Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ميڪاہ 6 - Sindhi Bible

1 هاڻي جيڪي خداوند ٿو فرمائي سو اوهين ٻڌو: اُٿي جبلن اڳيان حجت دليل ڪر، ۽ ڀلي تہ ٽڪريون تنهنجو آواز ٻڌن.

2 اي جبل ۽ زمين جا جٽاءُ ڪندڙ بنياد، اوهين خداوند جي حجت دليل ٻڌو، ڇالاءِ جو خداوند جو پنهنجي قوم سان تڪرار آهي، ۽ هو اسرائيل سان بحث ڪندو.

3 اي منهنجي قوم، مون اوهان کي ڇا ڪيو آهي؟ ۽ ڇا ۾ مون اوهان کي ڪڪ ڪيو آهي؟ اوهين مون تي شاهدي ڏيو.

4 ڇالاءِ جو مون توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان توکي ڇڏايو اٿم؛ تنهنجي اڳيان مون موسيٰ ۽ هارون ۽ مريم کي موڪليو.

5 اي منهنجي قوم، هاڻي ياد ڪر تہ موآب جي بادشاهہ ڪهڙي صلاح پڇي، ۽ بلعام بن بعور هن کي ڪهڙو جواب ڏنو؛ شتيم کان وٺي جلجال تائين ياد ڪريو، تہ اوهان کي خداوند جي سچن ڪمن جي خبر پوي.

6 ڪهڙي شيءِ کڻي آءٌ خداوند جي اڳيان اچان، ۽ خدا تعاليٰ جي اڳيان سجدو ڪريان؟ آءٌ سوختني قربانين يا هڪ سالن جي وهڙن سان اچان ڇا؟

7 خداوند هزارن گهيٽن ۽ ڏهن هزارن تيل جي ندين سان خوش ٿيندو ڇا؟ آءٌ پنهنجي خطا لاءِ پنهنجو پهريون ڄاول ٻار، ۽ پنهنجي روح جي گناهہ لاءِ پنهنجي جسم جو ڦر ڏيان ڇا؟

8 اي انسان، هن توکي ڏيکاريو آهي تہ چڱائي ڇا آهي؛ ۽ خداوند توکان ٻيو ڇا ٿو گهري، انهي کان سواءِ تہ تون انصاف ڪرين، رحم کي پيار ڪرين، ۽ پنهنجي خدا سان نماڻو ٿي هلين؟

9 خداوند جو آواز شهر کي پڪاري چوي ٿو، ۽ ڏاها ماڻهو سندس نالي کان ڊڄندا: لٺ ۽ انهي جي مقرر ڪرڻ واري جي ٻڌو.

10 ڇا شرير جي گهر ۾ اڃا شرارت جا خزانا آهن ۽ ڪوڙا وٽ، جي ڪراهت جهڙا آهن؟

11 کوٽي ساهمي ۽ کوٽن تورن جي ڳوٿريءَ سان آءٌ ڪو پاڪ ٿي سگهندس ڇا؟

12 اُن جا دولتمند ماڻهو ظلم سان ڀريل آهن، ان جي رهاڪن ڪوڙ ڳالهايا آهن، ۽ انهن جي زبان سندن وات ۾ دغاباز آهي.

13 تنهنڪري مون بہ توکي سخت زخمي ڪيو آهي: مون توکي تنهنجن گناهن جي ڪري ويران ڪيو آهي.

14 تون کائيندين پر ڍءُ نہ ٿيندءِ تنهنجي حقارت تنهنجي وچ ۾ ٿيندي: تون لڪائيندين پر بچائي نہ سگهندين، ۽ جيڪي تون بچائيندين سو آءٌ ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس.

15 تون پوکيندين پر لڻندين ڪين، تون زيتونن کي لتاڙيندين پر پاڻ کي تيل نہ مکيندين، تون شراب ڪڍندين پر پيئندين ڪين.

16 ڇالاءِ جو عمريءَ جا قاعدا، ۽ اخي اب جي گهراڻي جا سڀ ڪم اوهين ڪريو ٿا، ۽ اوهين انهن جي صلاح مصلحتن تي هلو ٿا: انهي لاءِ تہ آءٌ توکي ويران ڪريان، ۽ ان جي رهاڪن کي شوڪار جو باعث بنايان؛ ۽ اوهين منهنجي قوم جي ملامت کڻندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan