Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 2 - Sindhi Bible

1 ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ جڏهن وري هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن هل پئجي ويو تہ هو گهر آيو آهي.

2 ۽ ايترا ماڻهو اچي ڪَٺا ٿيا جو جاءِ بلڪل ڪانہ هئي، بلڪ دروازي وٽ بہ نہ: ۽ هن انهن کي ڪلام ويٺي ٻڌايو.

3 ۽ ماڻهو هڪڙي اڌرنگيءَ کي چئن ڄڻن کان کڻائي اتي وٺي آيا.

4 ۽ جڏهن گوڙ جي ڪري وٽس اچي نہ سگهيا، تڏهن جتي هو ويٺو هو، اُتان ڇت کڻي کوليائون: ۽ جڏهن اُها ڀڃي پَٽي چڪا، تڏهن کٽولو جنهن تي اڌرنگي پيل هو، سو لاهي هيٺ ڪيائون.

5 ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو، تہ پٽ تنهنجا گناهہ توکي معاف ٿيا.

6 پر اُتي ڪي فقيهي ويٺا هئا، جن پنهنجي دل ۾ دليل پئي ڊوڙايا،

7 تہ هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ڪفر ٿو بڪي: هڪڙي خدا کانسواءِ ٻيو ڪير گناهہ معاف ڪري ٿو سگهي؟

8 تڏهن يڪدم يسوع پنهنجي روح ۾ معلوم ڪيو تہ هو دل ۾ هي دليل ٿا آڻين، ۽ کين چيائين، تہ اوهين پنهنجي دل ۾ انهن ڳالهين بابت دليل ڇو ٿا ڊوڙايو؟

9 ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، اڌرنگيءَ کي هيئن چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن چوڻ تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻي گهُم ڦر؟

10 پر انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهن معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (هن اڌرنگيءَ کي چيو تہ)

11 آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ، ۽ پنهنجو کٽولو کڻي پنهنجي گهر هليو وڃ.

12 ۽ هو اُٿيو ۽ هڪدم پنهنجو کٽولو کڻي انهن سڀني جي اڳيان هليو ويو؛ ۽ انهي تي سڀيئي حيرت ۾ پئجي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪري چوڻ لڳا تہ اسان ههڙو عجب رنگ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو.

13 هو وري سمنڊ جو ڪنارو ڏيئي اُٿي هليو، ۽ ساري خلق وٽس آئي، ۽ هو انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

14 ۽ واٽ ويندي هن حلفيءَ جي پٽ ليويءَ کي اڪٽ تي ويٺل ڏٺو، ۽ انهي کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ، ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو.

15 ۽ هيئن ٿيو جو يسوع هن جي گهر ماني ويٺي کاڌي، ۽ ڪيترائي محصولي ٺيڪيدار، ۽ گنهگار اچي ساڻس ۽ سندس شاگردن سان گڏ ويٺا: ڇالاءِ جو هو گهڻيئي هئا، ۽ سندس پٺيان هليا آيا هئا.

16 ۽ جڏهن فريسين جي فقيهن هن کي انهن گنهگارن ۽ ٺيڪيدارن سان گڏ ماني کائيندو ڏٺو، تڏهن سندس شاگردن کي چوڻ لڳا، تہ هو محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ويٺو کائي پيئي.

17 يسوع اها ڳالهہ ٻڌي هنن کي چيو، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهرج ڪانهي، پر جيڪي بيمار آهن تن کي آهي: آئون سچارن کي نہ، پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان.

18 هاڻي يوحنا جا شاگرد ۽ فريسي روزائتا هئا: تن اچي چيس تہ ڪهڙو سبب آهي جو يوحنا جا شاگرد ۽ فريسين جا شاگرد روزا ٿا رکن، پر تنهنجا شاگرد روزو ڪو نہ ٿا رکن؟

19 تنهن تي يسوع چين، تہ جڏهن گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تڏهن هو ڪو روزو رکي سگهن ٿا ڇا؟ جيسين گهوٽ ساڻن هوندو، تيسين هو روزو ڪين رکندا.

20 پر اُهي ڏينهن ايندا جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ اُنهي ڏينهن هو روزو رکندا.

21 ڪوبہ ماڻهو پراڻي ڪوٽ تي ڪوري ڪپڙي جي چتي ڪونہ ٿو لڳائي، ڇالاءِ تہ اُها ڪوري چتي جا پراڻي ڪوٽ تي ٿي لڳائجي، يعني ڪوري پراڻي کي ڇڪي ٿي، پوءِ اُلٽو وڌيڪ انگ اچيو وڃي.

22 ڪوبہ ماڻهو، تازي انگوري رس پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري! نہ تہ رس ساندارا ڦاڙي وجهندي، ۽ پوءِ مئي بہ ويئي تہ ساندارا بہ ويا: پر تازي رس نوَن ساندارن ۾ ڀربي آهي.

23 ۽ هيئن ٿيو جو سبت جي ڏينهن هو اَن جي ٻنين مان پئي لنگهيو، تہ سندس شاگرد هلندي هلندي اَن جا سنگ پَٽڻ لڳا.

24 تنهن تي فريسين چيس، تہ ڏس، سبت جي ڏينهن هو اهڙو ڪم ڇو ٿا ڪن جو روا نہ آهي؟

25 انهن کي چيائين تہ اوهان ڪڏهن پڙهيو نہ آهي ڇا، تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي گهرج پيئي، ۽ بک لڳي هين، تڏهن ڇا ڪيو هئائون؟

26 ڪيئن نہ هو سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ خدا جي گهر ۾ گهڙي ويو، ۽ نذر جون مانيون، جنهن جو کائڻ ڪاهنن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي روا نہ آهي، سي کڻي کاڌائين، ۽ پنهنجن ساٿين کي بہ ڏنائين؟

27 ۽ هنن کي چيائين تہ سبت ماڻهوءَ لاءِ ٺهيو آهي ۽ نہ ماڻهو سبت لاءِ:

28 انهي ڪري ابن آدم سبت جو بہ ڌڻي آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan