ڳاڻاٽو 11 - Sindhi Bible1 پوءِ اُمت ڪُرڪڻ، ۽ خداوند جي ٻڌندي اجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳي: ۽ جڏهن خداوند اهي ٻڌيون، تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو، ۽ خداوند جي باهہ انهن ۾ ٻرڻ لڳي، ۽ منزلگاهہ جو ٻاهريون ڀاڱو ساڙي ڇڏيائين. 2 تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي دانهون ڪيون، ۽ موسيٰ خداوند کان دعا گهري، ۽ باهہ وسامي ويئي. 3 ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو تبعيرہ رکيو ويو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي باهہ منجهن ٻرڻ لڳي هئي. 4 ۽ انهن ۾ جيڪي ٻين ذاتين جا ماڻهو گڏيل هئا، سي اجايون سَڌون ڪرڻ لڳا، ۽ بني اسرائيل بہ روئي چوڻ لڳا تہ ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟ 5 اسان کي اها مڇي ياد ٿي اچي، جا اسين مصر ۾ مفت کائيندا هئاسين، ۽ اتي جا ونگا، ۽ گدرا، ۽ تازو ۽ سڪو بصر، ۽ ٿوم، اهي سڀ اسان کي ياد ٿا پون: 6 پر هاڻ اسان جو ساهہ پيو سڪي؛ هتي تہ ڪجهہ بہ نہ آهي: اسين هن من کان سواءِ ٻيو ڪي بہ نٿا ڏسون. 7 اها من سڪل ڌاڻن جهڙي هئي، ۽ موتين وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آئي: 8 ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها گڏ ڪندا هئا، ۽ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا، يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا، ۽ ديڳڙن ۾ ٿورو ٻاڦي، پوءِ انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا؛ انهيءَ جو سواد تازي تيل جهڙو هو. 9 رات جو جڏهن منزلگاهہ تي ماڪ پوندي هئي، تڏهن انهيءَ سان گڏ من بہ ڪرندي هئي. 10 ۽ موسيٰ ٻڌو تہ اُمت جي گهراڻن مان سڀڪو پنهنجي تنبوءَ جي در تي بيٺو روئي: ۽ خداوند کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي؛ ۽ موسيٰ کي بہ اها ڳالهہ نہ وڻي. 11 تڏهن موسيٰ خداوند کي چيو تہ تو پنهنجي ٻانهي کي ڇو تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ ڇو تنهنجي رحم جي نظر مون تي ڪانہ ٿي، جو تو هنن سڀني ماڻهن جو بار مون تي رکيو آهي. 12 هي سڀ ماڻهو منهنجي ئي پيٽ ۾ پيل هئا ڇا؟ جو تون مون کي چوين ٿو تہ جيئن ڪو پيءُ پنهنجي کير پياڪ ٻار کي کڻندو آهي، تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟ 13 هو مون کي روئي روئي چون ٿا تہ اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون، پر آءٌ هيترن ماڻهن کي گوشت ڪٿان آڻي ڏيان؟ 14 آءٌ هنن سڀني ماڻهن جو بار کڻي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اهو مون لاءِ نهايت ڳرو آهي. 15 جيڪڏهن تون مون سان اهڙي هلت ٿو ڪرين، تہ پوءِ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جي مون تي تنهنجي رحم جي نظر آهي تہ مون کي ماري ڇڏ، تہ آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان. 16 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا، جن کي تون اُمت جا بزرگ ۽ اُنهن جا حاڪم ڄاڻين، تن کي منهنجي لاءِ گڏ ڪر، ۽ کين جماعت واري تنبوءَ ۾ وٺي اچ تہ توسان گڏ بيهن. 17 ۽ آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس، ۽ تو تي جيڪو روح آهي تنهن مان، آءٌ ڪجهہ انهن تي وجهندس، ۽ اهي توسان گڏ اُمت جو بار کڻندا، تہ تون اڪيلو نہ کڻين. 18 ۽ تون ماڻهن کي چئُہ تہ اوهين سڀاڻي جي لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪريو، جو اوهين گوشت کائيندا؛ ڇالاءِ جو اوهان جو روئڻ، خداوند جي ڪنن تائين پهتو آهي: جو چئو ٿا تہ ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟ جو مصر ۾ اسان جو حال چڱو هو: تنهنڪري خداوند اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ اوهين کائجو. 19 ۽ اوهين نہ رڳو هڪڙو ڏينهن، يا ٻہ ڏينهن، يا ڏهہ ڏينهن، يا ويهہ ڏينهن کائيندا، 20 پر سڄو مهينو کائيندا، جيسين ڪ اهو اوهانجين ناسن مان نڪري، ۽ اوهين انهي مان ڪڪ ٿي پئو؛ ڇالاءِ جو اوهان انهي خداوند جي حقارت ڪئي آهي، جو اوهان منجهہ آهي، ۽ انهي جي اڳيان روئي چيو اٿوَ تہ اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين. 21 تڏهن موسيٰ چيو تہ هي ماڻهو جن ۾ آءٌ آهيان، سي ڇهہ لک پيادا آهن، ۽ تون چوين ٿو تہ آءٌ اُنهن کي ايترو گوشت ڏيندس، جو هو سڄو مهينو کائيندا. 22 هنن جي پورائيءَ لاءِ ڌڻ ۽ ڍور ذبح ڪيا ويندا ڇا؟ يا هنن جي لاءِ سمنڊ جي مڇي گڏ ڪئي ويندي جا کين پوري پوي؟ 23 تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي ڇا؟ هاڻي تون ڏسندين تہ منهنجو چوڻ تنهنجي نسبت ۾ پورو ٿئي ٿو يا نہ. 24 تڏهن موسيٰ ٻاهر نڪري ماڻهن کي خداوند جون ڳالهيون ٻڌايون، ۽ اُمت جي بزرگن مان ستر ڄڻا گڏ ڪري، انهن کي تنبوءَ جي چوڌاري بيهاريائين. 25 پوءِ خداوند ڪڪر ۾ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين، ۽ انهي تي جيڪو روح هو، تنهن مان ڪجهہ انهن ستر بزرگن تي وڌائين؛ ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن تي روح آيو، تڏهن هو نبوت ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون. 26 پر انهن مان ٻہ ڄڻا منزلگاهہ ۾ رهجي ويا هئا، جن مان هڪڙي جو نالو الداد هو، ۽ ٻئي جو ميداد هو، ۽ انهن تي بہ روح نازل ٿيو؛ ۽ هي بہ انهن مان هئا جن جا نالا لکيا ويا هئا، پر اهي تنبوءَ ڏانهن ڪونہ ويا هئا: ۽ اهي منزلگاهہ ۾ ئي نبوت ڪرڻ لڳا. 27 تڏهن هڪڙي جوان ماڻهوءَ ڊوڙي وڃي موسيٰ کي چيو تہ الداد ۽ ميداد، منزلگاهہ ۾ نبوت پيا ڪن. 28 تنهن تي نون جو پٽ يشوع، جو موسيٰ جو خادم هو، ۽ چونڊيل ماڻهن مان هڪڙو هو، تنهن ورندي ڏيئي چيو تہ اي منهنجا سائين موسيٰ، انهن کي منع ڪر. 29 پر موسيٰ چيس تہ توکي مون لاءِ غيرت ٿي اچي ڇا؟ خدا ڪري تہ شل خداوند جا سڀيئي ماڻهو نبي ٿي پون، ۽ خداوند پنهنجو روح انهن تي نازل ڪري! 30 ۽ موسيٰ ۽ بني اسرائيل جا بزرگ منزلگاهہ ۾ اچي گڏ ٿيا. 31 ۽ خداوند هڪڙو طوفان موڪليو، جنهن سمنڊ واري پاسي کان ٻٽيرا گهلي آندا، ۽ منزلگاهہ تي، ۽ منزلگاهہ جي ٻنهي پاسي، هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تائين آڻي ڪيرايائين، ۽ اهي زمين کان مٿي ٻہ هٿ عمق ۾ ڍير ٿي ويا. 32 تڏهن ماڻهو اُٿيا، ۽ سارو ڏينهن ۽ ساري رات، ۽ ورندو سارو ڏينهن ٻٽيرا گڏ ڪيائون. جنهن تمام ٿورا گڏ ڪيا تنهن بہ اڌ مڻ جيترا گڏ ڪيا، ۽ پوءِ اهي پنهنجي لاءِ منزلگاهہ جي آس پاس پکيڙي ڇڏيائون. 33 اهو گوشت اڃا سندن ڏندن جي وچ ۾ هو، ۽ اڃا اهو چٻيو ئي ڪين هئائون، تہ خداوند کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ خداوند ماڻهن کي وڏي طاعون سان ماريو؛ 34 ۽ انهي هنڌ جو نالو قبروت هتاوہ رکيو ويو؛ ڇالاءِ جو اتي انهن ماڻهن کي دفن ڪيائون، جن اجائي سَڌ ڪئي. 35 پوءِ ماڻهو قبروت هتاوہ مان روانا ٿيا ۽ حصيرات ۾ آيا، ۽ حصيرات ۾ منزل ڪري رهي پيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society