ڳاڻاٽو 16 - Sindhi Bible1 هاڻي قورح بن اضهار، بن قهات، بن لاوي، ۽ داتن ۽ ابيرام بن الياب، ۽ اون بن پلت، جي روبن جا پٽ هئا، تن پاڻ سان ڪي ماڻهو گڏ ڪيا: 2 ۽ اهي بني اسرائيل مان اڍائي سؤ ماڻهو، جي جماعت مان چونڊيل سردار ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي ساڻ ڪري، موسيٰ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اُٿيا. 3 اهي موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا، ۽ انهن کي چوڻ لڳا تہ اوهين وڏي اختياري ٿا هلايو. جڏهن جماعت جو هرهڪ ماڻهو پاڪ آهي، ۽ خداوند انهن منجهہ آهي، تہ پوءِ اوهين پاڻ کي خداوند جي جماعت کان وڏا ڇو ٿا سمجهو؟ 4 ۽ جڏهن موسيٰ اهو ٻڌو، تڏهن منهن ڀر ڪريو. 5 پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي چيو تہ سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي، ۽ ڪير پاڪ آهي، ۽ ڪنهن کي هو پاڻ وٽ ٿو سڏي؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي هو پسند ڪندو، تنهن کي ئي پاڻ وٽ سڏيندو. 6 اوهين هيئن ڪريو، قورح ۽ سندس ٽوليءَ وارا سڀيئي واسوڙا کڻو؛ 7 ۽ سڀاڻي خداوند جي حضور ۾ انهن تي ٽانڊا رکي مٿن لوبان وجهو: پوءِ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند پسند ڪندو، سو پاڪ ٿيندو: اي لاويءَ جا گهراڻا اوهين ڏاڍي زوراوري ٿا ڪريو. 8 پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ اي بني لاويءَ جا گهراڻا، هاڻي ٻڌو: 9 اوهين اها خسيس ڳالهہ ٿا سمجهو ڇا جو خدا اوهان کي بني اسرائيل جي جماعت مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، ۽ اوهان کي پاڻ وٽ سڏيو اٿس؛ انهي لاءِ تہ اوهين خداوند جي خيمي جي خدمت ڪريو، ۽ جماعت جي سامهون بيهي سندن ٽهل ڪريو؛ 10 ۽ هن توکي، ۽ توسان گڏ تنهنجن سڀني ڀائرن کي، يعني لاويءَ جي گهراڻي کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ هاڻي اوهين ڪهانت ۾ بہ اکيون ٿا وجهو ڇا؟ 11 تنهنڪري تون، ۽ تنهنجي سڄي ٽولي خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا آهيو؛ هارون ڪير آهي، جنهن جي برخلاف اوهين ڪرڪر ٿا ڪريو؟ 12 پوءِ موسيٰ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام کي گهرايو، پر هنن چيو تہ اسين ڪين اينداسين. 13 اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي انهي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ انهي لاءِ تہ اسان کي بيابان ۾ مارين، ۽ وري اسان جي مٿان حڪومت ٿو هلائين؟ 14 تنهن کان سواءِ تو اسان کي انهي ملڪ ۾ بہ نہ پهچايو آهي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي؛ تون هنن ماڻهن جون اکيون ڪڍي وٺندين ڇا؟ اسين ڪين اينداسين. 15 تڏهن موسيٰ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ خداوند کي چيائين تہ تون انهن جي قرباني قبول نہ ڪر، مون انهن کان هڪڙو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايو اٿم. 16 پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ سڀاڻي تون پنهنجي سڄيءَ ٽوليءَ سميت، يعني تون، ۽ اهي، ۽ هارون، سڀيئي خداوند جي اڳيان حاضر ٿجو؛ 17 ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجو واسوڙو کڻي انهي تي لوبان وجهي، ۽ هرڪو پنهنجو واسوڙو خداوند جي حضور ۾ آڻي، انهيءَ طرح اڍائي سؤ واسوڙا ٿين، تون، ۽ هارون بہ پنهنجو پنهنجو واسوڙو آڻيو. 18 ان موجب هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو پنهنجو واسوڙو کنيو، ۽ ان تي ٽانڊا رکي، مٿن لوبان وجهي، موسيٰ ۽ هارون سان گڏ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ اچي بيٺو. 19 سو قورح، پنهنجي سڄي ٽولي، هنن جي برخلاف جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي گڏ ڪئي؛ تڏهن خداوند جو جلال سڄي جماعت جي روبرو ظاهر ٿيو. 20 ۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ 21 اوهين پاڻ کي هن جماعت کان ڌار ڪريو تہ آءٌ هنن کي هڪ پل ۾ ڀسم ڪريان. 22 تڏهن اهي سجدو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا، سڀني جانين جي روحن جا خدا، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ ڪري، تون ساري جماعت تي ڪاوڙبين ڇا؟ 23 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 24 تون جماعت کي چئُہ تہ اوهين قورح، داتن، ۽ ابيرام جي تنبن جي پسگردائيءَ کان نڪري پري ٿيو. 25 تڏهن موسيٰ اتي داتن ۽ ابيرام وٽ ويو، ۽ اسرائيل جا بزرگ سندس پٺيان ويا. 26 ۽ هن جماعت کي مخاطب ٿي چيو تہ آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين هنن شرير ماڻهن جي تنبن کان نڪري پري ٿيو ۽ هنن جي ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لايو، متان اوهين بہ هنن جي سڀني گناهن ۾ چٽ ٿي وڃو. 27 ان موجب هو قورح، داتن ۽ ابيرام جي تنبن کان هٽي پري ٿيا، ۽ داتن ۽ ابيرام نڪري اچي پنهنجن تنبن جي در تي بيٺا، ۽ سندن زالون، ۽ سندن پٽ، ۽ سندن ننڍڙا ٻار بہ ساڻن گڏ هئا. 28 تڏهن موسيٰ چيو تہ انهي مان اوهان کي سڌ پوندي تہ خداوند مون کي هي سڀ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي مرضيءَ سان اهي نہ ڪيا آهن. 29 جيڪڏهن هي ماڻهو ٻين سڀني ماڻهن وانگر عام موت مرن، يا جيڪڏهن هنن تي ڪا اهڙي آفت نازل ٿئي، جا ٻين سڀني ماڻهن تي ٿيندي آهي، تہ آءٌ خداوند جو موڪليل نہ آهيان. 30 پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري، ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري ملڪيت سميت ڳهي وڃي، ۽ هو جيئرا ئي اوڙاهہ ۾ پون، تہ پوءِ سمجهجو تہ هنن خداوند جي بي ادبي ڪئي آهي. 31 ۽ هيئن ٿيو جو اڃا هن ايترو ڳالهائي بس ڪئي، تہ هنن جي هيٺان زمين ڦاٽي پيئي؛ 32 ۽ زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ هنن کي، هنن جي گهر ٻار کي، ۽ جن ماڻهن جو قورح سان واسطو هو، تن سڀني کي، سندن مال متاع سميت ڳهي ويئي. 33 انهيءَ طرح هو، ۽ ٻيا جيڪي سندن هئا، سي سڀ جيئري ئي وڃي اوڙاهہ ۾ پيا؛ پوءِ زمين انهن جي مٿان پورجي ويئي، ۽ اهي جماعت منجهان نابود ٿي ويا. 34 ۽ سڀ اسرائيلي جيڪي انهن جي آس پاس هئا، سي انهن جون دانهون ٻڌي اُٿي ڀڳا؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ متان زمين اسان کي بہ نہ ڳهي وڃي. 35 پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، ۽ جن اڍائي سؤ ماڻهن لوبان ساڙيو هو، تن کي ڀسم ڪري ڇڏيائين. 36 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 37 هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي چئُہ تہ سڙيل ڍير مان واسوڙا ڪڍي وٺي، ڇالاءِ جو اهي پاڪ آهن؛ ۽ تون باهہ کي هيڏانهن هوڏانهن پکيڙي ڇڏ. 38 اهي گنهگار، جيڪي پنهنجيءَ حياتيءَ جا دشمن ٿيا، تن جي واسوڙن کي ڪٽي، قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا جوڙيو، ڇو جو هنن اهي خداوند جي حضور ۾ نذر ڪيا، تنهنڪري اهي پاڪ آهن؛ ۽ اهي بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي نشاني ٿيندي. 39 تڏهن اليعزر ڪاهن، اهي پتل جا واسوڙا کنيا، جي سڙي ويل ماڻهن نذر ڪيا هئا، ۽ انهن کي ڪٽي قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا جوڙيائين، 40 تہ بني اسرائيل جي يادگيريءَ لاءِ هڪڙو نشان ٿئي؛ انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو هارون جي نسل مان نہ هجي، سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي، تہ هن جو حال قورح ۽ سندس ٽوليءَ جهڙو نہ ٿئي؛ جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت هن کي فرمايو هو. 41 پر ٻئي ڏينهن بني اسرائيل جي جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي تہ اوهان خداوند جي ماڻهن کي ماريو آهي. 42 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اها جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف گڏ ٿي، تڏهن انهن جماعت واري تنبوءَ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ ڏسو، ڪڪر انهي کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو. 43 تڏهن موسيٰ ۽ هارون جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان آيا. 44 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ 45 اوهين هن جماعت مان نڪري وڃو تہ آءٌ هنن کي هڪڙي پل ۾ چٽ ڪري ڇڏيان. تڏهن انهن سجدو ڪيو. 46 ۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون پنهنجو واسوڙو کڻ، ۽ قربانگاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهي تي رک، ۽ انهي تي لوبان وجهہ، ۽ جلد اهو کڻي جماعت ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند جو غضب نازل ٿيو آهي، ۽ طاعون شروع ٿيو آهي. 47 تڏهن هارون موسيٰ جي چوڻ موجب واسوڙو کڻي جماعت ۾ ڊوڙي ويو، ۽ ڏسو، طاعون ماڻهن ۾ شروع ٿي چڪو هو. سو هن لوبان ساڙيو، ۽ ماڻهن جي لاءِ ڪفارو ڪيائين؛ 48 ۽ هو، مئلن ۽ جيئرن جي وچ ۾ بيهي رهيو، تڏهن طاعون بند ٿي ويو. 49 هاڻي جيڪي طاعون ۾ مئا، سي چوڏهن هزار ۽ ست سؤ هئا، سواءِ انهن جي جيڪي قورح واري حادثي ۾ مئا هئا. 50 پوءِ هارون جماعت واري تنبوءَ جي در تي موسيٰ وٽ آيو ۽ طاعون بند ٿي ويو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society