Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 9 - Sindhi Bible

1 ۽ هن کين چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي جيڪي بيٺا آهن تن مان ڪي اهڙا آهن جي جيسين خدا جي بادشاهت کي قدرت سان آيل نہ ڏسندا، تيسين ڪنهن بہ طرح موت جو مزو نہ چکندا.

2 ۽ ڇهن ڏينهن کانپوءِ يسوع پطرس ۽ يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان گڏ خلاصو هڪڙي مٿانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ هنن جي روبرو سندس شڪل بدلجي پيئي:

3 ۽ سندس پوشاڪ نوراني ٿي پيئي، ۽ اهڙي سفيد جو دنيا ۾ ڪوبہ ڌوٻي جيڪر اهڙي سفيد نہ ڪري سگهيس.

4 ۽ ايلياہ، موسيٰ سان گڏ هنن کي ڏسڻ ۾ آيو، ۽ اُنهن يسوع سان پئي ڳالهيون ڪيون.

5 ۽ پطرس يسوع کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي اُستاد اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي: تنهنڪري ٽي خيما جوڙيون، هڪڙو تو لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.

6 ڇوتہ هن کان جواب ئي ڪونہ ٿي اُڪليو، جو ڏاڍو ڊپ اچي ٿيو هُئن.

7 ۽ هڪڙي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو فرزند آهي، سندس ٻڌو.

8 ۽ اوچتو جان کڻي هيڏانهن هوڏانهن نهارين، تہ يسوع کان سواءِ پاڻ سان ٻئي ڪنهن کي وري ڪونہ ڏٺائون.

9 ۽ جڏهن اُهي جبل تان ٿي لٿا، تڏهن هن تاڪيد ڪري چين تہ جيسين ابن آدم مئلن مان جي نہ اُٿي، تيسين جيڪي ڏٺو اٿوَ، سو ڪنهن کي نہ ٻڌائجو.

10 هنن اها ڳالهہ دل تي رکي ڇڏي، ۽ پاڻ ۾ پئي بحث ڪيائون تہ مئلن مان جي اُٿڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟

11 ۽ هن کان پڇيائون تہ فقيهہ ڇو ٿا چون تہ پهريائين ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟

12 هن چين تہ برابر پهريائين ايلياہ ايندو، ۽ سڀني شين کي موٽي پوري ٺاهہ ۾ آڻيندو: پر ابن آدم بابت ڪيئن لکيل آهي، تہ هو گهڻيون سختيون سهندو ۽ ماڻهو حقير ڪري ليکيندس؟

13 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ايلياہ اچي چڪو آهي، ۽ جيئن سندس بابت لکيل آهي، تيئن هن سان بہ جيڪي وڻين سو ڪري چڪا.

14 ۽ جڏهن هو شاگردن وٽ آيا، تڏهن ڏسن تہ هنن جي چوڌاري وڏو ميڙاڪو لڳو پيو آهي، ۽ فقيهہ ساڻن بحث پيا ڪن.

15 ۽ يڪدم سڀيئي ماڻهو هن کي ڏسي ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ وٽس ڊوڙي اچي سلام ڪيائونس.

16 هن پڇين تہ اوهين هنن سان ڪهڙو بحث ٿا ڪريو؟

17 ۽ ماڻهن مان هڪڙي ورندي ڏنس، تہ اي اُستاد، منهنجو پٽ، جنهن ۾ گونگو ڀوت آهي، تنهن کي آئون تو وٽ وٺي آيس؛

18 ۽ جتي جتي اُهو جهليس ٿو، اُتي کنيو پٽ سان هڻيس، ۽ هو گجي پيو ڪڍي، ۽ ڏند پيو ڪرٽي، ۽ ڳريو سڙيو پيو وڃي: مون تنهنجن شاگردن کي چيو تہ هن مان اُهو ڪڍو؛ پر هو ڪڍي نہ سگهيا.

19 هن انهن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اي بي اعتقاد قوم، ڪيستائين آئون اوهان سان هوندس؟ ڪيستائين اوهان جي سهندس؟ مون وٽ وٺي اچوس.

20 ۽ هو اُنهي کي وٽس وٺي آيا، ۽ جڏهن کيس هن ڏٺو، تڏهن يڪدم ڀوت هن کي ڏاڍو ولوڙيو، ۽ هو زمين تي ڪِري پيو، ۽ گجي ڪڍي ليٿڙڻ لڳو.

21 ۽ پڻس کان پڇيائين تہ ڪيترن ڏينهن کان هن جو هي حال آهي؟ هن چيو تہ ننڍي هوندي کان وٺي.

22 ۽ گهڻيئي ڀيرا ڀوت هن کي ماري وجهڻ لاءِ باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اُڇلائي وڌو آهي: پر جي تون ڪجهہ ڪري سگهين تہ اسان تي رحم ڪري اسان جي مدد ڪر.

23 يسوع هن کي چيو تہ ”جي تون ڪجهہ ڪري سگهين“! جيڪو ايمان ٿو آڻي، تنهن لاءِ سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي.

24 ۽ يڪدم ڇوڪري جي پيءُ واڪو ڪري چيو، تہ آئون ايمان آڻيان ٿو؛ تون مون کي بي ايمانيءَ کان بچاءِ.

25 پوءِ جڏهن يسوع ڏٺو تہ ماڻهو ڊوڙندا پيا اچن ۽ گڏ ٿيندا ٿا وڃن، تڏهن ڀوت کي دڙڪو ڏيئي چيائين، تہ اي گونگا ۽ ٻوڙا ڀوت، آئون توکي حڪم ٿو ڏيان تہ هن مان نڪري وڃ، ۽ وري هن ۾ ڪڏهن بہ نہ گهڙج.

26 تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري هن کي ڏاڍو ولوڙي نڪري ويو: ۽ ڇوڪر مردي جهڙو ٿي پيو، اهڙو جو گهڻن چيو تہ هي مري ويو آهي.

27 پر يسوع هٿ کان وٺي اُٿاريس، تہ اُٿي بيٺو.

28 ۽ جڏهن هو گهر آيو، تڏهن سندس شاگردن خلاصو پڇيس، تہ اسين ڇو ڪڍي ڪين سگهياسونس؟

29 هن چين تہ اهو قسم سواءِ دعا جي ڪنهن ٻي طرح نڪرڻ جو ناهي.

30 پوءِ هو اُتان روانا ٿيا ۽ گليل مان لنگهيا، ۽ هن جي مرضي نہ هئي تہ ڪنهن کي سندس خبر پوي.

31 ڇالاءِ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏني ۽ چيو، تہ ابن آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ اُهي کيس ماري وجهندا، ۽ جڏهن هو ماريو ويندو تڏهن ٽن ڏينهن کانپوءِ جي اُٿندو.

32 پر هن جو اهو چوڻ هنن کي سمجهہ ۾ ئي نٿي آيو، ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا.

33 پوءِ هو ڪفرناحوم ۾ آيا، ۽ جڏهن هو گهر آيو تڏهن هنن کان پڇيائين تہ رستي ۾ ڇا تي بحث ٿي ڪيوَ؟

34 پر هنن ڪُڇيو ئي ڪين، ڇالاءِ جو رستي تي هنن پاڻ ۾ اهو ئي بحث ٿي ڪيو، تہ سڀ کان وڏو ڪير آهي.

35 ۽ هو ويهي رهيو ۽ انهن ٻارهن کي سڏي چيائين، تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پهريون ٿيڻ گهري تہ اُهو سڀني کان پويون ٿئي، ۽ سڀني جو خادم ٿئي.

36 ۽ هن هڪڙي ننڍڙي ٻار کي کڻي سندن وچ ۾ بيهاريو: ۽ انهي کي هنج ۾ کڻي هنن کي چيائين،

37 تہ جيڪو منهنجي نالي ههڙن ننڍڙن ٻارن مان هڪڙي کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ٿو ڪري: ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي نہ پر انهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.

38 يوحنا هن کي چيو، تہ اي اُستاد، اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي تنهنجي نالي ڀوتن کي ڪڍندو ڏٺو، ۽ اسان منع ڪيس، ڇالاءِ جو هن اسان جي پيروي نٿي ڪئي.

39 پر يسوع چين تہ منع نہ ڪريوس: ڇالاءِ جو اهڙو ڪو ماڻهو ڪونهي جو منهنجي نالي معجزو ڪري، ۽ سگهو ئي منهنجي بدگوئي ڪري سگهي.

40 ڇاڪاڻ تہ جو اسان جي برخلاف نہ آهي، سو اسان جي پاسي آهي.

41 ڇالاءِ تہ جيڪو بہ ماڻهو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو پياريندو، انهي لاءِ تہ اوهين مسيح جا آهيو، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اُهو پنهنجو اجر ڪڏهن ڪين وڃائيندو.

42 ۽ هي ننڍڙا ٻار جن جو مون تي ايمان آهي، تن مان ڪنهن کي بہ جيڪو گمراهہ ڪندو، تنهن جي لاءِ بهتر ائين ٿيندو تہ هن جي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پڙ لڙڪائي سمنڊ ۾ اُڇلايو وڃي.

43 ۽ جيڪڏهن تنهنجو هٿ توکي ڀُلائي، تہ وڍي ڇڏينس: تنهنجي لاءِ ٽُنڊو ئي زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ، انهي کان بهتر آهي تہ ٻن هٿن سان جهنم جي اڻ وسامندڙ باهہ ۾ پوين؛

44 (جتي هنن جو ڪينئون مري ئي نٿو ۽ جتي باهہ وسامي ئي نٿي.)

45 ۽ جيڪڏهن تنهنجو پير توکي گمراهہ ڪري، تہ وڍي ڇڏينس: تنهنجي لاءِ منڊو ئي جياپي ۾ داخل ٿيڻ انهي کان بهتر آهي تہ ٻن پيرن سان جهنم ۾ وڃي پوين؛

46 (جتي هنن جو ڪينئون مري ئي نٿو ۽ جتي باهہ وسامي ئي نٿي.)

47 ۽ جيڪڏهن تنهنجي اک توکي گمراهہ ڪري تہ ڪڍي ڇڏينس: بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي خدا جي بادشاهت ۾ گهڙين؛ انهي کان تہ ٻن اکين سان جهنم ۾ وڃي پوين؛

48 (جتي هنن جو ڪينئون مري ئي نٿو ۽ جتي باهہ وسامي ئي نٿي.)

49 ڇالاءِ جو سڀڪو باهہ سان سلوڻو ٿيندو.

50 لوڻ تہ چڱو آهي، پر جي لوڻ جو سواد نڪري وڃي تہ ڇا سان انهي کي سلوڻو ڪندا؟ پاڻ ۾ لوڻ رکو، ۽ هڪ ٻئي سان صلح ۾ رهو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan