Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 3 - Sindhi Bible

1 ۽ هو وري عبادتخاني ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو.

2 ۽ هنن ويٺي نهاريس، تہ ڪٿي هو سبت جي ڏينهن ڇُٽائيس تہ مٿس تهمت آڻيون.

3 هن سُڪل هٿ واري ماڻهو کي چيو تہ وچ ۾ ٿي بيهہ.

4 ۽ هنن کي چيائين تہ سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ روا آهي يا بدي ڪرڻ؟ جان بچائڻ، يا مارڻ؟ پر هنن کڻي ماٺ ڪئي.

5 تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس.

6 ۽ فريسي ٻاهر نڪري ويا، ۽ يڪدم هيرودين سان سندس برخلاف صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.

7 ۽ يسوع پنهنجن شاگردن سان گڏجي سمنڊ جي پاسي نڪري ويو، ۽ گليل مان ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان آيو: ۽ يهوديہ،

8 ۽ يروشلم، ۽ ادوم، ۽ يردن جي پرينءَ ڀر، ۽ صور ۽ صيدا جي آس پاس کان ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙاڪي جڏهن ٻڌو تہ هو ههڙا وڏا ڪم ٿو ڪري، تڏهن اُهي وٽس آيا.

9 ۽ هن پنهنجن شاگردن کي چيو تہ گوڙ جي ڪري هڪڙي ننڍي ٻيڙي منهنجي لاءِ تيار بيٺي رهي تہ متان اُهي مون تي ڳاهٽ ٿين:

10 ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڇُٽايو هو، تنهنڪري جيڪي بہ ماڻهو مرض ۾ گرفتار هئا، سي کيس ڇهڻ لاءِ مٿس پئي ڳاهٽ ٿيا.

11 ۽ جڏهن ڀوت کيس ڏسندا هئا، تڏهن اڳيانس ڪِري رڙيون ڪري چوندا هئا، تہ تون خدا جو فرزند آهين.

12 ۽ هن بلڪل سخت تاڪيد ڪين تہ مون کي پڌرو نہ ڪريو.

13 پوءِ هو جبل تي چڙهي ويو، ۽ جن کي وڻيس، تن کي پاڻ ڏانهن سڏيائين، ۽ اُهي وٽس آيا.

14 ۽ هن ٻارهن ڄڻا مقرر ڪيا، انهي لاءِ تہ هو ساڻس گڏ گذارين، ۽ هو کين منادي ڪرڻ لاءِ موڪلي،

15 ۽ کين ڀوتن جي ڪڍڻ جي بہ اختياري هجي:

16 شمعون جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين؛

17 ۽ زبديءَ جو پٽ يعقوب، ۽ يعقوب جو ڀاءُ يوحنا، جن تي بونرگس، يعني گجگوڙ جا پٽ نالو رکيائين:

18 ۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ توما، ۽ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدي، ۽ شمعون ڪنعاني،

19 ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن جهلايس. پوءِ هو هڪڙي گهر ۾ آيو.

20 ۽ وري اُتي ايڏي خلق اچي مڙي جو هنن کي ماني کائڻ جي بہ فرصت نہ ٿي ملي.

21 ۽ جڏهن سندس عزيزن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن کيس هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هي هوش کان ٻاهر آهي.

22 ۽ فقيهہ جي يروشلم کان آيا هئا، تن چيو، تہ هن ۾ بعلزبول آهي، ۽ هو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي.

23 انهن کي هو پاڻ وٽ ڪوٺي مثالن ۾ چوڻ لڳو، تہ ڀلا شيطان، شيطان کي ڪيئن ڪڍي سگهندو؟

24 ۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، تہ اُها بادشاهت جٽاءُ ڪري نٿي سگهي.

25 ۽ جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ڦيٽهڙو پوندو تہ اُهو گهر بہ قائم رهي نہ سگهندو.

26 ۽ جي شيطان پاڻ پنهنجي برخلاف کڙو ٿيندو ۽ ڦيٽهڙو وجهندو، تہ بيهي ڪين سگهندو، پر ختم ٿي ويندو.

27 پر ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقت واري شخص جي گهر ۾ گهڙي سندس مال متاع ڦري نہ سگهندو، جيسين ڪ پهريائين انهي طاقت واري شخص کي نہ ٻَڌي؛ ۽ تنهن کانپوءِ هن جو گهر ڦريندو.

28 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ گناهہ بني آدم ڪيا هوندا، ۽ جيڪي بہ ڪفر جون ڳالهيون هنن چيون هونديون، سي سڀ هنن کي معاف ڪيون وينديون:

29 پر جيڪو پاڪ روح جي حق ۾ ڪفر بڪندو تنهن کي ڪڏهن بہ معافي نہ ملندي، اُٽلندو ابدي گناهہ جو ڏوهاري ٿيندو:

30 سو انهي لاءِ جو هنن چيو ٿي تہ هن ۾ ڀوت آهي.

31 پوءِ هن جي ماءُ ۽ ڀائر آيا، ۽ ٻاهر بيهي هن کي پاڻ وٽ سڏيائون.

32 ۽ هن جي چوڌاري گهڻيئي ماڻهو ويٺا هئا، جن چيس تہ اِجهو تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر ٻاهر بيٺا تنهنجي پڇا ڪن.

33 هن جواب ڏيئي چين، تہ منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر ڪير آهن؟

34 ۽ جيڪي سندس آس پاس ويٺا هئا، تن ڏانهن نظر گهمائي چوڻ لڳو، تہ اِجها منهنجي ماءُ ۽ اِجهي منهنجا ڀائر!

35 ڇالاءِ تہ جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب هلندو، سو ئي منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan