Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 20 - Sindhi Bible

1 پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي؛ ۽ ماڻهو قادس ۾ رهي پيا؛ ۽ مريم اتي وفات ڪئي، ۽ اتي ئي دفن ڪئي ويئي.

2 اتي جماعت جي لاءِ پاڻي ڪونہ هو: ۽ ماڻهو موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا.

3 ۽ ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ جڏهن اسان جا ڀائر خداوند جي حضور ۾ مري ويا تڏهن اسين بہ مري وڃون ها تہ چڱو هو!

4 ڇو اوهان خداوند جي جماعت کي هن بيابان ۾ آندو آهي، تہ اسين ۽ اسان جو چوپايو مال سڀ هتي مرون؟

5 ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن خراب هنڌ آندو آهي؟ هيءَ زمين پوک جي يا انجيرن، يا ڊاک جي، يا ڏاڙهن جي لائق آهي ڇا؟ هتي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ ڪونهي.

6 تڏهن موسيٰ ۽ هارون جماعت وٽان نڪري جماعت واري تنبوءَ جي در تي آيا، ۽ منهن ڀر ڪري سجدو ڪيائون: ۽ خداوند جو جلال مٿن ظاهر ٿيو.

7 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

8 لٺ کڻ، ۽ تون ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون جماعت کي گڏ ڪري، هنن جي روبرو ٽڪر کي چئو تہ اهو پنهنجو پاڻي ڏي؛ تون انهي ٽڪر مان هنن جي لاءِ پاڻي ڪڍندين: انهيءَ طرح تون جماعت ۽ سندن چوپائي مال کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيندين.

9 ۽ موسيٰ خداوند جي حضور مان سندس حڪم موجب اها لٺ کنئي.

10 پوءِ موسيٰ ۽ هارون انهي ٽڪر جي سامهون جماعت کي گڏ ڪيو، ۽ انهن کي چيائين تہ، اي فسادي ماڻهو، هاڻي اوهين ٻڌو؛ اسين اوهان جي لاءِ هن ٽڪر مان پاڻي ڪڍون ڇا؟

11 پوءِ موسيٰ پنهنجو هٿ ڊگهيري ٻہ ڀيرا ٽڪر تي پنهنجي لٺ هنئي: تہ بي انداز پاڻي نڪري آيو، ۽ جماعت ۽ سندن مال پيتو.

12 پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي چيو تہ، اوهان مون تي اعتقاد نہ رکيو، ۽ اوهان بني اسرائيل جي نظر ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، تنهنڪري اوهين هن جماعت کي انهي ملڪ ۾ ڪين پهچائيندا جيڪو مون هنن کي ڏنو آهي.

13 اهوئي مريبا جو چشمو آهي؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل خداوند سان جهيڙو ڪيو، ۽ هو منجهن پاڪ ثابت ٿيو.

14 پوءِ موسيٰ قادس مان ادوم جي بادشاهہ کي ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو، تہ تنهنجو ڀاءُ اسرائيل هيئن ٿو چوي، تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي توکي خبر آهي:

15 تہ ڪهڙيءَ طرح اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا، ۽ اسين گهڻيءَ مدت تائين مصر ۾ رهياسين؛ ۽ مصرين اسان سان، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب هلت ڪئي:

16 پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي:

17 آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون اسان کي پنهنجي ملڪ مان لنگهڻ ڏي: اسين ٻنين يا ڊاک جي منهہ مان نہ لنگهنداسين، نڪي اسين کوهن جو پاڻي پيئنداسين: اسين شاهي رستو وٺي هليا وينداسين، ۽ جيستائين اسين تنهنجيءَ سرحد کان ٻاهر وينداسين، تيستائين اسين نڪي ساڄي پاسي ڦرنداسين نڪي کٻي پاسي.

18 پر ادوم جي بادشاهہ هن کي چيو تہ تون منهنجي ملڪ مان متان لنگهين، نہ تہ آءٌ ترار کڻي تنهنجي مقابلي لاءِ نڪرندس.

19 تڏهن بني اسرائيل هن کي چيو تہ اسين سڙڪ ئي سڙڪ ڏيئي هليا وينداسين، ۽ جي اسان ۽ اسان جي مال تنهنجو پاڻي پيتو، تہ اسين انهي جو ملهہ ڏينداسين: اسين ٻيو ڪجهہ بہ نٿا گهرون، رڳو اسان کي پنهنجي پيرين لنگهي وڃڻ ڏي.

20 تنهن تي هن چيو، تہ هرگز متان لنگهين. پوءِ ادوم جو بادشاهہ گهڻا ماڻهو ساڻ ڪري، هٿيار کڻي هن تي ڪاهي آيو.

21 انهيءَ طرح ادوم جي بادشاهہ اسرائيل کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ کان منع ڪئي: تنهنڪري اسرائيلي هن کان ڦري ٻئي پاسي ويا.

22 پوءِ اهي قادس مان روانا ٿيا: ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت هور جبل وٽ آئي.

23 ۽ خداوند هور وٽ ادوم جي سرحد جي ڀر ۾، موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ کين چيائين، تہ

24 هارون پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبو: ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، تنهن ۾ هو داخل ڪين ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان مريبہ جي چشمي وٽ منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو.

25 سو تون، هارون ۽ سندس پٽ اليعزر کي پاڻ سان وٺي هور جبل تي آڻ:

26 ۽ هارون جا ڪپڙا لاهي، سندس پٽ اليعزر کي ڍڪاءِ: ۽ هارون اتي مرندو ۽ وڃي پنهنجن وڏن سان گڏبو.

27 سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب ڪيو: ۽ هو ساري جماعت جي ڏسندي هور جبل تي چڙهي ويا.

28 ۽ موسيٰ هارون جا ڪپڙا لاهي، سندس پٽ اليعزر کي ڍڪيا؛ ۽ هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي: ۽ موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا.

29 ۽ جڏهن ساريءَ جماعت ڏٺو تہ هارون مري ويو، تڏهن انهن، يعني اسرائيل جي سڄي گهراڻي هارون لاءِ ٽيهہ ڏينهن ماتم ڪيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan