ميڪاہ 4 - Sindhi Bible1 پر پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو، تہ خداوند جي گهر وارو جبل سڀني جبلن جو سردار ٿيندو ۽ قائم رهندو، ۽ قومون انهي ۾ لڏي اينديون. 2 ۽ گهڻيئي قومون چونديون تہ اچو تہ خداوند جي جبل تي، ۽ يعقوب جي خدا جي گهر ڏي چڙهي هلون؛ ۽ اسين سندس رستن تي هلنداسين، ۽ هو اسان کي پنهنجون راهون سيکاريندو: ڇالاءِ جو شريعت صيون مان نڪرندي ۽ خداوند جو ڪلام يروشلم مان. 3 ۽ هو گهڻين قومن جي وچ ۾ عدالت ڪندو، ۽ زور وارين قومن کي ملامت ڪندو؛ هو پنهنجين ترارن کي ڪٽي انهن مان هرن جا ڦار ٺاهيندا، ۽ پنهنجن ڀالن مان ڏاٽا ٺاهيندا: قوم، قوم تي ترار نہ کڻندي، نڪي اڳتي وري هو جنگ ڪرڻ سکندا. 4 پر هرڪو ماڻهو، پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ هيٺان ويهندو، ۽ ڪوبہ هنن کي نہ ڊيڄاريندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو اهو فرمان آهي. 5 هرڪا قوم پنهنجي پنهنجي خدا جي نالي تي هلندي، ۽ اسين هميشہ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هلنداسين. 6 خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن آءٌ اُنهن کي گڏ ڪندس جي منڊڪائين ٿا، ۽ انهن کي ميڙيندس جي هڪالجي ويا آهن، ۽ انهن کي جي مون ڏکي ڪيا آهن؛ 7 ۽ جن منڊڪايو ٿي تن کي باقي بچيل، ۽ جي جلاوطن هئا تن کي هڪڙي زور واري قوم بنائيندس: ۽ اڄ کان وٺي هميشہ تائين صيون جي جبل تي خداوند اُنهن تي بادشاهي ڪندو. 8 اي ڌڻ جا ٺلهہ، اي صيون جي ڌيءَ جي ٽڪري، اهو تنهنجي لاءِ ٿيندو، يعني اها اڳين حڪومت جا يروشلم جي ڌيءَ جي بادشاهت آهي سا توکي ملندي. 9 سو هاڻي تون ڇو ٿي رڙيون ڪرين؟ تو ۾ ڪو بادشاهہ ناهي ڇا، يا تنهنجو ڪو صلاحڪار مري ويو آهي ڇا، جو توکي ويم جي سورن اچي ورايو آهي؟ 10 اي صيون جي ڌيءَ سور جهل، ۽ ويم واري زال وانگر تڪليف سهي ڪجهہ ڄڻ: ڇالاءِ جو هاڻي تون شهر مان نڪرندينءَ ۽ ميدان ۾ ۽ بابل ۾ ايندينءَ، ۽ اُتي تون ڇڏائي ويندينءَ؛ اُتي خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي هٿ مان ڇڏائيندو. 11 هاڻي گهڻيئي قومون اچي تنهنجي برخلاف گڏ ٿيون آهن، ۽ چون ٿيون تہ ڀلي اها ڳالهہ پوري ٿئي، تہ اسان جون اکيون صيون کي ڏسي خوش ٿين. 12 پر هنن کي خداوند جي خيالن جي خبر ڪانهي، ۽ نہ هو انهي جي مصلحت سمجهن ٿا، ڇالاءِ جو هن انهن کي ائين گڏ ڪيو آهي، جيئن گڏا ڳاهڻ لاءِ گڏ ڪبا آهن. 13 اي صيون جي ڌيءَ، اُٿي ڳاهہ: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي سڱ کي لوهہ وانگر ڪندس ۽ تنهنجي کرن کي پتل، ۽ تون گهڻين قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندينءَ، ۽ انهن جو مال خداوند جي نذر ڪندينءَ ۽ انهن جي دولت سڄي زمين جي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪندينءَ. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society