نحمياہ 7 - Sindhi Bible1 هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن ڀت جُڙي تيار ٿي، ۽ مون در بيهاريا؛ ۽ دربان، ۽ ڳائيندڙ، لاوي مقرر ٿي ويا، 2 تڏهن مون پنهنجي ڀاءُ حناني، ۽ قلعي جي حاڪم حننياہ کي يروشلم حوالي ڪري ڏنو: ڇالاءِ جو هو ايماندار ماڻهو هو ۽ گهڻن ماڻهن کان وڌيڪ خدا ترس هو. 3 ۽ مون هنن کي چيو تہ جيستائين اُس تيز نہ ٿئي، تيستائين يروشلم جا در نہ پٽجو؛ ۽ جيستائين هو پهري تي بيٺل هجن، تيستائين در بند رهن، ۽ انهن کي تاڙيون لڳل هجن: ۽ يروشلم جي رهاڪن مان پهري وارا مقرر ڪريو، جيئن سڀڪو پنهنجو پنهنجو پهرو ڏئي، ۽ سڀڪو پنهنجي گهر جي سامهون هجي. 4 هاڻي شهر ڪشادو ۽ وڏو هو: پر انهيءَ ۾ ماڻهو ٿورا هئا ۽ گهر جڙيل نہ هئا. 5 ۽ منهنجي خدا منهنجي دل ۾ وڌو تہ اميرن، ۽ حاڪمن، ۽ ماڻهن کي گڏ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ هو نسب نامي موجب شمار ٿين. ۽ مون انهن جي نسب نامي جو ڪتاب لڌو، جي پهرين آيا هئا ۽ انهيءَ ۾ مون لکيل ڏٺو: 6 تہ پرڳڻي جا ماڻهو هي آهن، جي قيد ۾ کڄي ويل ماڻهن مان موٽي آيا هئا، جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر کڻي ويو هو، ۽ جيڪي پوءِ موٽي يروشلم ۽ يهوداہ ۾ آيا، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ ويو؛ 7 جي زربابل، يشوع، نحمياہ، عزرياہ، رعمياہ، نحماني، مردڪئي، بلشان، مسفرت، بگوي، نحوم، ۽ بعنہ سان آيا هئا. اسرائيل جي قوم جي ماڻهن جو تعداد: 8 بني پرعوس، ٻہ هزار هڪ سؤ ٻاهتر. 9 بني سفطياہ، ٽي سؤ ٻاهتر. 10 بني ارخ، ڇهہ سؤ ٻاونجاهہ. 11 بني پخت موآب، جي يشوع ۽ يوآب جي اولاد مان هئا، ٻہ هزار اٺ سؤ ارڙهن. 12 بني عيلام، هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ. 13 بني زتو، اٺ سؤ پنجيتاليهہ. 14 بني زڪي، ست سؤ سٺ. 15 بني بنوي، ڇهہ سؤ اٺيتاليهہ. 16 بني ببي، ڇهہ سؤ اٺاويهہ. 17 بني عزجاد، ٻہ هزار ٽي سؤ ٻاويهہ. 18 بني ادونقام، ڇهہ سؤ ستهٺ. 19 بني بگوي ٻہ هزار ستهٺ. 20 بني عدين، ڇهہ سؤ پنجونجاهہ. 21 بني اطير، حزقياہ جي اولاد مان، اٺانوي. 22 بني حشوم، ٽي سؤ اٺاويهہ. 23 بني بضي، ٽي سؤ چوويهہ. 24 بني خارف، هڪ سؤ ٻارنهن. 25 بني جبعون، پنجانوي. 26 بيت الحم ۽ نطوفہ جا ماڻهو، هڪ سؤ اٺاسي. 27 عنتوت جا ماڻهو، هڪ سؤ اٺاويهہ. 28 بيت عزماوت جا ماڻهو، ٻائيتاليهہ. 29 قريت يعريم، ڪفيرہ ۽ بيروت جا ماڻهو، ست سؤ ٽيتاليهہ. 30 رامہ ۽ جبعہ جا ماڻهو، ڇهہ سؤ ايڪيهہ. 31 مڪماس جا ماڻهو، هڪ سؤ ٻاويهہ. 32 بيت ايل ۽ عيءَ جا ماڻهو، هڪ سؤ ٽيويهہ. 33 ٻئي نبوءَ جا ماڻهو، ٻاونجاهہ. 34 ٻئي عيلام جو اولاد هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ. 35 بني حارم، ٽي سؤ ويهہ. 36 بني يريحو، ٽي سؤ پنجيتاليهہ. 37 لود ۽ حاديد ۽ اونو جو اولاد، ست سؤ ايڪيهہ. 38 بني سناآہ، ٽي هزار نوَ سؤ ٽيهہ. 39 ڪاهن: بني يدعياہ، يشوع جي گهراڻي مان، نوَ سؤ ٽيهتر. 40 بني امير، هڪ هزار ٻاونجاهہ. 41 بني فشحور، هڪ هزار ٻہ سؤ ستيتاليهہ. 42 بني حارم، هڪ هزار سترهن. 43 لاوي: يعني يشوع، ۽ قدمي ايل وارا، بني هوداوہ، چوهتر. 44 ڳائڻ وارا: بني آسف، هڪ سؤ اٺيتاليهہ. 45 دربان: بني سلوم، بني اطير، بني طلمون، بني عقوب، بني خطيطا، بني سوبي، هڪ سؤ اٺٽيهہ. 46 نتينيم: بني ضيحا، بني حسوفا، بني طبعوت؛ 47 بني قروس، بني سيحا، بني فدون؛ 48 بني لبانہ، بني حجابہ، بني شلمي؛ 49 بني حنان، بني جديل، بني حجار؛ 50 بني رياياہ، بني رصين، بني نقودا؛ 51 بني جزام، بني عزا، بني فاسخہ؛ 52 بني بسي، بني معونيم، بني نفوشسيم؛ 53 بني بقبوق، بني حقوفہ، بني حرحور؛ 54 بني بضليت، بني محيدا، بني حرشا؛ 55 بني برقوس، بني سيسرا، بني تامح؛ 56 بني نضياہ، بني خطيفا. 57 سليمان جي نوڪرن جو اولاد؛ بني سوتي، بني سوفرت، بني فريدا؛ 58 بني يعلہ، بني درقون، بني جديل؛ 59 بني سفطياہ، بني خطيل، بني فوڪرت ضبائم، بني امون. 60 ڪل نتينيم ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد، ٽي سؤ ٻيانوي هئا. 61 ۽ جيڪي تل ملحہ، تل حرسا، ڪروب، ادون ۽ امير مان مٿي ويا، سي اهي هئا پر اُهي ثابت نہ ڪري سگهيا تہ سندن ابن جا گهراڻا يا سندن اولاد اسرائيل مان آهن يا نہ: 62 بني دلاياہ، بني طوبياہ، بني نقودا، ڇهہ سؤ ٻائيتاليهہ. 63 ۽ ڪاهنن مان: بني حباياہ، بني هقوص، بني برزلي، جنهن برزلي جلعاديءَ جي هڪڙي ڌيءَ پرڻي هئي ۽ انهن جي نالي پٺيان سڏبو هو. 64 انهن پنهنجي داخلا اُنهن ۾ ڳولي، جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، پر اُها ان ۾ نہ لڌي: تنهنڪري اُهي ناپاڪ سمجهيا ويا ۽ ڪهانت کان برطرف ڪيا ويا. 65 ۽ اُنهن کي چيائون تہ اوهان کي پاڪ ترين شين مان نہ کائڻ کپي، جيسين ڪ ڪو ڪاهن اوريم ۽ تميم سان نہ بيهي. 66 ڪل جماعت جملي ٻائيتاليهہ هزار ٽي سؤ سٺ هئي. 67 اُنهن کانسواءِ سندن ٻانها ۽ سندن ٻانهيون، جي ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ هئا: ۽ هنن وٽ ٻہ سؤ پنجيتاليهہ ڳائيندڙ مرد ۽ ڳائيندڙ زالون هيون. 68 انهن جا گهوڙا، ست سؤ ڇٽيهہ هئا؛ اُنهن جا خچر، ٻہ سؤ پنجيتاليهہ؛ 69 انهن جا اُٺ، چار سؤ پنجٽيهہ؛ انهن جا گڏهہ، ڇهہ هزار ست سؤ ويهہ. 70 ۽ ابن جي گهراڻن جي رئيسن مان ڪن ڪم جي لاءِ نذرانا ڏنا. ترشاتا، خزاني ۾ سون جا هڪ هزار درهم، پنجاهہ ٿالهيون، پنج سؤ ٽيهہ ڪاهنن جون پوشاڪون ڏنيون. 71 ۽ ابن جي گهراڻن جي رئيسن مان ڪن ڪم جي خزاني ۾ سون جا ويهہ هزار درهم ۽ چانديءَ جا ٻہ هزار ٻہ سؤ مَنا ڏنا. 72 ۽ باقي ٻين ماڻهن جيڪي ڏنو سو هو ويهہ هزار درهم سون جا ۽ ويهہ هزار مَنا چانديءَ جا ۽ ستهٺ ڪاهنن جون پوشاڪون. 73 انهيءَ طرح ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ دربان، ۽ ڳائڻ وارا، ۽ ماڻهن مان ڪي، ۽ نتينيم، ۽ سڀ اسرائيلي، پنهنجن شهرن ۾ رهڻ لڳا. ۽ جڏهن ستون مهينو آيو، تڏهن بني اسرائيل پنهنجن شهرن ۾ هئا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society