Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 4 - Sindhi Bible

1 ۽ وري هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ وٽس ايترا ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ سمنڊ تي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي.

2 ۽ هو اُنهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن ۾ سيکارڻ لڳو، ۽ پنهنجي تعليم ڏيندي چيائين،

3 تہ ٻڌو، ڏسو هڪڙو هاري ٻج ڇَٽڻ نڪتو،

4 ۽ هيئن ٿيو جو ٻج ڇَٽڻ مهل ڪي داڻا اچي گَس تي ڪِريا، ۽ پکي اچي اُهي چُڳي ويا.

5 ۽ ڪي ٽڪرائتي زمين تي ڪِريا، جتي گهڻي مٽي ڪانہ هئي، ۽ اُهي يڪدم ڦُٽي نڪتا، ڇالاءِ جو اُتي مٽي پوري ڪانہ هئي:

6 ۽ جڏهن سج اُڀريو تڏهن اُهي سڙي ويا؛ ۽ پاڙ نہ هئڻ جي ڪري سُڪي ويا.

7 ۽ ڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا، ۽ ڪنڊين وڌي اُنهن کي گهُٽي وڌو، ۽ هنن ڦر ڪونہ جهليو.

8 ۽ ڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا، ۽ اُهي اُڀريا، ۽ وڌيا، ۽ ڦر جهليائون، ڪن ٽيهوڻو، ڪن سٺوڻو، ۽ ڪن سؤڻو.

9 پوءِ هنن کي چوڻ لڳو تہ جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ڀلي ٻُڌي.

10 ۽ جڏهن هو نويڪلو ٿيو، تڏهن اُنهن ٻارهن ۽ جيڪي سندس آس پاس هئا، تن اُنهن مثالن بابت پڇيس.

11 انهن کي چيائين تہ اوهان کي خدا جي بادشاهي جي ڳجهہ جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، مگر جيڪي ٻاهر آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن طور ٿيون ٻڌائجن،

12 تہ ڏسندي ڏسن ۽ نہ پروڙين، ۽ ٻڌندي ٻڌن ۽ نہ سمجهن؛ تہ متان ڦري اچن ۽ معافي ملين.

13 ۽ چيائين تہ هي مثال سمجهہ ۾ نٿو اچيوَ ڇا؟ تڏهن سڀيئي مثال ڪيئن سمجهندا؟

14 پوکڻ وارو ڪلام ٿو پوکي.

15 ۽ جيڪي گس تي ڪِريا، جتي ڪلام پوکيو ويو، سي اُهي آهن جي جڏهن ٻڌن ٿا تڏهن يڪدم شيطان اچي ٿو، ۽ جيڪو ڪلام انهن ۾ پوکيو ويو آهي سو ڪڍي ٿو وڃي.

16 ۽ انهيءَ طرح جيڪي ٽڪرائتيءَ زمين تي پوکيل آهن، سي اُهي آهن جي جڏهن ڪلام ٻڌن، تڏهن يڪدم اُهي خوشيءَ سان قبول ٿا ڪن؛

17 پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين جٽاءُ ٿا ڪن، ۽ جڏهن ڪلام جي ڪري سختي يا ستائڻ شروع ٿو ٿئي، تڏهن يڪدم ڀلجيو وڃن.

18 ۽ ٻيا جيڪي ڪنڊين ۾ پوکيا ويا آهن، سي اُهي آهن جي ڪلام ٻڌن ٿا،

19 مگر دنيا جا فڪر، ۽ دولت جو فريب، ۽ ٻين شين جون خواهشون منجهن گهڙي ڪري ڪلام کي گهٽيو ٿيون ڇڏين، جنهنڪري اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي.

20 ۽ جي ڀلي زمين ۾ پوکيا ويا، سي اُهي آهن جي ڪلام ٻڌن ٿا، ۽ قبول ٿا ڪن، ۽ ٽيهوڻو ۽ سٺوڻو ۽ سؤڻو ڦل ٿا ڏين.

