نحمياہ 11 - Sindhi Bible1 ۽ قوم جا امير يروشلم ۾ رهندا هئا: باقي ٻين ماڻهن بہ ڪُڻا وڌا تہ ڏهن ماڻهن مان هڪڙو يروشلم جي پاڪ شهر ۾ اچي رهي، ۽ نوَ حصا ٻين شهرن ۾. 2 ۽ جن ماڻهن خوشيءَ سان يروشلم ۾ رهڻ قبول ڪيو، تن سڀني کي ماڻهن برڪت جي دعا ڏني. 3 هاڻي جيڪي پرڳڻي جا سردار يروشلم ۾ رهندا هئا، سي هي آهن: (پر يهوداہ جي شهرن ۾ هرڪو ماڻهو پنهنجي شهر ۽ پنهنجي جائيداد ۾ رهندو هو، يعني اسرائيلي، ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ نتينيم، ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد. 4 ۽ يروشلم ۾ ڪي بني يهوداہ مان، ۽ ڪي بني بنيمين مان رهندا هئا.) بني يهوداہ مان: عتاياہ، بن عزياہ، بن زڪرياہ، بن امرياہ، بن سفطياہ، بن مهلل ايل، بن فارص. 5 ۽ معسياہ بن باروڪ، بن ڪلحوزہ، بن حزاياہ، بن عداياہ، بن يويريب، بن زڪرياہ، جو شلونيءَ جو پٽ هو. 6 فارص جا پٽ، جي يروشلم ۾ رهندا هئا، سي ڪل چار سؤ اٺهٺ بهادر مرد هئا. 7 بني بنيمين هي آهن: سلو بن مسلام، بن يوعيد، بن فداياہ، بن قولاياہ، بن معسياہ، بن ايتي ايل، بن يسعياہ. 8 ۽ انهيءَ کانپوءِ جبي، ۽ سلي، ڪل نوَ سؤ اٺاويهہ. 9 ۽ يوايل بن زڪري، انهن جي مٿان نظر ڪندڙ هو: ۽ يهوداہ بن هسنوہ، شهر جي حاڪم جو نائب هو. 10 ڪاهنن مان: يدعياہ، بن يويريب، ۽ ياڪين، 11 شراياہ بن خلقياہ، بن مسلام، بن صدوق، بن مرايوت، بن اخيطوب، جو خدا جي گهر جو عملدار هو، 12 ۽ انهن جا ڀائر، جي هيڪل جو ڪم ڪار ڪندا هئا، سي اٺ سؤ ٻاويهہ هئا: ۽ عداياہ بن يروحام، بن فللياہ، بن امضي، بن زڪرياہ، بن فشحور، بن ملڪياہ. 13 ۽ ان جا ڀائر، جي ابن جي گهراڻن جا سردار هئا، ٻہ سؤ ٻائيتاليهہ: ۽ امشي بن عزرايل، بن اخسي، بن مسيلموت، بن امير، 14 ۽ انهن جا ڀائر، جي همت وارا بهادر مرد هئا، هڪ سؤ اٺاويهہ: ۽ انهن جي مٿان سردار زيدي ايل بن هجدوليم. 15 ۽ لاوي: سمعياہ، بن حسوب، بن عزريقام، بن حسبياہ، بن بني؛ 16 ۽ سبتي ۽ يوزباد، اِهي لاوين جي سردارن مان هئا، جي خدا جي گهر جي ٻاهرين ڪم ڪار تي نظر ڪندا هئا؛ 17 ۽ متنياہ، بن ميڪا، بن زبدي، بن آسف، جو شڪرگذاريءَ جي عبادت شروع ڪرڻ وقت پيشوا هوندو هو، ۽ بقبوقياہ جو ان جي ڀائرن مان ٻيو هو؛ ۽ عبدا بن سموع، بن جلال، بن يدوتون. 18 انهيءَ پاڪ شهر ۾، ڪل لاوي، ٻہ سؤ چوراسي هئا. 19 تنهن کانسواءِ، دربان، عقوب، طلمون ۽ انهن جا ڀائر، جي درن جي نگهباني ڪندا هئا، سي هڪ سؤ ٻاهتر هئا. 20 ۽ باقي اسرائيلي، ڪاهنن ۽ لاوين مان، يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ هئا، هرڪو پنهنجي پنهنجي موروثي حصي ۾. 21 پر نتينيم، عوفل ۾ رهندا هئا: ۽ ضيحا ۽ جسفا، نتينيم جي مٿان هوندا هئا. 22 پر يروشلم ۾ لاوين جي مٿان نظر ڪندڙ عزي بن باني، بن حسبياہ، بن متنياہ، بن ميڪا بہ هوندو هو، جو آسف جي پٽن مان هو، جي ڳائيندڙ هئا، ۽ خدا جي گهر تي ڪم ڪار تي مقرر هو. 23 ڇالاءِ جو انهن جي نسبت ۾ بادشاهہ جو حڪم جاري ٿيل هو، ۽ ڳائيندڙن جي لاءِ هر روز جي گهرج موجب، ڀتو مقرر ٿيل هو. 24 ۽ فتحياہ بن مشيزبيل، جو زارح بن يهوداہ جي اولاد مان هو، سو قوم جي هر طرح جي ڪم ڪار لاءِ بادشاهہ وٽ حاضر هوندو هو. 25 ۽ ڳوٺن ۽ انهن جي ٻنين لاءِ، بني يهوداہ مان ڪي قريت اربع ۽ ان جي شهرن ۾، ديبون، ۽ ان جي شهرن ۾، ۽ يقبضي ايل، ۽ ان جي ڳوٺن ۾ رهندا هئا؛ 26 ۽ يشوع ۾، ۽ مولاداہ ۾، ۽ بيت فلط ۾؛ 27 ۽ حصرسوعال ۾، ۽ بيرسبع ۽ اُن جي شهرن ۾؛ 28 ۽ صقلاج ۾، ۽ مقوناہ ۽ ان جي شهرن ۾؛ 29 ۽ عين رمون ۾، ۽ صارعاہ ۾، يارموت ۾؛ 30 زانواح، عدلام ۽ انهن جي ڳوٺن ۾، لڪيس ۽ ان جي ٻنين ۾، عزيقہ ۽ ان جي شهرن ۾. انهيءَ طرح هو بيرسبع کان وٺي، هنوم جي واديءَ تائين منزل ڪري ويا. 31 بني بنيمين بہ جبع کان وٺي اڳتي، مڪماس، ۽ عياہ ۾، ۽ بيت ايل، ۽ ان جي شهرن ۾ رهڻ لڳا؛ 32 عنتوت، نوب، عننياہ؛ 33 حاصور، رامہ، جتيم؛ 34 حاديد، ضبوعيم، نبلاط؛ 35 لود ۽ اونو ۾، جا ڪاريگرن جي وادي آهي. 36 ۽ لاوين مان ڪي حصا جي يهوداہ ۾ هئا، بنيمين سان شامل ٿيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society