ڳاڻاٽو 12 - Sindhi Bible1 هاڻي موسيٰ هڪڙي ڪوشي زال سان شادي ڪئي هئي، تنهنڪري مريم ۽ هارون هن جي برخلاف ڳالهائڻ لڳا، ڇو تہ هن ڪوشيءَ زال سان شادي ڪئي هئي. 2 هو چوڻ لڳا تہ خداوند رڳو موسيٰ سان ڳالهايو آهي ڇا؟ هن اسان سان بہ نہ ڳالهايو آهي ڇا؟ ۽ خداوند اهو ٻڌو. 3 هاڻي سڄي زمين تي جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کان موسيٰ تمام حليم هو. 4 پوءِ خداوند، اوچتو موسيٰ کي، ۽ هارون کي، ۽ مريم کي چيو تہ اوهين ٽيئي جماعت واري تنبوءَ مان ٻاهر نڪري اچو، ۽ اهي ٽيئي ٻاهر نڪري آيا. 5 پوءِ خداوند ڪڪر جي ٿنڀ ۾ لٿو، ۽ تنبوءَ جي در تي اچي بيٺو، ۽ هارون ۽ مريم کي سڏيائين: ۽ اهي ٻئي آيا. 6 تڏهن هن چيو تہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند، رويا ۾ انهي تي ظاهر ٿيندس، ۽ خواب ۾ انهي سان ڳالهائيندس. 7 پر منهنجو ٻانهو موسيٰ اهڙو نہ آهي، هو منهنجي ساري گهر ۾ ايماندار آهي؛ 8 آءٌ انهي سان روبرو ظاهر ظهور ڳالهائيندس، ۽ نہ ڳجهارتن ۾، ۽ هو خداوند جي شڪل بہ ڏسندو: تڏهن ڇو اوهين منهنجي ٻانهي جي برخلاف، يعني موسيٰ جي برخلاف، ڳالهائڻ کان نٿي ڊنا؟ 9 ۽ خداوند کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي؛ ۽ هو هليو ويو. 10 پوءِ اهو ڪڪر تنبوءَ تان هٽجي ويو، ۽ ڏسو، مريم هڪدم ڪوڙهي ٿي پيئي، بلڪل اڇي جهڙي برف، ۽ هارون مريم ڏانهن نهاريو، ۽ ڏٺائينس تہ ڪوڙهي ٿي پيئي آهي. 11 تڏهن هارون موسيٰ کي چيو تہ، اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان تي اهو گناهہ نہ رک؛ ڇالاءِ جو اسان بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي، ۽ انهي ڪري اسين گنهگار آهيون. 12 آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هن کي انهي مردي جهڙي ٿيڻ نہ ڏي، جنهن جو بت سندس ماءُ جي پيٽ مان نڪرڻ وقت اڌ سڙيل ڳريل هجي. 13 تڏهن موسيٰ خداوند جي اڳيان پڪاري چيو تہ، اي خداوند، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ هن کي چڱو ڀلو ڪر. 14 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ جيڪڏهن هن جو پيءُ رڳو هن جي منهن تي ٿُڪ اُڇلائي ها، تہ هيءَ ستن ڏينهن تائين شرمندي نہ رهي ها ڇا؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ منزلگاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي. 15 ان موجب مريم ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهي ۽ جيسين مريم موٽي اندر نہ آئي، تيسين ماڻهن ڪوچ نہ ڪيو. 16 تنهن کان پوءِ ماڻهو حصيرات مان روانا ٿيا، ۽ فاران جي بيابان ۾ وڃي تنبو هنيائون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society