ڳاڻاٽو 14 - Sindhi Bible1 تڏهن ساري جماعت رڙيون ڪري روئڻ لڳي؛ ۽ ساري رات ماڻهن پئي رنو. 2 ۽ بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون تي ڪُرڪڻ لڳا، ۽ ساريءَ جماعت انهن کي چيو تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو، يا هن بيابان ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو! 3 ڇالاءِ خداوند اسان کي هن ملڪ ۾ ترار سان مارجڻ لاءِ آندو آهي؟ اسان جون زالون ۽ اسان جا ٻار پڪڙجي ويندا: اسان لاءِ ائين بهتر نہ آهي ڇا، تہ موٽي مصر ۾ هلون؟ 4 ۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ اچو تہ هڪڙي کي پنهنجو سردار بنائي موٽي مصر ۾ هلون. 5 تڏهن موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي ساري جماعت جي سامهون منهن ڀر ڪري پيا. 6 ۽ نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جي انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا: 7 ۽ انهن بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي چيو تہ جنهن ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ اسين انهي مان لنگهياسين، سو نهايت چڱو ملڪ آهي. 8 جيڪڏهن خداوند اسان تي راضي هوندو تہ هو ضرور اسان کي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏيندو. 9 رڳو اوهين خداوند جي برخلاف بغاوت نہ ڪريو، نڪي انهي ملڪ جي ماڻهن کان ڊڄو؛ انهن جو بچاءُ وٽانئن نڪري ويو آهي، ۽ اسان سان خداوند آهي: اوهين انهن کان نہ ڊڄو. 10 پر ساري جماعت چوڻ لڳي تہ هنن کي سنگسار ڪريو. تڏهن خداوند جو جلال سڀني بني اسرائيلين جي روبرو جماعت واري تنبوءَ ۾ ظاهر ٿيو. 11 ۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي تحقير ڪندا؟ ۽ جيڪي هيتريون نشانيون مون هنن کي ڏيکاريون آهن، تن جي هوندي بہ ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟ 12 آءٌ هنن کي وبا سان ماريندس، ۽ کين ورثي کان خارج ڪندس، ۽ تو مان هڪڙي هنن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم ٺاهيندس. 13 پر موسيٰ خداوند کي چيو تہ پوءِ مصري اهو ٻڌندا، ڇالاءِ جو تو هن اُمت کي انهن ماڻهن منجهان پنهنجيءَ طاقت سان ڪڍي ٻاهر آندو آهي؛ 14 ۽ اهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا: انهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند هن اُمت ۾ آهين؛ ڇو جو تون خداوند هنن کي روبرو ڏيکاري ٿو ڏين، ۽ تنهنجو ڪڪر هنن جي مٿان ٿو بيهي، ۽ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ هنن جي اڳيان ٿو هلين. 15 هاڻي جيڪڏهن تون هن اُمت کي هڪڙي ماڻهوءَ وانگر ماريندين، تہ جن قومن تنهنجي ناموس ٻڌي آهي، سي چونديون تہ 16 خداوند هن اُمت کي انهي ملڪ ۾ پهچائي نہ سگهيو، جنهن بابت انهن سان قسم کنيو هئائين، تنهنڪري کين بيابان ۾ ماري وڌائين. 17 هاڻي، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ ڀلي تہ خداوند جي عظيم قدرت ظاهر ٿئي، جيئن تو فرمايو آهي، تہ 18 خداوند غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي؛ هو بڇڙاين ۽ خطائن جو معاف ڪندڙ آهي؛ پر ڏوهارين کي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڏيڻ وارو نہ آهي. ابن ڏاڏن جي بڇڙاين جي سزا سندن اولاد کي ٽين ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين ڏيندو آهي. 19 آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي وڏيءَ ٻاجهہ موجب، هن اُمت جي بڇڙائي معاف ڪر، جهڙيءَ طرح ڪ تون مصر کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هن اُمت کي معافي ڏني آهي. 20 تڏهن خداوند فرمايو تہ مون تنهنجي چوڻ موجب انهن کي معافي ڏني: 21 پر مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم تہ ساري زمين خداوند جي جلال سان ڀرپور ٿيندي؛ 22 ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن. 23 سو جنهن ملڪ جي بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، سو اهي اصل ڪين ڏسندا. نڪي جن مون کي ڪاوڙايو آهي، تن مان ڪو اهو ڏسندو. 24 پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جي طبيعت ٻئي قسم جي آهي، ۽ جنهن پوريءَ طرح منهنجي پيروي ڪئي آهي، تنهن کي آءٌ انهي ملڪ ۾ وٺي ويندس، جنهن ۾ هو ويو هو، ۽ اهو ملڪ انهي جي اولاد جي قبضي ۾ ايندو. 25 هاڻي عماليقي ۽ ڪنعاني ماٿريءَ واريءَ زمين تي ٿا رهن: سو سڀاڻي اوهين ڦرو، ۽ ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان بيابان ۾ نڪري وڃو. 26 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائين تہ 27 هيءَ خراب جماعت، جا مون بابت ڪرڪر پيئي ڪري، تنهن سان آءٌ ڪيستائين صبر ڪندس؟ بني اسرائيل منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر پيا ڪن، سا مون ٻڌي آهي؛ 28 انهن کي چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم تہ جيڪي ڳالهيون اوهان منهنجي ٻڌندي ڪيون آهن، تيئن آءٌ بہ اوهان سان ڪندس. 29 اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا، ۽ انهن سڀني جا، جن جو اوهان ۾ شمار ڪيو ويو آهي، يعني اوهان جي شمار موجب جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي آهي، جن منهنجي برخلاف ڪرڪر ڪئي آهي، 30 ۽ جنهن ملڪ بابت مون پنهنجو هٿ کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اتي رهائيندس، تنهن ۾ يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو اوهان مان ڪوبہ ڪونہ پهچندو. 31 پر اوهان جا ٻار جن جي نسبت ۾ اوهان چيو تہ اهي پڪڙجي ويندا، تن کي آءٌ اتي پهچائيندس، ۽ اهي انهي ملڪ جو قدر ڄاڻندا، جنهن کي اوهان رد ڪيو آهي. 32 باقي اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا. 33 ۽ اوهان جا ٻار چاليهن ورهين تائين هن بيابان ۾ پيا رلندا، ۽ اوهان جي زناڪارين جو ڪيتو پيا لوڙيندا؛ جيسين ڪ اوهان جا لاشا بيابان ۾ سڙي ڳري ويندا. 34 جيترن ڏينهن ۾ اوهان انهي ملڪ جي جاسوسي ڪئي آهي، يعني چاليهن ڏينهن ۾، انهن مان هرهڪ ڏينهن لاءِ هڪ سال تائين، يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجين براين جو بار کڻندا، ۽ منهنجي وڇوڙي جي اوهان کي خبر پوندي. 35 مون خداوند اهو فرمايو آهي ۽ يقين ڄاڻو تہ هيءَ خراب جماعت، جا منهنجي برخلاف گڏ ٿي آهي، تنهن سان آءٌ ائين ڪندس. اهي هن بيابان ۾ برباد ٿيندا، ۽ اتي ئي مرندا. 36 ۽ جن ماڻهن کي موسيٰ انهي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، ۽ جن موٽي اچي انهيءَ زمين بابت خراب خبر ٻڌائي، جنهنڪري ساري جماعت هن جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳي، 37 يعني اهي ماڻهو جن انهي ملڪ بابت خراب خبر آندي هئي، سي خداوند جي حضور ۾ طاعون سان مري ويا. 38 پر نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، انهن ماڻهن مان جيڪي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، جيئرا رهيا. 39 سو موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، ۽ اهي ماڻهو ڏاڍا غمگين ٿيا؛ 40 ۽ اهي صبح جو سوير اُٿي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهيا، ۽ چوڻ لڳا تہ جيتوڻيڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، پر اِجهو اسين هتي آيا آهيون، ۽ اچو تہ انهي هنڌ ڏانهن هلون، جنهن جو خداوند واعدو ڪيو آهي. 41 تڏهن موسيٰ چيو تہ اوهين خداوند جي حڪم عدولي ڇو ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ ڏسو ٿا تہ انهي مان ڪو فائدو نہ ٿيندو؟ 42 خداوند اوهان منجهہ ڪونهي، تنهنڪري اوهين مٿي نہ وڃو، متان اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان مارجي وڃو. 43 ڇالاءِ جو اتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان جي سامهون آهن، ۽ اوهين ترار سان مارجي ويندا: اوهين خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويا آهيو، انهي ڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو. 44 پر هو گستاخي ڪري جبل جي چوٽيءَ تي چڙهڻ لڳا: تڏهن بہ خداوند جي عهد جي صندوق، ۽ موسيٰ، منزلگاهہ کان ٻاهر نہ نڪتا. 45 پوءِ عماليقي ۽ ڪنعاني جي انهيءَ جبل تي رهندا هئا، سي هيٺ لهي آيا، ۽ حرمہ تائين انهن کي ماريندا آيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society