21 ۽ هنن کي چيائين تہ ڏيئو انهي لاءِ ٿو آڻجي ڇا تہ ماڻ هيٺ يا کٽولي هيٺ رکجي، ۽ نہ ڏياٽيءَ تي؟

22 ڇالاءِ جو ڪابہ شئي لڪل نہ آهي جا ظاهر نہ ٿيندي؛ ۽ ڪابہ شئي ڳجهي نہ آهي، جا پڌري نہ ٿيندي.

23 جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ڀلي ٻڌي.

24 ۽ چيائين، تہ جيڪي ٻڌو ٿا سو سنڀالي ٻڌو: جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا تنهن سان اوهان کي مئجي ملندو: ۽ اوهان کي پاڻ وڌيڪ ڏنو ويندو.

25 ڇالاءِ تہ جنهن وٽ ڪي آهي، تنهن کي ڏنو ويندو: ۽ جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي اٿس سو بہ کسي وٺبو.

26 ۽ هن چيو، تہ خدا جي بادشاهت ائين آهي، جيئن ڪو ماڻهو زمين ۾ ٻج پوکي،

27 ۽ رات جو سمهي ۽ ڏينهن جو جاڳي، ۽ ٻج اهڙيءَ طرح پيو اُڀري ۽ وڌي جو هن کي انهيءَ جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ ٿو پوي.

28 ۽ زمين پاڻهي ڦل پيدا ٿي ڪري؛ پهريائين سلو ٿو نڪري، پوءِ سنگ، تنهن کانپوءِ سنگن ۾ پڪل داڻا.

29 پر جڏهن اَن پچي ٿو رهي، تڏهن يڪدم هو انهي ۾ ڏاٽو ٿو وجهي، ڇالاءِ جو لاباري جو وقت اچي پهتو آهي.

30 ۽ چيائين تہ خدا جي بادشاهت کي ڇا سان ڀيٽ ڪريون؟

31 يا ڪهڙي مثال ۾ اُن جو ذڪر ڪريون؟ اُها آهر جي داڻي وانگر آهي، جو جڏهن زمين ۾ پوکجي ٿو، تڏهن جيتوڻيڪ هو دنيا جي سڀني ٻجن کان ننڍو آهي:

32 تہ بہ پوکڻ کانپوءِ اُڀري سڀني ٻوٽن کان وڌي ٿو وڃي، ۽ وڏيون ٽاريون ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ آسمان جا پکي اُنهي جي ڇانوَ هيٺ رهن.

33 ۽ اهڙن ڪيترن ئي مثالن سان هو اُنهن کي سندن سمجهہ آهر ڪلام ٻڌائيندو هو؛

34 ۽ مثالن کانسواءِ هو ساڻن ڳالهائيندو ئي ڪين هو: پر علحدگيءَ ۾ هو پنهنجن شاگردن کي سڀني ڳالهين جو مطلب سمجهائيندو هو.

35 ۽ اُنهي ساڳي ڏينهن سانجهيءَ جو هنن کي چيائين، تہ هلو تہ پار هلون.

36 ۽ خلق کي ڇڏي، جيئن هو تيئن ئي کيس ٻيڙيءَ ۾ پاڻ سان وٺي ويا، ۽ ٻيون ٻيڙيون بہ ساڻس هيون.

37 پوءِ اچي هڪڙو وڏو طوفان لڳو، ۽ لهرن ٻيڙيءَ تي اهڙو سٽڪو لائي ڏنو، جو ٻيڙي ڀرجڻ لڳي.

38 ۽ پاڻ پاڇيل تي وهاڻو ڏيو سمهيو پيو هو، ۽ هنن اچي جاڳائي چيس، تہ اي اُستاد، توکي پرواهہ ئي ڪانهي ڇا تہ اسين برباد ٿا ٿيون؟

39 تنهن تي هو جاڳيو، ۽ واءُ کي جهڻڪيائين، ۽ سمنڊ کي چيائين، تہ بس، ماٺو ٿيءُ. پوءِ واءُ بيهي ويو ۽ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي.

40 پوءِ هنن کي چيائين، تہ ڇو ٿا ڊڄو؟ اڃا بہ ايمان ڪونہ اٿوَ ڇا؟

41 ۽ هو ڏاڍا ڊنا، ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ هي تڏهن ڪير آهي، جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan