مرقس 13 - Sindhi Bible1 جڏهن هو هيڪل مان ٻاهر نڪتو، تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي چيس، تہ اي اُستاد، ڏس هي ڪهڙا نہ پهڻ ۽ ڪهڙيون نہ عمارتون آهن! 2 يسوع چيس تہ تون هي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو؟ هتي پهڻ پهڻ تي نہ رهندو، جو ڊاٺو نہ ويندو. 3 ۽ جڏهن هو هيڪل جي سامهون زيتونن جي ٽڪر تي ويٺو هو، تڏهن پطرس، ۽ يعقوب، ۽ يوحنا، ۽ اندرياس، هن کان اڪيلائيءَ ۾ پڇيو تہ 4 اسان کي ٻڌاءِ تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون؟ ۽ جنهن وقت اهي سڀ ڳالهيون پوري ٿيڻ تي اينديون؛ تنهن وقت جي ڪهڙي نشاني ٿيندي؟ 5 يسوع چوڻ لڳن، تہ خبردار ٿجو متان ڪو اوهان کي گمراهہ ڪري. 6 گهڻا ئي منهنجي نالي سان ايندا، ۽ اچي چوندا تہ اُهو آئون آهيان؛ ۽ ڪيترن ئي کي گمراهہ ڪندا. 7 ۽ جڏهن اوهين جنگين جون ڳالهيون ۽ جنگين جا افواهہ ٻُڌو، تڏهن گهٻرائجو نہ؛ اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اڃا پڄاڻي نہ آئي آهي. 8 ڇالاءِ جو قوم، قوم تي، ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي، ڪيترن ئي هنڌ ڌرتي ڌٻندي، ۽ ڏڪار پوندا: اِهي ڳالهيون مصيبت جي شروعات آهن. 9 پر اوهين پنهنجي خبرداري ڪجو، ڇالاءِ جو هو اوهان کي عدالتن جي حوالي ڪندا؛ ۽ عبادتگاهن ۾ اوهان کي ماريندا ڪُٽيندا؛ ۽ منهنجي خاطر اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان کڙو ڪندا، تہ ڀلي اُنهن لاءِ شاهدي ٿئي. 10 ۽ سڀني قومن ۾ ضرور پهريائين انجيل جي منادي ڪئي ويندي. 11 ۽ جڏهن هو اوهان کي وٺي وڃي حوالي ڪن، تڏهن اڳيئي اهو فڪر نہ ڪجو تہ اسين ڇا چئون؟ پر جيڪي انهيءَ گهڙيءَ اوهان کي ڏنو وڃي سو چئجو: ڇالاءِ تہ ڳالهائيندڙ اوهين نہ هوندا پر پاڪ روح. 12 ۽ ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ حوالي ڪندو، ۽ پيءُ پنهنجي پٽ کي، ۽ ٻار پنهنجن مائٽن جي برخلاف ڪمر ٻڌي انهن کي قتل ڪرائيندا. 13 ۽ منهنجي نالي جي ڪري سڀيئي ماڻهو اوهان کي ڌڪاريندا: پر جيڪو توڙ تائين قائم رهندو، سو ئي نجات پائيندو. 14 پر جڏهن اوهين ويران ڪندڙ ۽ نفرت جهڙيءَ شيءِ کي اُتي بيٺل ڏسو، جتي هن کي بيهڻ نہ گهرجي، (جيڪو پڙهي سو ڀلي سمجهي)، تڏهن جيڪي يهوديہ ۾ هجن، سي جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن: 15 ۽ جيڪو کڏ تي هجي سو هيٺ نہ لهي، نڪي پنهنجي گهر مان ڪا شيءِ ڪڍڻ لاءِ اندر گهڙي: 16 ۽ جيڪو ٻنيءَ ۾ هجي سو پنهنجو ڪپڙو کڻڻ لاءِ موٽي نہ وڃي. 17 پر اُنهن لاءِ افسوس آهي، جي پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ جن کي اُنهن ڏينهن ۾ ٻار ٿڻن تي هوندا! 18 ۽ اوهين دعا گهُرو تہ شل اهو حال سياري ۾ نہ ٿئي. 19 ڇالاءِ جو اُهي ڏينهن اهڙا مصيبت جا ٿيندا، جهڙاڪ خدا جي پيدا ڪيل خلقت جي شروعات کان وٺي اڄ تائين نہ ٿيا آهن، ۽ نہ ڪڏهن ٿيندا. 20 ۽ جيڪڏهن خداوند اُهي ڏينهن نہ گهٽائي ها تہ جيڪر ڪوبہ نہ بچي ها؛ پر چونڊيل، جن کي پاڻ چونڊيو اٿس، تن جي خاطر اهي ڏينهن گهٽايائين. 21 پوءِ اُنهي وقت جيڪڏهن ڪو کڻي اوهان کي چوي تہ ڏسو، اِجهو مسيح هِتي آهي، يا اِجهو هُتي آهي، تہ متان اعتبار ڪريو: 22 ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ نشانيون ۽ حيرت جهڙا ڪم ڏيکاريندا، انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي بہ گمراهہ ڪن. 23 پر اوهين خبردار ٿجو، ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڳالهيون اڳيئي ٻُڌائي ڇڏيون آهن. 24 پر اُنهن ڏينهن ۾ انهيءَ مصيبت کان پوءِ سج ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشني نہ ڏيندو؛ 25 ۽ تارا آسمان مان ڪِرندا، ۽ جيڪي طاقتون آسمان ۾ آهن سي لُڏي وينديون. 26 ۽ انهي وقت هو ابن آدم کي وڏيءَ قدرت ۽ شان سان ڪڪرن ۾ ايندو ڏسندا. 27 ۽ انهي وقت هو ملائڪ موڪلي، پنهنجن چونڊيلن کي زمين جي حد کان، آسمان جي حد تائين، چئني طرفن کان آڻي گڏ ڪندو. 28 هاڻي انجير جي وڻ کان مثال سکو: جڏهن انهي جي ٽاري هاڻي نرم ٿي آهي ۽ پن ڪڍي ٿي، تڏهن اوهان کي خبر ٿي پوي تہ اونهارو ويجهو آهي؛ 29 ساڳي طرح جڏهن اوهين اهي ڳالهيون ڏسو، تڏهن ڄاڻجو تہ هو بہ ويجهو آهي، ڄڻ تہ در تي اچي بيٺو آهي، 30 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيسين هي سڀ ڳالهيون پوريون نہ ٿينديون، تيسين هيءَ پيڙهي گذري نہ ويندي. 31 آسمان ۽ زمين گذر ڪري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن بہ نہ ٽرندو. 32 پر انهي ڏينهن يا اُنهيءَ گهڙيءَ جي ڪنهن کي بہ خبر ڪانهي، نہ آسمان جي ملائڪن کي، نڪي پٽ کي، پر فقط پيءُ کي. 33 خبردار، جاڳندا ۽ دعا گهُرندا رهجو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر ڪانهي تہ اُهو وقت ڪڏهن ايندو. 34 اهو انهي ماڻهوءَ وانگر آهي جو پرديس ۾ ويو هجي، ۽ گهر ڇڏڻ مهل پنهنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي هرهڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏئي تہ سجاڳ رهہ. 35 تنهنڪري اوهين بہ سجاڳ رهو، ڇالاءِ جو اوهان کي خبر ڪانهي تہ گهر جو مالڪ ڪڏهن سانجهيءَ يا اڌ رات جو، يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مهل، يا صبح جو ٿو اچي. 36 ائين نہ ٿئي جو هو اوچتو اچي اوهان کي سُتل ڏسي. 37 جيڪي آئون اوهان کي چوان ٿو، سو سڀني کي ٿو چوان، تہ سجاڳ رهو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society