ميڪاہ 7 - Sindhi Bible1 مون تي افسوس! ڇالاءِ جو منهنجو حال اهڙو آهي جهڙو گرميءَ جي ميوي گڏ ڪرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي: ڪوبہ ڇڳو کائڻ لاءِ ڪونهي؛ منهنجي روح کي پهرئين پڪل انجير جي خواهش آهي. 2 ديندار ماڻهو زمين مان مارجي نڪري ويو آهي، ۽ ماڻهن ۾ ڪوبہ سچو ڪونهي؛ هو سڀ خون جي لاءِ لڪي ويٺا آهن؛ هنن مان هرڪو پنهنجي ڀاءُ جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڄار ٿو وجهي. 3 هنن جا هٿ خراب ڪم ڪرڻ لاءِ چالاڪ آهن؛ حاڪم گهري ٿو وٺي ۽ قاضي رشوت وٺڻ لاءِ تيار آهي: ۽ جيڪو وڏو ماڻهو آهي سو پنهنجي روح جي خرابي ظاهر ٿو ڪري: ۽ انهي طرح هو بڇڙائيءَ لاءِ ٻڌي ٿا ڪن. 4 انهن مان جيڪو تمام چڱو آهي سو ڪانڊيري جهڙو آهي ۽ جيڪو تمام سچو آهي سو ڪنڊن جي لوڙهي کان بہ خراب آهي: تنهنجي پهري وارن جو ڏينهن يعني تنهنجي سزا جو ڏينهن اچي پهتو آهي: هاڻي هنن ۾ حيراني پريشاني پوندي. 5 اوهين ڪنهن دوست تي ڀروسو نہ رکو، ڪنهن سونهين تي ويساهہ نہ ڪريو: جيڪا تنهنجي جان سان لڳي سمهي ٿي، تنهن کان بہ پنهنجي وات جو در بند رک. 6 ڇالاءِ جو پٽ پيءُ جي بي عزتي ٿو ڪري؛ ڌيءَ پنهنجي ماءُ سان وڙهڻ لاءِ سنبري ٿي اچي؛ نهن پنهنجي سس سان؛ ماڻهوءَ جا دشمن خود سندس گهر وارا آهن. 7 باقي آءٌ، سو خداوند ڏي نهاريندس؛ آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي لاءِ منتظر ٿي ويهندس: منهنجو خدا منهنجي ٻڌندو. 8 اي منهنجا دشمن تون مون تي خوشي نہ ڪر؛ جڏهن آءٌ ڪِرندس تڏهن آءٌ اُٿندس؛ جڏهن آءٌ اونداهي ۾ ويهندس تڏهن خداوند منهنجي لاءِ روشنائي ٿيندو. 9 آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سهندس، ڇالاءِ جو مون هن جو گناهہ ڪيو آهي؛ جيسين ڪ هو منهنجي طرفان حجت ڪري، ۽ منهنجو فيصلو ڪري: هو مون کي ڪڍي سوجهري ۾ آڻيندو، آءٌ سندس راستبازي ڏسندس. 10 تڏهن منهنجو دشمن اهو ڏسي شرمندگيءَ سان ڍڪجي ويندو، جنهن مون کي چيو تہ خداوند تنهنجو خدا ڪٿي آهي؟ منهنجون اکيون انهي کي ڏسنديون؛ هاڻي هو گهٽين جي مٽيءَ وانگي لتاڙجي ويندو. 11 تنهنجين ڀتين جوڙڻ جو ڏينهن! انهيءَ ڏينهن تنهنجي حد وڌائي ويندي. 12 انهي ڏينهن هو اسور مان ۽ مصر جي شهر مان، بلڪ مصر کان وٺي نديءَ تائين؛ سمنڊ کان سمنڊ تائين، ۽ جبل کان جبل تائين نڪري تو وٽ ايندا. 13 تنهن هوندي بہ ملڪ انهن جي ڪري ويران ٿي ويندو جي انهي ۾ رهن ٿا، ڇالاءِ جو سندن ڪمن جا ڦر اهڙا آهن. 14 پنهنجي قوم کي، ۽ جيڪو تنهنجي ورثي جو ڌڻ آهي تنهن کي، پنهنجي لٺ کڻي ڪرمل جي ٻيلي منجهہ چار: ڀلي تہ بسن جلعاد ۾ چرن، جيئن اڳين ڏينهن ۾ ڪندا هئا. 15 جيئن مصر جي ملڪ مان نڪري اچڻ جي وقت ائين وري آءٌ هن کي عجيب غريب شيون ڏيکاريندس. 16 قومون ڏسي پنهنجي سڄي طاقت جي ڪري شرمنديون ٿينديون: اُهي پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي رکنديون ۽ سندن ڪن ٻوڙا ٿيندا، 17 هو نانگ وانگي مٽي چٽينديون؛ ۽ زمين جي سرڻن وانگي هو پنهنجن ٻرن مان ڏڪنديون ٻاهر اينديون: هو خداوند اسان جي خدا وٽ ڊپ سان اينديون، ۽ تنهنجي ڪري ڊڄنديون. 18 تو جهڙو ٻيو ڪهڙو خدا آهي جو گناهہ معاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ميراث جي باقي رهيلن جي ڏوهہ کان گذر ڪري ٿو؟ هو هميشہ لاءِ ڪاوڙيل نٿو رهي، ڇالاءِ جو هن کي رحم ڪرڻ پسند آهي. 19 هو ڦرندو ۽ اسان تي رحم ڪندو. هو اسانجن گناهن کي پيرن هيٺ لتاڙيندو: ۽ تون هنن جا سڀ گناهہ سمنڊ جي تري ۾ اُڇلائي ڦٽا ڪندين. 20 تون يعقوب کي سچائي ڏيندين، ۽ ابرهام کي رحم بخشيندين، جيئن تو قديم وقت کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society