Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 8 - Sindhi Bible

1 انهن ڏينهن ۾ جڏهن وري خلق اچي گڏ ٿي، ۽ وٽن کاڌي لاءِ ڪي بہ ڪين هو، تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو،

2 تہ مون کي هنن ماڻهن تي رحم ٿو اچي، جو هو ٽي ڏينهن ساندهہ مون سان گڏ رهيا آهن، ۽ کائڻ لاءِ ڪي بہ ڪين اٿن:

3 ۽ جيڪڏهن آئون کين بکايل گهر موڪليندس تہ واٽ تي ماندا ٿي پوندا؛ ۽ منجهانئن ڪي تہ پري کان آيا آهن.

4 ۽ سندس شاگردن ورندي ڏنس، تہ هتي سُڃ ۾ ايتري ماني ڪٿان اچي جو هنن ماڻهن جو پيٽ ڀرجي؟

5 تنهن تي پڇيائين تہ ڪيتريون مانيون ساڻ اٿوَ؟ ۽ هنن چيو تہ ست.

6 هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ زمين تي ويهي وڃو: ۽ اُهي ست مانيون کڻي شڪر ڪري ٽڪر ٽڪر ڀڃي شاگردن کي ڏنائين تہ اڳيائن رکن؛ ۽ انهن اُهي ماڻهن اڳيان رکيون.

7 ۽ وٽن ٿوريون ڪُرڙيون هيون، تن تي بہ شڪرانا چئي کين ڏنائين، تہ اُهي بہ کڻي هنن جي اڳيان رکن.

8 ۽ انهن کائي ڍءُ ڪيو، ۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا هئا، تن جا ست کارا ڀري کنيائون.

9 اُهي اٽڪل چار هزار ماڻهو هئا: پوءِ هن کين موڪل ڏني.

10 ۽ يڪدم هو پنهنجن شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي دلمنوتہ جي علائقي ۾ آيو.

11 پوءِ فريسي آيا ۽ اچي ساڻس بحث ڪرڻ لڳا، ۽ آزمائڻ لاءِ چيائونس تہ اسان کي ڪا آسمان مان نشاني ڏيکار.

12 هن پنهنجي اندر ۾ ٿڌو ساهہ کڻي چيو، تہ هن زماني جا ماڻهو ڇو ٿا نشاني گهرن؟ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني ڏيڻ ۾ نہ ايندي.

13 ۽ هنن کي ڇڏي وري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پرينءَ ڀر هليو ويو.

14 ۽ کين ماني کڻڻ وسري ويئي، ۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪ مانيءَ کانسواءِ ساڻن ڪجهہ بہ نہ هو.

15 ۽ هن تاڪيد ڪري چين، تہ خبردار ٿجو، فريسين جي خمير ۽ هيرودين جي خمير کان سنڀالجو.

16 سو هو هڪ ٻئي سان بحث ڪري چوڻ لڳا تہ اسان وٽ ماني ڪانهي.

17 ۽ يسوع اُها ڳالهہ سهي ڪري کين چيو، تہ ڇو ٿا بحث ڪريو تہ اسان وٽ ماني ڪانهي؟ اڃا پروڙيو نٿا ڇا نڪي سمجهو ٿا؟ اوهان جي دل سخت ٿي پيئي آهي ڇا؟

18 اکين هوندي بہ نٿا ڏسو ڇا؟ ۽ ڪنن هوندي بہ نٿا ٻڌو ڇا؟ ۽ ياد نٿو پويوَ ڇا؟

19 جڏهن مون پنجن هزارن لاءِ پنج مانيون ڀڳيون، تڏهن اوهان ٽڪرن ٽيرن جون ڪيتريون کاريون ڀري کنيون؟ هنن چيس تہ ٻارهن.

20 ۽ جڏهن چئن هزارن لاءِ ست مانيون ڀڳم تڏهن ٽڪر ٽيرن جا ڪيترا کارا کنيوَ؟ ۽ هنن چيس تہ ست.

21 تڏهن چيائين تہ اڃا بہ نٿا سمجهو ڇا؟

22 پوءِ هو بيت صيدا ۾ آيا، ۽ هڪڙي انڌي کي وٽس آندائون، ۽ عرض ڪيائونس تہ هن کي هٿ لاءِ.

23 هن انهي انڌي کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر آندو، ۽ سندس اکين تي ڦيڻي لائي ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي پڇيائينس، تہ ڪي ڏسڻ ۾ اچيئي ٿو؟

24 هن مٿي نهاري چيو تہ آئون ماڻهو ڏسان ٿو، ڇالاءِ جو هو مون کي وڻن وانگر پنڌ ڪندا نظر ٿا اچن.

25 تڏهن وري هن پنهنجا هٿ هن جي اکين تي رکيا، ۽ هو چتائي نهارڻ لڳو، ۽ سڄو سارو ٿي پيو، ۽ سڀ شيون صاف ڏسڻ لڳو.

26 ۽ هن گهر ڏانهن روانو ڪري چيس تہ اصل ڳوٺ ۾ وڃ ئي نہ.

27 پوءِ يسوع ۽ سندس شاگرد قيصريہ فلپي جي ڳوٺن ۾ ويا، ۽ رستي تي هن پنهنجن شاگردن کان پڇيو، تہ ماڻهو ڇا ٿا چون تہ آئون ڪير آهيان؟

28 هنن ورندي ڏيئي چيس تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو، ۽ ڪي چون ٿا تہ ايلياہ، پر ٻيا چون ٿا تہ نبين مان هڪڙو.

29 هن کانئن پڇيو، پر اوهين ڇا ٿا چئو تہ آئون ڪير آهيان؟ پطرس ورندي ڏيئي چيس تہ تون مسيح آهين.

30 تنهن تي هن تاڪيد ڪري ڇڏين تہ ڪنهن کي بہ مون بابت نہ ٻڌائجو.

31 پوءِ هو اُنهن کي تعليم ڏيڻ لڳو، تہ ضروري آهي تہ ابن آدم گهڻيون سختيون سَهي، ۽ بزرگ ۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ کيس رد ڪن، ۽ هو ماريو وڃي، ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ جي اُٿي.

32 اها ڳالهہ هن کُلي کُلائي ڪئي. پوءِ پطرس هن کي جهلي جهڻڪڻ لڳو.

33 پر هن ڦري پنهنجن شاگردن ڏانهن نگاهہ ڪري پطرس کي ڇڙٻ ڏيئي چيو تہ اي شيطان، منهنجي اڳيان ٽر: ڇالاءِ تہ توکي خدا جي ڳالهين جو فڪر ڪونهي، پر فقط ماڻهن جي ڳالهين جو فڪر اٿيئي.

34 ۽ هو خلق کي پنهنجن شاگردن سوڌو پاڻ وٽ سڏي چوڻ لڳو، تہ جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.

35 ڇالاءِ جو جيڪو ڀانئين ٿو تہ پنهنجي جان بچايان، سو اُها وڃائيندو؛ ۽ جيڪو منهنجي واسطي ۽ انجيل جي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو، سو اُها بچائيندو.

36 ڇالاءِ تہ ماڻهوءَ کي انهي مان ڇا حاصل جو سڄي دنيا هٿ ڪري، ۽ پنهنجي جان وڃائي.

37 ڇاڪاڻ تہ ماڻهو پنهنجي جان جي عيوض ڇا ڏيندو؟

38 ڇالاءِ تہ هن زناڪار ۽ گنهگار زماني ۾، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڪلام کان شرمائيندو، تنهن کان ابن آدم بہ، جڏهن هو پاڪ ملائڪن سان گڏ پنهنجي پيءُ جي جلال سان ايندو، تڏهن شرمائيندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan