ناحوم 3 - Sindhi Bible1 افسوس آهي انهيءَ خوني شهر تي! اُهو سڄو ڪوڙ ۽ لُٽ سان ڀريل آهي. هو لٽ مار کان باز نٿو اچي. 2 چهبڪ جو آواز ۽ چيڪلن جو ڪڙڪو؛ ڪُڏندڙ گهوڙا ۽ ٽپندڙ گاڏيون؛ 3 گهوڙي سوار، چمڪندڙ ترار ۽ تجلو ڪندڙ نيزي سان حملو ٿو ڪري؛ ۽ بيشمار ماريل ۽ مڙهن جو ڍير ۽ لاشن جي پڄاڻي ئي ڪانهي: هو مڙهن تي پيا آٿڙن. 4 اهو سڀ انهيءَ خوبصورت ڪڃريءَ جي گهڻين زناڪارين جو سبب آهي؛ جا اُستاد جادوگرڻ آهي، ۽ پنهنجين زناڪارين سان ملڪ، ۽ پنهنجي جادن سان خاندان وڪڻيو ڇڏي. 5 لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ تنهنجو دامن اُٿلائي تنهنجي منهن تي وجهندس، ۽ قومن ۾ توکي اُگهاڙو ۽ بادشاهتن ۾ توکي بي شرم ڪندس. 6 ۽ آءٌ توتي ڪراهت جهڙي گندگي اُڇلائي وجهندس، ۽ توکي بڇڙو ڪندس، اهڙو جو جهان پيو توکي تڪيندو. 7 ۽ ائين ٿيندو تہ جيڪي توکي ڏسندا سي توکان ڀڄي پري ٿيندا، ۽ چوندا تہ نينوہ ويران ڪئي ويئي آهي؛ ڪير اُنهي جي لاءِ ماتم ڪندو؟ توکي دلاسي ڏيڻ وارا ڪٿان ڳوليان؟ 8 تون نوآمون کان بهتر آهين ڇا، جا ندين جي وچ ۾ هئي ۽ چوڌاري پاڻي هوس؛ جنهن جي ڪوٽ جو ڪنگرو نيل ندي هئي، ۽ جنهن جي ڀت سمنڊ هو؟ 9 ڪوش ۽ مصر انهيءَ جو زور هئا، انهي جي حد ئي ڪانہ هئي؛ فوطہ ۽ لوبيم تنهنجا مددگار هئا؛ 10 انهيءَ هوندي بہ هوءَ قيد ٿي کڄي ويئي: انهي جا ننڍڙا ٻار بہ سڀني گهٽين ۾ اُڇلائي پرزا پرزا ڪيا ويا؛ ۽ ان جي آبرو وارن ماڻهن جي لاءِ هنن ڪڻا وڌا، ۽ ان جي سڀني وڏن ماڻهن کي زنجير سان ٻڌائون. 11 تون بہ نشي ۾ مست ٿيندينءَ ۽ لڪندينءَ؛ تون بہ دشمن جي ڊپ کان پناهہ ڳوليندينءَ. 12 تنهنجا سڀ قلعا انهن انجيرن جي وڻن جهڙا ٿيندا، جن ۾ پهريان پڪل انجير هجن: جي انهن کي ڪو لوڏي تہ اُهي کائيندڙ جي وات ۾ ڪِري پون. 13 ڏس، جيڪي ماڻهو تنهنجي وچ ۾ آهن، سي زالن جهڙا ٿي پيا آهن؛ تنهنجي ملڪ جا دروازا تنهنجن دشمنن لاءِ کولي ڏنا ويا آهن؛ باهہ تنهنجا گز ساڙي ڇڏيا آهن. 14 حملي جي وقت لاءِ پاڻي گڏ ڪر، ۽ پنهنجا قلعا مضبوط ڪر: مٽي لتاڙي گارو ٺاهہ ۽ سرن لاءِ کوُرو مضبوط ڪر. 15 اُتي توکي باهہ چٽ ڪندي، ۽ ترار وڍي ڇڏيندي؛ اُها توکي مڪڙ وانگي کائي ڇڏيندي: مڪڙين وانگي پاڻ کي وڌاءِ، ۽ مڪڙن وانگي پاڻ کي گهڻو ڪر. 16 تو پنهنجا سوداگر آسمان جي تارن کان بہ گهڻا ڪيا آهن: مڪڙ کائي اُڏامي ٿا وڃن. 17 تنهنجا حاڪم مڪڙن وانگي آهن، ۽ تنهنجا سردار تڏن جي ميڙن وانگي آهن؛ جي سياري جي وقت لوڙهن ۾ منزل ٿا ڪن، پر جڏهن سج مٿي چڙهي ٿو، تڏهن ڀڄي ٿا وڃن، ۽ خبر ئي نٿي پوي تہ ڪٿي آهن. 18 اي اسور جا بادشاهہ، تنهنجا ڌنار سمهيا پيا آهن، تنهنجا امير آرام ۾ آهن، تنهنجي رعيت جبلن تي پکڙي پيئي آهي، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪرڻ وارو ڪونهي. 19 ڪوبہ تنهنجي دل کي تسلي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ تنهنجو زخم سخت آهي: جيڪي تنهنجي شڪست جو ٿا ٻڌن، سي تو تي تاڙيون ٿا وڄائين؛ ڇالاءِ جو اُهو ڪير آهي، جنهن تي سدائين تنهنجي شرارت جو بار نہ هو؟ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society