Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

مرقس 11 - Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن هو يروشلم جي ويجهو زيتونن جي ٽڪريءَ تي، بيت فگا ۽ بيت عنياهہ وٽ آيا، تڏهن هن پنهنجي شاگردن مان ٻن کي موڪليو،

2 ۽ چيائين، تہ رستو وٺي انهي ڳوٺ ڏانهن وڃو، جو اوهان جي سامهون آهي: ۽ انهي ۾ گهڙڻ شرط، اوهين هڪڙو کودڙو ٻڌل ڏسندا، جنهن تي اڃا ڪوبہ ماڻهو نہ چڙهيو آهي، انهي کي ڇوڙي وٺي اچو.

3 ۽ جيڪو اوهان کان کڻي پڇي تہ ڇو ٿا ائين ڪريو؟ تہ چئجوس تہ خداوند کي انهي جي گهرج آهي، ۽ هو يڪدم هن کي هتي ڏياري موڪليندو.

4 پوءِ هو هليا ويا، ۽ کودڙي کي گهٽيءَ ۾ هڪڙي در جي ٻاهران ٻڌل ڏسي ڇوڙڻ لڳا.

5 تہ جيڪي اُتي بيٺا هئا، تن مان ڪن انهن کي چيو، تہ ڇا ٿا ڪريو، ڇو ٿا کودڙو ڇوڙيو؟

6 انهن اُها ورندي ڏنين جا يسوع ٻڌائي ڇڏي هين: تنهن تي کين وڃڻ ڏنائون.

7 ۽ هو اُهو کودڙو يسوع وٽ وٺي آيا، ۽ انهي تي پنهنجا ڪپڙا لٽا وڌائون، ۽ هو مٿس چڙهي ويٺو.

8 ۽ گهڻن پنهنجا ڪپڙا رستي تي کڻي وڇايا، ۽ ٻين وري ٻنين مان ٽاريون وڍي اُهي کڻي پکيڙيون.

9 ۽ جيڪي اڳيان پئي هليا، ۽ جيڪي پٺيان پئي آيا، تن وڏي آواز سان پئي چيو، تہ هوشعنا، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي:

10 مبارڪ آهي اُها بادشاهت جا اچي ٿي، اسان جي پيءُ دائود جي بادشاهت، عالم بالا ۾ هوشعنا.

11 ۽ هو يروشلم ۾ آيو، ۽ هيڪل ۾ ويو؛ ۽ جڏهن چوڌاري سڀني شين تي نظر گهمائي رهيو، ۽ اچي سانجهي ٿي، تڏهن ٻارهن سان بيت عنياہ ڏانهن روانو ٿيو.

12 ۽ ٻئي ڏينهن جڏهن بيت عنياہ مان روانا ٿيا، تڏهن کيس بک لڳي.

13 ۽ پري کان هڪڙو انجير جو وڻ ڏٺائين، جنهن ۾ پن هئا، ۽ اُتي آيو تہ من ڪو ڦل مليس: پر جڏهن هو اُنهي وٽ آيو، تڏهن ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين آهي؛ ڇالاءِ جو اُها انجير جي مند نہ هئي.

14 ۽ هن ان کي چيو تہ اڄ ڏينهن کان وٺي ڪوبہ تو مان ڪڏهن ڦل نہ کائي، ۽ سندس شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي.

15 پوءِ اُهي يروشلم ۾ آيا: ۽ هو هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اُتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪيو، تن کي ٻاهر ڪڍڻ لڳو، ۽ صرافن جا صندل، ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون، اونڌيون ڪري ڇڏيائين؛

16 ۽ ڪنهن کي بہ هيڪل مان ڪو ٿانءُ کڻي لنگهڻ نہ ڏنائين.

17 ۽ تعليم ڏيڻ لڳن، ۽ چيائين تہ ائين لکيل نہ آهي ڇا، تہ ”منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ دعا جو گهر سڏبو؟“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري کڻي بنايو آهي.

18 ۽ سردار ڪاهن ۽ فقيهن اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ هو وجهہ ڳولڻ لڳا تہ ڪيئن هن کي ماري کپايون: ڇالاءِ تہ هو کانئس پئي ڊنا، جو ساري خلق سندس تعليم تي حيران هئي.

19 ۽ هو ڏهاڙي سانجهيءَ جو شهر کان نڪري ٻاهر ويندو هو.

20 ۽ صبح جو جڏهن لنگهيو پئي ويا، تڏهن اهو انجير جو وڻ ڏٺائون تہ پاڙن تائين سُڪو پيو آهي.

21 تنهن تي پطرس کي اها ڳالهہ ياد پيئي ۽ چيائينس، تہ اي اُستاد، ڏس جنهن انجير جي وڻ کي تو پِٽيو هو، سو سُڪي ويو آهي.

22 يسوع ورندي ڏيئي انهن کي چيو تہ خدا تي ايمان آڻيو.

23 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو هن جبل کي چوندو تہ اتان کڄي وڃي سمنڊ ۾ پئُہ، ۽ پنهنجي دل ۾ شڪ نہ آڻيندو، ۽ پڪ ڪري ڄاڻيندو تہ جيڪي چوان ٿو سو ٿيندو، تہ جيئن چوندو تيئن ئي ٿي پوندو.

24 تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ سڀ جيڪي اوهين دعا ۾ گهُرو ٿا، تنهن لاءِ پڪ ڪري ڄاڻو تہ اسان کي مليو آهي، تہ اُهو اوهان کي ملندو.

25 ۽ جڏهن بہ دعا گهُرو، تڏهن جي اوهان جو ڪنهن تي رنج هجي تہ انهي کي معافي ڏيو، انهي لاءِ تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو اوهان جا ڏوهہ بہ اوهان کي معاف ڪري.

26 (۽ جي اوهين معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو بہ اوهان جا ڏوهہ معاف نہ ڪندو.)

27 ۽ اُهي وري يروشلم ۾ آيا: ۽ جڏهن هن هيڪل ۾ پئي پسار ڪيو، تہ سردار ڪاهن ۽ فقيهہ ۽ بزرگ وٽس آيا؛

28 ۽ چيائونس تہ تون اهي ڪم ڪهڙيءَ اختياريءَ سان ٿو ڪرين؟ يا انهن ڪمن ڪرڻ جي ڪنهن توکي اختياري ڏني آهي؟

29 يسوع چين تہ آئون بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان، انهي جو اوهين مون کي جواب ڏيو، تہ پوءِ آئون اوهان کي ٻڌايان تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان.

30 يوحنا جي بپتسما آسمان کان هئي يا ماڻهن کان؟ انهي جو مون کي جواب ڏيو.

31 ۽ هو پاڻ ۾ بحث ڪري چوڻ لڳا، تہ جي ٿا چئون تہ آسمان کان، تہ چوندو تہ تڏهن ڇو هن کي نہ مڃيو،

32 پر جي ٿا چئون تہ ماڻهن کان، تہ خلق کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ تہ سڀني يوحنا کي سچ پچ نبي ڪري ٿي سمجهيو.

33 تڏهن يسوع کي جواب ڏيئي چيائون، تہ اسان کي خبر ڪانهي. تنهن تي يسوع چين تہ تڏهن آئون بہ اوهان کي ڪين ٻڌائيندس تہ ڪهڙيءَ اختياريءَ سان آئون هي ڪم ٿو ڪريان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan