.

32 ۽ موسيٰ يعزير شهر جي جاسوسيءَ لاءِ ماڻهو موڪليا، ۽ هنن انهي جا شهر وڃي هٿ ڪيا، ۽ جيڪي اموري اتي هئا، تن کي هڪالي ڪڍيائون.

33 تنهن کان پوءِ هو اُتان ڦيرو کائي، بسن ڏانهن ويا: ۽ بسن جو بادشاهہ عوج، پنهنجن سڀني ماڻهن سميت هنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ ادرعيءَ ۾ ويو.

34 تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ هن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو مون هن کي، ۽ سندس سڀني ماڻهن کي، ۽ سندس سڄي ملڪ کي تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي؛ تون هن سان بہ ائين ئي ڪر، جيئن تو امورين جي بادشاهہ سيحون سان ڪيو، جو حسبون ۾ رهندو هو.

35 سو هنن انهي کي، ۽ سندس پٽن کي، ۽ سندس ساري قوم کي، اهڙو ماريو، جو هن جو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو: ۽ هنن انهي جو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan