Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 13 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 تون ماڻهو موڪل تہ اهي وڃي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪن، جو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان: هرهڪ اباڻي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو، جو منجهن سردار هجي، تنهن کي موڪل.

3 سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن کي فاران جي بيابان مان موڪليو: اهي سڀ بني اسرائيل جا سردار هئا.

4 ۽ انهن جا نالا هي هئا: روبن جي قبيلي مان، ذڪور جو پٽ سموع.

5 ۽ شمعون جي قبيلي مان، حوريءَ جو پٽ سافط.

6 ۽ يهوداهہ جي قبيلي مان، يفنہ جو پٽ ڪالب.

7 ۽ اشڪار جي قبيلي مان، يوسف جو پٽ اجال.

8 ۽ افرائيم جي قبيلي مان، نون جو پٽ هوسيع.

9 ۽ بنيمين جي قبيلي مان، رفوءَ جو پٽ فلتي.

10 ۽ زبولون جي قبيلي مان، سوديءَ جو پٽ جدي ايل.

11 ۽ يوسف جي قبيلي مان، يعني منسيءَ جي قبيلي مان، سوسيءَ جو پٽ جدي.

12 ۽ دان جي قبيلي مان، جمليءَ جو پٽ عمي ايل.

13 ۽ آشر جي قبيلي مان، ميڪائيل جو پٽ ستور.

14 ۽ نفتاليءَ جي قبيلي مان، وفسيءَ جو پٽ نخبي.

15 ۽ جد جي قبيلي مان، ماڪيءَ جو پٽ جيو ايل.

16 اهي آهن انهن ماڻهن جا نالا، جن کي موسيٰ انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ موسيٰ نون جي پٽ هوسيع کي يشوع ڪري سڏيو.

17 ۽ موسيٰ انهن کي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين ڏکڻ واري رستي ڏانهن وڃو، ۽ جبلن تي وڃي چڙهو،

18 ۽ نهاري ڏسو تہ اهو ملڪ ڪهڙي قسم جو آهي؛ ۽ جيڪي ماڻهو اتي رهن ٿا، سي زور ڀريا آهن يا ضعيف آهن، ٿورا آهن يا گهڻا آهن؛

19 ۽ جتي هو رهن ٿا، سو ملڪ ڪهڙو آهي، چڱو آهي يا خراب آهي؛ ۽ جن شهرن ۾ هو رهن ٿا، سي ڪهڙا آهن؛ اهي ماڻهو تنبن ۾ ٿا گذارين يا مضبوط ڪوٽن ۾؛

20 ۽ اها زمين ڪهڙي قسم جي آهي، ڀلي آهي يا ناقص آهي، انهي ۾ وڻ آهن يا نہ. اوهين همت وارا ٿيو ۽ انهيءَ زمين جي ميون مان ڪجهہ کڻي اچجو. انهي وقت ڊاک جي پهرئين ڦل پچڻ جي موسم هئي.

21 سو هو روانا ٿيا ۽ سين جي بيابان کان وٺي رحوب تائين، جو جمات جي واٽ تي آهي، سڄي ملڪ جي جاسوسي ڪيائون؛

22 ۽ هو ڏکڻ جي طرف کان مٿي چڙهيا، ۽ حبرون ۾ آيا؛ جتي عناق جو اولاد، اخيمان، ۽ سيسي، ۽ تلمي رهندا هئا، (هاڻي حبرون، مصر جي شهر ضعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو.)

23 پوءِ هو اسڪال جي ماٿري ۾ آيا، ۽ اتان هڪڙي ڊاک جي ٽاري، ڇڳي سميت وڍيائون، ۽ اها لٺ ۾ وجهي ٻہ ڄڻا کڻي هليا، ۽ ڪي ڏاڙهون ۽ انجير بہ کنيائون.

24 انهي هنڌ جو نالو اسڪال جي ماٿري رکيو ويو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتان اهو ڇڳو وڍيو هو.

25 ۽ هو انهي ملڪ جي جاسوسي ڪري چاليهن ڏينهن کان پوءِ موٽي آيا.

26 پوءِ هو فاران جي بيابان ۾ قادس منجهہ، موسيٰ ۽ هارون ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت وٽ آيا، ۽ اچي حال احوال ڏنائون، ۽ انهيءَ زمين جو ميوو ڏيکاريائون.

27 ۽ چيائونس تہ جنهن ملڪ ۾ تو اسان کي موڪليو هو، انهي ۾ اسين وياسين، ۽ سچ پچ انهي ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ هي انهي جو ميوو آهي.

28 پر جيڪي ماڻهو انهي ملڪ ۾ رهن ٿا، سي ڏاڍا زوراور آهن، ۽ اتي جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن: ۽ اسان اُتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.

29 انهي ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن، ۽ حتي ۽ يبوسي ۽ اموري جبلن ۾ ٿا رهن، ۽ سمنڊ واري پاسي ۽ يردن جي ڪناري تي ڪنعاني ٿا رهن.

30 پوءِ ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسين انهي تي پوريءَ طرح غالب پونداسين.

31 پر جيڪي ماڻهو هن سان گڏ ويا هئا، تن چيو تہ اسين انهن ماڻهن تي حملي ڪرڻ لاءِ وڃي نٿا سگهون، ڇو تہ اهي اسان کان وڌيڪ زور وارا آهن.

32 ۽ هنن، جنهن ملڪ جي جاسوسي ڪري آيا هئا، تنهن بابت بني اسرائيل کي هڪڙي خراب خبر ٻڌائي، ۽ چيائون تہ اها زمين، جنهن جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ اسين ويا هئاسين، سا اهڙي زمين آهي، جا اتي جي رهاڪن کي کايو وڃي، ۽ جيڪي ماڻهو اسان اتي ڏٺا سي سڀ ڏاڍا قداور آهن.

33 ۽ اسان اتي راڪاس ڏٺا، يعني عناق جو اولاد، جي راڪاسن جي نسل مان آهن، ۽ اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين، ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan