مرقس 10 - Sindhi Bible1 ۽ هو اُتان اُٿيو ۽ يهوداہ جي حدن ۾ يردن نديءَ جي پرينءَ ڀر آيو: ۽ وري بہ ماڻهن جو ميڙاڪو وٽس اچي گڏ ٿيو؛ ۽ جيئن سندس عادت هئي تيئن وري بہ انهن کي تعليم ڏيڻ لڳو. 2 ۽ فريسي وٽس آيا، ۽ آزمائڻ لاءِ پڇيائونس تہ اهو روا آهي يا نہ، تہ مڙس پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي؟ 3 ۽ هن جواب ڏيئي چين، تہ موسيٰ اوهان کي ڇا فرمايو آهي؟ 4 هنن چيو تہ موسيٰ موڪل ڏني آهي تہ طلاق نامو لکي ڪڍي ڇڏجيس. 5 پر يسوع چين تہ اوهان جي سخت دليءَ جي ڪري هن اوهان جي لاءِ اهو حڪم لکيو. 6 پر دنيا جي شروعات کان هن (يعني خدا) هنن کي مڙس ۽ زال جوڙيو. 7 انهي ڪري مڙس پنهنجي ماءُ پيءُ کان جدا ٿي پنهنجي زال سان گڏجي رهندو؛ 8 ۽ هو ٻئي هڪ جسم ٿي ويندا، ايتري قدر جو پوءِ هو ٻہ جسم نہ آهن پر هڪ. 9 تڏهن جيڪي خدا ملائي ڇڏيو آهي، تنهن کي انسان جدا نہ ڪري. 10 ۽ گهر ۾ شاگردن هن ڳالهہ بابت وري هن کان پڇيو. 11 ۽ انهن کي چيائين تہ جيڪو پنهنجي زال کي ڪڍي ٻي پرڻبو، سو هن جي نسبت ۾ زنا ٿو ڪري. 12 ۽ جيڪڏهن هوءَ پاڻ پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏيندي، ۽ ٻئي سان پرڻبي تہ اُها زنا ٿي ڪري. 13 پوءِ ماڻهو ننڍڙن ٻارن کي وٽس وٺي آيا، انهي لاءِ تہ مٿن هٿ رکي، پر شاگردن انهن کي ڇينڀيو. 14 سو جڏهن يسوع اهو حال ڏٺو، تڏهن ڪاوڙجي هنن کي چيائين تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو؛ ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي. 15 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو خدا جي بادشاهي ننڍڙن ٻارن وانگر قبول نہ ڪندو، سو ڪنهن بہ طرح انهيءَ ۾ داخل نہ ٿيندو. 16 پوءِ هنن کي هنج ۾ کڻي مٿن هٿ رکي کين دعا ڪيائين. 17 ۽ هو رستي تان پئي ويو تہ هڪڙو ماڻهو ڊوڙندو وٽس آيو، ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇڻ لڳس، تہ اي نيڪ اُستاد، آئون ڇا ڪريان جو هميشہ جي زندگيءَ جو وارث ٿيان؟ 18 يسوع چيس تہ تون مون کي نيڪ ڇو ٿو چوين؟ ڪوبہ نيڪ نہ آهي سواءِ هڪڙي جي يعني خدا جي. 19 توکي حڪمن جي خبر آهي، تہ خون نہ ڪر، زنا نہ ڪر، چوري نہ ڪر، ڪوڙي شاهدي نہ ڀر، ٺڳي نہ ڪر، پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر. 20 هن چيس، تہ اي اُستاد، آئون ننڍپڻ کان انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندو آيو آهيان. 21 يسوع هن ڏانهن نظر ڪري کيس پيار ڪيو، ۽ چيائينس تہ اڃا تو ۾ هڪڙي گهٽتائي آهي: وڃ جيڪي اٿيئي سو وڪڻي غريبن کي ڏي، ۽ توکي آسمان ۾ خزانو ملندو: ۽ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ. 22 پر انهي چوڻ تي هن جي منهن جو پنو ئي لهي ويو، ۽ غمگين ٿي هليو ويو: ڇالاءِ جو هو گهڻي ملڪيت وارو هو. 23 ۽ يسوع آس پاس نظر ڪري پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ دولتمند ماڻهو خدا جي بادشاهت ۾ ڪهڙي نہ مشڪلات سان داخل ٿا ٿين. 24 ۽ شاگرد هن جي ڳالهين تي حيران ٿي ويا، پر يسوع وري ورندي ڏيئي چين، تہ اي ٻارو، جنهن جو ڀروسو دولت تي آهي، تنهن جو خدا جي بادشاهت ۾ گهڙڻ ڪهڙو نہ مشڪل آهي! 25 خدا جي بادشاهت ۾ دولتمند جي گهڙڻ کان سئيءَ جي پاکي مان اُٺ جو لنگهڻ وڌيڪ سولو آهي. 26 تنهن تي هو ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳس تہ تڏهن ڪنهن کي نجات حاصل ٿي سگهندي؟ 27 يسوع انهن ڏي نهاري چيو، تہ ماڻهن لاءِ اها ڳالهہ اڻ ٿيڻي آهي، پر خدا لاءِ نہ، ڇالاءِ جو خدا کان سڀ ڪجهہ ٿي ٿو سگهي. 28 پطرس هن کي چوڻ لڳو تہ ڏس، اسان سڀ ڪجهہ ڇڏي ڏنو آهي ۽ تنهنجي پٺيان آيا آهيون. 29 يسوع چيو تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ ڪوبہ ماڻهو اهڙو ڪونهي جنهن منهنجي لاءِ، ۽ انجيل لاءِ، گهر، يا ڀائر، يا ڀينر، يا ماءُ، يا پيءُ، يا ٻار، يا ٻنيون ڇڏيون هجن، 30 ۽ اُهي انهي کي هن زماني ۾ ئي سؤڻيون ٿي نہ ملن، ڇا گهر، ڇا ڀائر، ڇا ڀينر، ڇا مائر، ڇا ٻار، ڇا ٻنيون، اگرچہ عذابن سان؛ ۽ وري ايندڙ زماني ۾ هميشہ جي زندگي. 31 پر گهڻا جي پهريان آهن سي پويان ٿيندا، ۽ پويان پهريان. 32 پوءِ هو يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا، ۽ يسوع سندن اڳيان پئي ويو: ۽ اُهي عجب ۾ هئا؛ ۽ جيڪي سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنا پئي، ۽ هو وري بہ انهن ٻارهن کي وٺي جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون، سي ٻڌائڻ لڳو. 33 ۽ چوڻ لڳن تہ اِجهو يروشلم ڏانهن ٿا هلون؛ ۽ ابن آدم سردار ڪاهنن ۽ فقيهن جي حوالي ڪيو ويندو؛ ۽ اُهي مٿس موت جي فتويٰ جاري ڪندا، ۽ کيس غير قومن جي حوالي ڪندا: 34 ۽ اُهي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلائيندا، ۽ کيس چهبڪ هڻندا، ۽ قتل ڪندس، ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ هو جي اُٿندو. 35 ۽ زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اي استاد، اسان جي مرضي آهي تہ جيڪي اسين توکان گهُرون، سو تون اسان لاءِ ڪرين. 36 هن چين تہ ڇا ٿا گهُرو تہ آئون اوهان لاءِ ڪريان؟ 37 هنن چيس تہ اسان لاءِ هيءُ ڪر، تہ تنهنجي جلال ۾ اسان مان هڪڙو تنهنجي ساڄي پاسي ۽ ٻيو تنهنجي کاٻي پاسي ويهي. 38 پر يسوع چين تہ اوهان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڇا ٿا گهرو. جيڪو پيالو آئون پيان ٿو، تنهن جي پيئڻ جي اوهان کي طاقت آهي؟ يا جيڪا بپتسما آئون وٺان ٿو، تنهن جي وٺڻ جي طاقت اٿوَ؟ 39 ۽ هنن چيس تہ هائو، اسان کي طاقت آهي. يسوع چين تہ جيڪو پيالو آئون پيان ٿو، سو اوهين بہ پيئندا؛ ۽ جيڪا بپتسما آئون وٺان ٿو، سا اوهين بہ وٺندا. 40 مگر منهنجي ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي ويهارڻ، سو منهنجو ڪم نہ آهي: پر اهو انهن لاءِ آهي، جنهن جي لاءِ تيار ڪيل آهي. 41 ۽ جڏهن انهن ڏهن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو يعقوب ۽ يوحنا تي ڪاوڙجڻ لڳا. 42 پر يسوع انهن کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اوهان کي خبر آهي تہ جيڪي غير قومن جا سردار ليکجن ٿا، سي انهن تي حڪم ٿا هلائين، ۽ سندن اميرن کي مٿن اختياري آهي. 43 پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو: 44 ۽ جيڪو اوهان ۾ پهريون ٿيڻ گهُري، سو سڀني جو غلام ٿئي. 45 ڇالاءِ تہ سچ پچ ابن آدم انهي لاءِ نہ آيو آهي تہ سندس خدمت ٿئي، پر پاڻ خدمت ڪري، ۽ گهڻن جي بدران پنهنجي جان فدا ڪري. 46 ۽ اُهي يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو مان هو پنهنجن شاگردن ۽ ماڻهن جي گوڙ سميت نڪتو ٿي، تہ تمائي جو پٽ، بارتمئي، جو هڪڙو انڌو فقير هو، سو رستي جي ڀرسان ويٺو هو. 47 ۽ جڏهن هن ٻڌو تہ هيءُ يسوع ناصري آهي، تڏهن رڙ ڪري چوڻ لڳو، تہ اي يسوع، اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر. 48 تنهن تي گهڻن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر: پر هو پاڻ وڏو واڪو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي ابن دائود، مون تي رحم ڪر. 49 ۽ يسوع بيهي رهيو، ۽ چوڻ لڳو تہ هن کي سڏيو. هنن انڌي کي سڏيو، ۽ چيائونس تہ دلجاءِ ڪر؛ اُٿ، سڏيئي ٿو. 50 ۽ هو پنهنجو ڪپڙو ڦٽو ڪري ٽپ ڏيئي اُٿيو، ۽ يسوع وٽ آيو. 51 ۽ يسوع ورندي ڏيئي چيس تہ تون ڇا ٿو گهُرين تہ آئون تنهنجي لاءِ ڪريان؟ انڌي چيس تہ اي ربوني، اهو تہ آئون ڏسان وائسان. 52 تنهن تي يسوع چيس تہ وڃ، تنهنجي ايمان توکي سڄو ڪيو آهي، ۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ رستي ۾ هن جي پٺيان هلڻ لڳو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society