Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

نحمياہ 13 - Sindhi Bible

1 انهيءَ ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي هنن موسيٰ جو ڪتاب پڙهيو؛ ۽ انهيءَ ۾ لکيل ڏسڻ ۾ آيو تہ عموني ۽ موآبي خدا جي جماعت ۾ ڪڏهن بہ داخل نہ ٿين؛

2 ڇالاءِ جو هو مانيءَ ۽ پاڻيءَ سان بني اسرائيل جي استقبال لاءِ نہ آيا، پر اُٽلندو هنن کي لعنت وجهڻ لاءِ بلعام کي ڀاڙي ڪيائون؛ انهيءَ هوندي بہ خداوند انهيءَ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيو.

3 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن شريعت ٻڌي، تڏهن انهن انهي مليل جليل قوم کي اسرائيل کان ڌار ڪيو.

4 هاڻي هن کان اڳي، الياسب ڪاهن، جو خدا جي گهر جي ڪوٺين تي مقرر هو، تنهن طوبياہ جو مائٽ هئڻ ڪري،

5 سندس لاءِ هڪڙي وڏي ڪوٺي تيار ڪئي هئي، جتي اڳي کاڌي جون قربانيون، لوبان ۽ باسڻ ۽ اَن جون ڏهاڪيون، شراب ۽ تيل، جو حڪم موجب لاوين ۽ ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبو هو، ۽ ڪاهنن جي لاءِ کڻڻ جون قربانيون، رکڻ ۾ اينديون هيون.

6 پر اُهو سڄو وقت آءٌ يروشلم ۾ نہ هوس: ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ ارتخششتا جي ٻٽيهين سال ۾ آءٌ انهيءَ بادشاهہ وٽ موٽي ويس، ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ بادشاهہ کان موڪل گهريم:

7 پوءِ آءٌ يروشلم ۾ آيس، ۽ خدا جي گهر جي ايوانن ۾ طوبياہ لاءِ ڪوٺي تيار ڪرڻ سان جيڪا خرابي الياسب ڪئي هئي سا معلوم ڪيم.

8 ۽ انهيءَ ڪري آءٌ ڏاڍو رنج ٿيس: ۽ طوبياہ جو جيڪو گهرو سامان هو، سو ڪوٺيءَ مان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيم.

9 پوءِ منهنجي حڪم موجب هنن ڪوٺيون صاف ڪيون: ۽ اتي وري مون خدا جي گهر جا باسڻ، کاڌي جي قربانين ۽ لوبان سميت آڻي رکيا.

10 ۽ مون کي معلوم ٿيو تہ لاوين جا حصا هنن کي نہ ڏنا ويا هئا؛ جنهنڪري سڀيئي لاوي ۽ ڳائڻ وارا، جي ڪم ڪندا هئا سي پنهنجين ٻنين ڏانهن ڀڄي ويا هئا.

11 تڏهن آءٌ حاڪمن سان جهيڙو ڪرڻ لڳس، ۽ چيومان تہ ڇو خداوند جو گهر ڇڏي ڏنو ويو آهي؟ ۽ مون انهن ماڻهن کي گڏ ڪري سندن جاءِ تي ويهاريو.

12 پوءِ سڄي يهوداہ، اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جي ڏهاڪي خزانن ۾ آندي.

13 ۽ انهن خزانن تي مون سلمياہ ڪاهن، ۽ صدوق محرر، ۽ لاوين مان فداياہ کي خزانچي مقرر ڪيو: ۽ انهن کانپوءِ حنان بن زڪور، بن متنياہ کي مقرر ڪيم: ڇالاءِ جو اُهي ايماندار شمار ڪيل هئا، ۽ انهن جو ڪم هو تہ پنهنجن ڀائرن کي حصا ورهائي ڏين.

14 اي منهنجا خدا، انهيءَ جي ڳالهہ جي نسبت ۾ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي چڱا ڪم مون پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ۽ اُن جي رسمن راهن پورين ڪرڻ لاءِ ڪيا، سي ميٽي نہ ڇڏج.

15 انهن ڏينهن ۾ مون يهوداہ منجهہ سبت جي ڏينهن ڪن ماڻهن کي شراب جي چيچڙن کي لتاڙيندو، ۽ اَن جا سنگ آڻي گڏهن تي لڏيندو ڏٺو؛ تنهن کانسواءِ شراب، انگور ۽ انجير ۽ ٻيو هر طرح جو بار سبت جي ڏينهن يروشلم ۾ ٿي آندائون: ۽ جنهن ڏينهن هنن اهي کاڌي جون شيون ٿي وڪڻيون، انهيءَ ڏينهن مون مٿن عتاب آندو.

16 انهيءَ ۾ صور جا ماڻهو بہ رهندا هئا، جي مڇي، ۽ ٻيو هر قسم جو سامان آڻي سبت جي ڏينهن بني يهوداہ کي، يروشلم ۾ وڪڻندا هئا.

17 تڏهن مون يهوداہ جي اميرن سان تڪرار ڪيو، ۽ چيومان تہ اوهين هي ڪهڙو خراب ڪم ٿا ڪريو، جو سبت جو ڏينهن پليت ٿا ڪريو؟

18 اوهان جي ابن ڏاڏن ڪين ائين ڪيو، ۽ انهيءَ ڪري اسان جي خدا اسان تي ۽ هن شهر تي هيءَ سڀ خرابي آندي؟ اڃا بہ سبت جي ڏينهن پليت ڪرڻ سان اوهين اسرائيل تي وڌيڪ ڪاوڙ ٿا آڻيو.

19 ۽ هيئن ٿيو تہ سبت جي ڏينهن کان اڳي، جڏهن يروشلم جي دروازن ۾ اونداهي ٿيڻ لڳي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ دروازا بند ڪريو، ۽ اهو بہ حڪم ڏنو تہ جيستائين سبت لنگهي نہ وڃي، تيستائين اُهي نہ کوليو: ۽ پنهنجن نوڪرن مان ڪن کي مون دروازن جي نظرداريءَ لاءِ ويهاريو، تہ متان سبت جي ڏينهن ڪو بار اندر کڄي اچي.

20 انهيءَ ڪري هر قسم جي سامان جا سوداگر ۽ وڪري ڪندڙ هڪڙو يا ٻہ ڀيرا يروشلم جي ٻاهران رات رهي پيا.

21 تڏهن مون هنن کي عتاب ڏيئي چيو تہ ڀت جي آس پاس ڇو ٿا رات رهو؟ جيڪڏهن اوهين وري ائين ڪندا تہ اوهان کي پڪڙيندس. انهيءَ وقت کان وٺي هو وري سبت جي ڏينهن نہ آيا.

22 ۽ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن، تہ سبت جو ڏينهن پاڪ رهي. اي منهنجا خدا، اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج، ۽ پنهنجيءَ وڏيءَ رحمت موجب مون کي معاف ڪج.

23 انهن ڏينهن ۾ مون ڪي يهودي ڏٺا، جن اشدود ۽ عمون، ۽ موآب جون زالون پرڻيون هيون:

24 ۽ انهن جا ٻار اڌ اشدودي ٻولي ڳالهائيندا هئا، ۽ يهودين جي ٻولي ڳالهائي نہ سگهندا هئا، پر هرڪا قوم پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي هئي.

25 ۽ مون انهن سان جهيڙو ڪيو، ۽ پٽيومان، ۽ منجهان ڪن کي ڌڪ هنيم، ۽ سندن وار پَٽيم، ۽ خدا جو قسم کڻائي چيومان تہ اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي متان ڏيو، نڪي هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پاڻ لاءِ وٺجو.

26 اسرائيل جي بادشاهہ سليمان انهن ڳالهين جي ڪري گناهہ نہ ڪيو هو ڇا؟ جيتوڻيڪ هن جهڙو بادشاهہ گهڻين قومن ۾ ڪونہ هو، ۽ هو پنهنجي خدا جو پيارو هو، ۽ خدا هن کي سڄي اسرائيل جو بادشاهہ ڪيو: انهيءَ هوندي بہ هن کان ڌارين زالن گناهہ ڪرائي وڌو.

27 تڏهن اسين اوهان جي ڳالهہ مڃي هيءَ سڀ کان وڏي خرابي ڪريون ڇا، ۽ ڌاريون زالون پرڻجي خدا جو گناهہ ڪريون ڇا؟

28 يويدع بن الياسب سردار ڪاهن جي پٽن مان هڪڙو سنبلط حورونيءَ جو ناٺي هو: تنهنڪري مون هن کي پاڻ وٽان هڪلي ڪڍيو.

29 اي منهنجا خدا، انهن جي يادگيري ڪج، ڇالاءِ جو انهن ڪهانت کي، ۽ ڪاهنن جي، ۽ لاوين جي عهد اقرار کي ناپاڪ ڪيو آهي.

30 انهيءَ طرح مون هنن کي سڀني غير قومن کان پاڪ ڪيو، ۽ ڪاهنن ۽ لاوين مان هر ڪنهن جي لاءِ فرض، ۽ ڪم مقرر ڪري ڇڏيم؛

31 ۽ ٺهرايل وقتن تي ڪاٺين جي نذراني، ۽ پهرين ڦر لاءِ بہ انهن کي مقرر ڪيم. اي منهنجا خدا، منهنجي يادگيري چڱائيءَ لاءِ ڪج.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan