نحمياہ 6 - Sindhi Bible1 هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن سنبلط، ۽ طوبياہ، ۽ جشم عربي، ۽ ٻين دشمنن کي خبر پيئي تہ مون ڀت جوڙائي آهي، ۽ انهيءَ ۾ ڪوبہ حصو ڀڳل رهجي نہ ويو آهي؛ (جيتوڻيڪ انهيءَ وقت تائين مون درن ۾ طاق نہ وڌا هئا) 2 تڏهن سنبلط، ۽ جشم، مون کي چوائي موڪليو تہ اچ تہ اونو جي ميدان ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ گڏجون. پر هنن مون کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هو. 3 ۽ مون هنن کي قاصدن جي هٿان چوائي موڪليو تہ آءٌ هڪڙو وڏو ڪم پيو ڪريان، تنهنڪري اچي نٿو سگهان: ڇالاءِ آءٌ ڪم ڇڏي اوهان وٽ لهي اچان، ۽ اهو ڇو بند رهي؟ 4 ۽ هنن چار ڀيرا انهيءَ طرح مون کي گهرايو؛ ۽ مون بہ ساڳيو جواب ڏنومان. 5 تڏهن سنبلط پنهنجو نوڪر ساڳيءَ طرح پنجون ڀيرو بہ مون وٽ موڪليو، ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ هڪڙو کليل خط هو؛ 6 انهيءَ ۾ لکيل هو تہ قومن ۾ افواهہ آهي، ۽ جشم چوي ٿو تہ تون ۽ يهودي فساد ڪرڻ وارا آهيو؛ انهيءَ ڪري اوهين ڀت ٿا جوڙايو: ۽ انهيءَ افواهہ موجب تون انهن جو بادشاهہ ٿيڻ ٿو گهرين. 7 ۽ تو نبي بہ مقرر ڪيا آهن، تہ تنهنجي نسبت ۾ يروشلم ۾ منادي ڪن، ۽ چون تہ يهوداہ ۾ هڪڙو بادشاهہ آهي: ۽ هاڻي انهن ڳالهين موجب بادشاهہ کي خبر ڏني ويندي. تنهنڪري هاڻي اچ تہ گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪريون. 8 تڏهن مون هن کي چوائي موڪليو تہ جيڪي ڳالهيون تون ڪرين ٿو، انهن ۾ ڪوبہ سچ ڪونهي، بلڪ اهي تون پنهنجيءَ دل مان ٿو ٺاهين. 9 ڇالاءِ جو هنن جي مرضي هئي تہ اسان کي ڊيڄارين، ۽ چيائون تہ هنن جا هٿ ڪم کان ضعيف ٿيندا، جنهنڪري اهو ڪم نہ ڪيو ويندو. پر هاڻي، اي خدا، تون منهنجا هٿ مضبوط ڪر. 10 پوءِ آءٌ سمعياہ بن دلاياہ بن مهيطبيل جي گهر ويس، جو بند پيو هو؛ ۽ هن چيو تہ اچو تہ هيڪل ۾ يعني تہ خدا جي گهر ۾ گڏ ٿيون، ۽ هيڪل جا در بند ڪري ڇڏيون: ڇالاءِ جو هو توکي ڪُهڻ ايندا؛ هائو؛ رات جو هو توکي ڪُهڻ لاءِ ايندا. 11 ۽ مون چيو تہ مون جهڙي ماڻهوءَ کي ڪو ڀڄڻ گهرجي؟ ۽ ٻيو ڪير آهي جو مون جهڙو هجي، ۽ پنهنجو ساهہ بچائڻ لاءِ هيڪل ۾ وڃڻ گهري؟ آءٌ انهيءَ ۾ ڪين ويندس. 12 ۽ مون معلوم ڪيو ۽ ڏس، خدا هن کي نہ موڪليو هو: پر هن هيءَ پيشنگوئي منهنجي برخلاف ڪئي هئي: ۽ طوبياہ ۽ سنبلط هن کي ڀاڙي ڪيو هو. 13 هو انهيءَ لاءِ ڀاڙي ڪيو ويو هو، تہ آءٌ ڊڄان، ۽ ائين ڪريان، ۽ گناهہ ڪريان، تہ هنن کي بدنامي ڪرڻ جو وجهہ ملي، ۽ هو مون کي طعنا هڻن. 14 اي منهنجا خدا، طوبياہ ۽ سنبلط کي سندن ڪمن موافق ياد ڪر، ۽ نوعيدياہ نبياڻي، ۽ باقي ٻين نبين کي بہ، جن مون کي ڊيڄارڻ ٿي گهريو. 15 انهيءَ طرح اِلول مهيني جي پنجويهين تاريخ، ٻاونجاهہ ڏينهن ۾ ڀت جُڙي تيار ٿي. 16 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسانجن سڀني دشمنن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن جيڪي غير قوم وارا اسان جي آس پاس هئا، سي ڊنا ۽ خود پنهنجي نظر ۾ تمام ذليل ٿيا: ڇالاءِ جو هنن سهي ڪيو تہ اهو ڪم اسان جي خدا جو ڪيل آهي. 17 تنهن کانسواءِ انهن ڏينهن ۾، يهوداہ جي اميرن گهڻا ئي خط طوبياہ وٽ موڪليا هئا، ۽ طوبياہ جا خط انهن وٽ آيا هئا. 18 ڇالاءِ جو يهوداہ ۾ گهڻن ئي هن سان قسم کنيو هو، ڇو جو هو سڪنياہ بن ارخ جو ناٺي هو؛ ۽ هن جو پٽ يهوحانان، مسلام بن برڪياہ جي ڌيءَ سان پرڻيل هو. 19 هنن منهنجي اڳيان سندس چڱن ڪمن جو بہ ذڪر ڪيو هو، ۽ منهنجون ڳالهيون کيس ٻڌائيندا هئا، ۽ طوبياہ منهنجي ڊيڄارڻ لاءِ خط موڪليا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society