نحمياہ 5 - Sindhi Bible1 تنهن کانپوءِ ماڻهن ۽ سندن زالن جي طرفان، سندن يهودي ڀائرن تي وڏي شڪايت ٿيڻ لڳي. 2 ڇالاءِ جو انهن مان ڪي اهڙا هئا، جن چيو تہ اسين ۽ اسان جا پٽ، ۽ اسان جون ڌيئرون، پاڻ ۾ گهڻا ماڻهو آهيون: اچو تہ اَن هٿ ڪريون تہ کائون ۽ جيئرا رهون. 3 ڪي اهڙا بہ هئا، جن چيو تہ اسين پنهنجون ٻنيون ۽ پنهنجا ڊاک جا منهہ ۽ پنهنجا گهر گروي ٿا رکون: ڏڪار جي ڪري اسان کي اَن موجود ڪرڻ کپي. 4 ڪي وري اهڙا بہ هئا، جن چيو تہ، اسان بادشاهہ جي ڍل ڏيڻ لاءِ پنهنجين ٻنين ۽ ڊاک جي منهہ تي پئسا اُڌارا کنيا آهن. 5 انهيءَ هوندي بہ اسان جو جسم اسان جي ڀائرن جي جسم جهڙو آهي، ۽ اسان جا ٻار هنن جي ٻارن جهڙا آهن: ۽ ڏسو، اسين پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي غلام ٿيڻ لاءِ بند ۾ ٿا وجهون، ۽ ڪي اسان جون ڌيئرون تہ اڳيئي غلاميءَ ۾ ويون آهن؛ ۽ اسان جو ڪو وس ڪونہ ٿو هلي، ڇالاءِ جو اسان جون ٻنيون ۽ اسان جا ڊاک جا منهہ ٻين هٿ ڪيا آهن. 6 ۽ جڏهن مون اُنهن جو فرياد ۽ اهي ڳالهيون ٻڌيون، تڏهن آءٌ ڏاڍو ڪاوڙيس. 7 تڏهن مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو، ۽ اميرن ۽ حاڪمن سان بحث هلايم، ۽ چيومان تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ کان وياج ٿو وٺي، ۽ مون انهن جي برخلاف هڪڙي وڏي جماعت گڏ ڪئي. 8 ۽ انهن کي چيم تہ اسان پنهنجي وسعت آهر انهن پنهنجن يهودي ڀائرن کي پئسا ڏيئي ڇڏايو آهي، جي غير قومن وٽ وڪيا ويا هئا؛ ۽ اوهين ائين گهرو ٿا ڇا تہ پنهنجا ڀائر وڪڻو، ۽ اهي اسان وٽ وڪامن؟ تڏهن هو ماٺ ڪري ويهي رهيا ۽ هڪڙو لفظ بہ نہ ڪُڇيائون. 9 مون هي بہ چيو تہ جيڪو ڪم اوهين ڪريو ٿا، سو چڱو نہ آهي: اوهان کي اسان جي خدا جي ڊپ ۾ هلڻ نہ گهرجي ڇا: ڇالاءِ اسان جا دشمن، غير قومون اسان کي طعنو ٿا ڏين؟ 10 ۽ آءٌ بہ، ۽ منهنجا ڀائر ۽ منهنجا نوڪر بہ هنن کي پئسا ۽ اَن، وياج تي اُڌارو ڏيون ڇا؟ آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اچو تہ اهو وياج وٺڻ ڇڏي ڏيون. 11 ڀلائي ڪري اڄوڪي ڏينهن اوهين هنن کي سندن ٻنيون، ڊاک جا منهہ، زيتونن جا باغ، ۽ گهر، موٽائي ڏيو، ۽ پئسن، ۽ اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جو ستون حصو، جو هنن کان اُڳاڙيو ٿا، سو بہ موٽائي ڏيو. 12 تڏهن هنن چيو، تہ اسين اهي موٽائي ڏينداسين، ۽ هنن کان ڪي بہ ڪين گهرنداسين؛ جيئن تون چئين ٿو، تيئن ئي اسين ڪنداسين. تڏهن مون، ڪاهنن کي سڏيو، ۽ هنن کي اهو قسم کڻايم، تہ هو انهيءَ انجام موجب هلت ڪندا. 13 ۽ مون پنهنجي جهول بہ ڇنڊي چيو، تہ شل خداوند هن طرح سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر کان، ۽ پنهنجي ڪمائيءَ کان ڇنڊي اُڇلائي ڇڏي، جو هن انجام موجب هلت نہ ڪري؛ شل اهو هن طرح ڇنڊجي خالي ٿي وڃي. ۽ سڄيءَ جماعت چيو تہ آمين، ۽ خداوند جي تعريف ڪيائون. پوءِ ماڻهن انهيءَ انجام موجب هلت ڪئي. 14 تنهن کان سواءِ، جنهن وقت مان يهوداہ جي ملڪ ۾ هنن جو حاڪم مقرر ٿيس، تنهن وقت کان وٺي، يعني ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال کان وٺي، ٻٽيهين سال تائين، يعني ٻارهن سال، مون ۽ منهنجن ڀائرن، حاڪم جي ماني نہ کاڌي آهي. 15 پر اڳيان حاڪم، جي مون کان اڳي هئا، تن کي ماڻهن کان ڪجهہ ملندو هو، ۽ انهن کان هو شراب، ۽ ماني وٺندا هئا، ۽ انهيءَ کانسواءِ چانديءَ جا چاليهہ شيڪل؛ هائو، انهن جا نوڪر بہ ماڻهن تي حڪم هلائيندا هئا: پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو. 16 هائو، آءٌ انهيءَ ڀت جو ڪم ڪندو رهيس، ۽ اسان ڪابہ زمين خريد نہ ڪئي: ۽ منهنجا سڀ نوڪر اتي ڪم ۾ رڌل رهندا هئا. 17 تنهن کان سواءِ يهودي ۽ سردار، جي منهنجي دسترخاني تي کائيندا هئا، ڏيڍ سؤ ماڻهو هئا، ۽ انهن کانسواءِ آس پاس جيڪي غير قومون رهنديون هيون، تن مان بہ ڪي ماڻهو هوندا هئا. 18 هاڻي هڪڙو ڍڳو، ۽ ڇهہ چونڊيل رڍون هڪ ڏينهن لاءِ تيار ٿينديون هيون، ۽ ڪڪڙ بہ منهنجي لاءِ تيار ڪيا ويندا هئا، ۽ هر ڏهين ڏينهن سڀ ڪنهن قسم جي شراب جو انداز تيار ٿيندو هو: انهيءَ هوندي بہ مون حاڪم جي ماني نہ گهري، ڇالاءِ جو انهن ماڻهن تي اڳيئي ٻانهپ ڳري هئي. 19 اي منهنجا خدا، جيڪي مون هنن ماڻهن جي لاءِ ڪيو آهي، سو سڀ منهنجي چڱائيءَ لاءِ ياد ڪج. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society