Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ڳاڻاٽو 1 - Sindhi Bible

1 جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي پهرينءَ تاريخ، سينا جي بيابان ۾، جماعت واري تنبوءَ ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

2 تون بني اسرائيل جي ساري جماعت جو، سندن خاندانن ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، هرهڪ مرد جو نالو وٺي شمار ڪر.

3 بني اسرائيل ۾ جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هجن، تن جو سندن لشڪر موجب، تون ۽ هارون گڏجي شمار ڪريو.

4 هرهڪ قبيلي جو هڪڙو هڪڙو ماڻهو؛ جو پنهنجي اباڻي گهراڻي جو سردار هجي، سو اوهان سان گڏ رهي.

5 ۽ جيڪي ماڻهو اوهان سان گڏ هوندا تن جا نالا هي آهن: روبن جي قبيلي مان؛ شديور جو پٽ اليصور.

6 شمعون جي قبيلي مان؛ صوريشديءَ جو پٽ سلومي ايل.

7 يهوداهہ جي قبيلي مان؛ عمينداب جو پٽ نحسون.

8 اشڪار جي قبيلي مان؛ ضغر جو پٽ نتني ايل.

9 زبولون جي قبيلي مان؛ حيلون جو پٽ الياب.

10 يوسف جي پٽن مان: افرائيم جي قبيلي مان؛ عميهود جو پٽ اليسمع: ۽ منسي جي قبيلي مان؛ فداهصور جو پٽ جملي ايل.

11 بنيمين جي قبيلي مان؛ جدعونيءَ جو پٽ ابدان.

12 دان جي قبيلي مان؛ عميشدي جو پٽ اخيعزر.

13 آشر جي قبيلي مان؛ عڪران جو پٽ فجعي ايل.

14 جد جي قبيلي مان؛ رعوايل جو پٽ الياسف.

15 نفتاليءَ جي قبيلي مان؛ عينان جو پٽ اخيرع.

16 اِهي آهن ماڻهو جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلن جا سردار هئا؛ ۽ اُهي ئي اسرائيل ۾ هزارن جا رئيس هئا.

17 سو اهي ماڻهو جن جا نالا ڏنل آهن، تن کي موسيٰ ۽ هارون پاڻ سان کنيو:

18 ۽ انهن ٻئي مهيني جي پهرين تاريخ ساري جماعت گڏ ڪئي، ۽ انهن جي نالن جي شمار موجب، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، تن پنهنجن خاندانن، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، پنهنجا نسب ناما بيان ڪيا.

19 ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن هن سينا جي بيابان ۾ اُنهن جو شمار ڪيو.

20 اسرائيل جي پهريتي پٽ روبن جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

21 اهڙي طرح روبن جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي ڇائيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.

22 ۽ شمعون جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

23 اهڙيءَ طرح شمعون جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي اوڻهٺ هزار ۽ ٽي سؤ هئا.

24 ۽ جد جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

25 اهڙيءَ طرح جد جي قبيلي مان، جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجيتاليهہ هزار، ڇهہ سؤ ۽ پنجاهہ هئا.

26 ۽ يهوداهہ جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

27 اهڙيءَ طرح يهوداهہ جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوهتر هزار ۽ ڇهہ سؤ هئا.

28 اشڪار جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

29 اهڙيءَ طرح اشڪار جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چوونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.

30 ۽ زبولون جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

31 اهڙيءَ طرح زبولون جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ستونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.

32 ۽ يوسف جي پٽن، افرائيم جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

33 اهڙيءَ طرح افرائيم جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي چاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.

34 ۽ منسي جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

35 اهڙيءَ طرح منسيءَ جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻٽيهہ هزار ۽ ٻہ سؤ هئا.

36 ۽ بنيمين جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

37 اهڙيءَ طرح بنيمين جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي پنجٽيهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.

38 ۽ دان جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

39 اهڙيءَ طرح دان جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٻاهٺ هزار ۽ ست سؤ هئا.

40 ۽ آشر جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

41 اهڙيءَ طرح آشر جي قبيلي مان جن جو شمار ڪيو ويو، سي ايڪيتاليهہ هزار ۽ پنج سؤ هئا.

42 ۽ نفتاليءَ جي نسل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، تن جو سندن پيڙهين، ۽ سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، سندن نالا وٺي شمار ڪيو ويو؛

43 اهڙيءَ طرح جن جو شمار ڪيو ويو، سي ٽيونجاهہ هزار ۽ چار سؤ هئا.

44 اهي آهن سڀيئي مرد، جن جو شمار ڪيو ويو، جن کي موسيٰ، ۽ هارون، ۽ اسرائيل جي ٻارهن سردارن شمار ڪيو: انهن مان هرڪو پنهنجي اباڻي گهراڻي مان هو.

45 اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، ۽ جن جو سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي سڀ،

46 يعني جيڪي بہ شمار ڪيا ويا، سي مڙيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ ۽ پنجاهہ هئا.

47 پر لاويءَ جي نسل وارا پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلي موجب، انهن ۾ شمار نہ ڪيا ويا؛

48 ڇالاءِ جو خداوند، موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ

49 تون فقط لاويءَ جي قبيلي کي شمار نہ ڪج، نڪي انهن کي بني اسرائيل جي شمار ۾ داخل ڪج.

50 پر لاوين کي شاهديءَ جي خيمي جي مٿان، ۽ انهي جي سڀ سامان جي مٿان، ۽ ٻيو جيڪي انهي جي بِلي آهي، تنهن جي مٿان مقرر ڪج. هو اهو خيمو ۽ انهي جو سڀ سامان کڻن، ۽ انهي جي خدمت ڪن، ۽ خيمي جي چوڌاري منزل ڪري رهن.

51 ۽ جڏهن خيمو اڳتي هلڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي لاهين، ۽ جڏهن خيمو کوڙڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي کڙو ڪن: ۽ جيڪو ٻيو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو، سو ماريو ويندو.

52 ۽ بني اسرائيل مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي منزلگاهہ ۾، پنهنجي پنهنجي جهنڊي وٽ، پنهنجن لشڪرن موجب، پنهنجو تنبو هڻي؛

53 پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.

54 سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو: جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن هنن ڪيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan