مرقس 12 - Sindhi Bible1 ۽ هو وري اُنهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو. ۽ چيائين تہ ڪنهن ماڻهوءَ هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايو، ۽ انهي جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، ۽ رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪڙو حوض کوٽيائين، ۽ هڪڙو ٺلهہ ٺهرايائين، ۽ اُهو ڪن آبادگارن کي ٺيڪي تي ڏيئي پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 2 ۽ موسم ۾ انهن آبادگارن ڏي هڪڙو نوڪر موڪليائين، انهي لاءِ تہ انهن آبادگارن کان انهي ڊاک جي باغ جي ميوي جو حصو وٺي اچي. 3 ۽ هنن انهي کي جهلي مار ڏني، ۽ خالي هٿين روانو ڪري ڇڏيائونس. 4 ۽ وري هن انهن ڏانهن ٻيو نوڪر موڪليو، ۽ هنن انهي جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو، ۽ جُٺ ڪيائونس. 5 پوءِ هن ٻيو موڪليو ۽ انهي کي هنن ماري وڌو: پوءِ ٻيا ڪيترا موڪليائين، جن مان ڪن کي مار ڏنائون ۽ ڪن کي اُڦٽ ماري وڌائون. 6 اڃا باقي هڪڙو هوس، جو سندس پيارو پٽ هو، تنهن کي سڀني کانپوءِ هنن ڏانهن موڪليائين، جو چيائين تہ هو انهي جي آبرو رکندا. 7 پر اُنهن آبادگارن پاڻ ۾ چيو تہ هي وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون، تہ پوءِ ورثو اسان جو ٿيندو. 8 ۽ انهن انهي کي جهلي ماري وڌو، ۽ ڊاک جي باغ جي ٻاهران اُڇلائي ڇڏيائونس. 9 هاڻي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو؟ هو اچي آبادگارن کي چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ باغ ٻين کي ڏيندو. 10 اوهان هيءَ پاڪ لکيت بہ نہ پڙهي آهي ڇا، تہ ”جنهن پهڻ کي اڏيندڙن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو: 11 هي خداوند جي طرفان ٿيو، ۽ اسان جي نظر ۾ عجب جهڙي ڳالهہ آهي؟“ 12 تنهن تي هو کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا، ڇالاءِ جو سهي ڪيو هئائون تہ هي مثال اسان تي آندو اٿس، پر خلق کان ڊنا ٿي؛ ۽ هو کيس ڇڏي هليا ويا. 13 پوءِ هنن ڏانهنس ڪي فريسي ۽ هيرودي موڪليا تہ ڳالهائڻ ۾ هن کي ڦاسائين. 14 ۽ جڏهن اُهي آيا، تڏهن هن کي چوڻ لڳا، تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين، پر سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿو سيکارين: قيصر کي ڍل ڏيڻ واجب آهي يا نہ؟ 15 اسين ڏيون يا نہ ڏيون؟ پر هن انهن جي رياڪاري سهي ڪري چيو، تہ اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟ هڪڙو دينار مون وٽ کڻي اچو تہ آئون ڏسان. 16 ۽ هنن اهو آندو. پوءِ هن کين چيو تہ هيءَ شڪل ۽ هي اکر ڪنهن جا آهن؟ هنن ورندي ڏنس تہ قيصر جا. 17 تنهن تي يسوع چين، تہ جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي، ۽ جيڪي خدا جو آهي سو خدا کي ڏيو. ۽ هنن کي مٿس ڏاڍو عجب لڳو. 18 تنهن کانپوءِ صدوقي وٽس آيا، جي چوندا آهن تہ قيامت آهي ئي ڪانہ؛ انهن کانئس پڇيو تہ 19 اي استاد، موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آهي تہ جي ڪنهن ماڻهوءَ جو ڀاءُ مري وڃي، ۽ پٺيان زال بنا اولاد ڇڏي، تہ سندس ڀاءُ سندس زال پرڻجي، ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري. 20 هاڻي ست ڀائر هئا: پهريون پرڻيو ۽ بي اولاد مري ويو، 21 پوءِ ٻيو هن سان پرڻيو، ۽ اهو بہ بي اولاد مري ويو؛ ۽ انهي طرح ٽيون بہ. 22 ايتري قدر جو ست ئي بي اولاد مري ويا. ۽ پڇاڙيءَ ۾ زال بہ مري ويئي. 23 هاڻي قيامت ۾ اُها زال انهن مان ڪنهن جي ٿيندي؟ ڇالاءِ جو ست ئي هن سان پرڻيا هئا. 24 يسوع انهن کي چيو، تہ اوهان جي گمراهہ ٿيڻ جو اهو سبب نہ آهي ڇا، جو نڪي پاڪ لکيتون ٿا ڄاڻو، نڪي خدا جي قدرت؟ 25 ڇالاءِ تہ جڏهن مردا جي اُٿندا تڏهن نڪي پرڻبا نڪي پرڻائبا؛ پر جيئن آسمان ۾ ملائڪ آهن، تيئن هوندا. 26 پر مئلن بابت تہ هو جي اُٿندا، اوهان موسيٰ جي ڪتاب جي ٻوٽي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ڪيئن خدا ساڻس ڳالهايو ۽ چيائينس، تہ آئون ابراهيم جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان؟ 27 هو تہ مئلن جو نہ، پر جيئرن جو خدا آهي: اوهين ڏاڍي ڀُل ٿا ڪريو. 28 ۽ فقيهن مان هڪڙو آيو، ۽ هنن کي سوال جواب ڪندو ٻڌائين، ۽ ڄاتائين تہ هن کين چڱو جواب ڏنو آهي؛ تڏهن هن کان پڇيائين تہ سڀني حڪمن مان پهريون ڪهڙو آهي؟ 29 يسوع ورندي ڏني، تہ پهريون هي آهي، ”اي اسرائيل ٻڌ؛ خداوند اسان جو خدا، هڪڙو ئي خداوند آهي؛ 30 ۽ تون انهي خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل، ۽ پنهنجي ساريءَ جان، ۽ پنهنجي ساريءَ طاقت سان پيار ڪر. 31 ٻيو هي آهي، تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ انهن کان وڏو ٻيو حڪم ڪونهي. 32 تڏهن انهي فقيهہ چيس تہ واهہ! اي اُستاد، تو پوري ڳالهہ ڪئي آهي، تہ هو هڪڙو آهي؛ ۽ انهي کانسواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ 33 ۽ انهي کي ساريءَ دل سان، ۽ ساري سمجهہ سان ۽ ساريءَ طاقت سان پيار ڪرڻ، ۽ پنهنجي پاڙيسري کي پاڻ جهڙو پيار ڪرڻ سڀني سوختني قربانين، ۽ صدقن کان وڌيڪ آهي. 34 جڏهن يسوع ڏٺو تہ هن سياڻپ جو جواب ڏنو آهي، تڏهن چيائين تہ تون خدا جي بادشاهت کان پري نہ آهين. انهي کانپوءِ ڪنهن کي بہ همت ڪانہ ٿي جو هن کان ڪو سوال پڇي. 35 ۽ يسوع هيڪل ۾ تعليم ڏيندي چيو، تہ فقيهہ ڪيئن ٿا چون تہ مسيح ابن دائود آهي؟ 36 دائود پاڻ پاڪ روح جي هدايت سان چيو آهي، تہ ”خداوند منهنجي خداوند کي چيو تہ تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيسين ڪ آئون تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي بڻايان.“ 37 دائود تہ پاڻ هن کي خداوند ڪري ٿو سڏي، تڏهن ڪيئن هو سندس پٽ ٿيو؟ ۽ عام خلق هن جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٿي ٻڌيون. 38 ۽ تعليم ڏيندي هن چيو، تہ فقيهن کان سنڀالجو، جن کي ڊگها چوغا پائي گهمڻ وڻي ٿو، ۽ جي ڀانئين ٿا تہ بازارن ۾ اسان کي سلام، 39 ۽ عبادتگاهن ۾ اعليٰ درجي جون جايون ۽ مجلس ۾ خاص جڳهون ملن: 40 جي بيوهہ زالن جا گهر هضم ڪيو وڃن، ۽ ڏيکارڻ لاءِ لنبيون لنبيون نمازون ٿا پڙهن؛ انهن کي ٻين کان وڌيڪ سزا ملندي. 41 پوءِ هو هيڪل جي خزاني جي سامهون ويهي رهيو، ۽ ڏٺائين تہ ڪيئن ماڻهو پئسا خزاني ۾ ٿا وجهن: ۽ ڪيترا جي دولتمند هئا، تن گهڻوئي ڪي اُن ۾ وڌو ٿي. 42 ۽ هڪڙي غريب بيوهہ آئي ۽ انهيءَ ٻہ دمڙيون آڻي وڌيون، جي آڌيلي برابر آهن. 43 تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هي سڀ جيڪي خزاني ۾ پيا وجهن، تن کان هن غريب بيوهہ وڌيڪ وڌو آهي. 44 ڇالاءِ جو هنن وٽ جيڪي گهرج کان وڌيڪ هو، تنهن مان هن ۾ وڌو اٿن؛ پر هن پنهنجي تنگ حال هوندي بہ جيڪي هڙ ۾ هوس، سو سڀ کڻي وڌائين، بلڪ پنهنجي سموري ڪمائي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society