ميڪاہ 2 - Sindhi Bible1 ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي. 2 ۽ هو ٻنين جي لالچ ٿا رکن ۽ اُهي زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن؛ هو ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي تي ظلم ٿا ڪن، ۽ انهن جي گهرن کي هو کسي ٿا وٺن، يعني ماڻهوءَ ۽ سندس ورثي کي. 3 تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قبيلي جي برخلاف هڪڙي خرابي ٿو رٿيان، جنهن مان اوهين پنهنجون ڳچيون نہ بچائيندا، نڪي اوهين مغروري سان هلندا، ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي. 4 انهيءَ ڏينهن هو تنهنجي برخلاف هڪڙو مثال کڻندا، ۽ مرثيو کڻي ماتم ڪندا، ۽ چوندا تہ اسين بلڪل لُٽجي ويا آهيون: هو منهنجي قوم جو حصو ٿو ڦيرائي، ۽ اهو ڪيئن نہ مون کان پري کڻي ٿو وڃي. هو اسان جون ٻنيون فسادين کي ورهائي ڏئي ٿو. 5 تنهنڪري توکي اهڙو ڪوبہ ڪونہ لڀندو جو خداوند جي جماعت ۾ ماپڻ لاءِ ڏور ڇڪي. 6 بڪواسي چون ٿا تہ بڪواس نہ ڪريو، انهن ڳالهين بابت بڪواس نہ ڪريو: اهڙن شخصن تان مهڻو نہ لهندو. 7 اي يعقوب جا گهراڻا، ڪڏهن ائين چوڻ ۾ ايندو ڇا تہ خداوند جو روح تنگ ٿي ويو آهي. هي انهي جا ڪم آهن ڇا؟ جيڪو سچائي تي هلي ٿو، تنهن کي منهنجي ڪلام مان فائدو نٿو رسي ڇا؟ 8 پر هنن ڏينهن ۾ منهنجي قوم منهنجي دشمن ٿي اُٿي آهي، اوهين راهہ مسافر ۽ صلح پسند ماڻهوءَ جو چوغو لاهي ٿا رکو. 9 منهنجي اُمت جي زالن کي اوهين سندن مزي جهڙن گهرن مان ڪڍي ٿا ڇڏيو؛ ۽ منهنجو جلال سندن ننڍڙن ٻارن کان هميشہ لاءِ کسي ٿا وڃو. 10 اوهين اُٿو، ۽ هليا وڃو؛ ڇالاءِ جو هيءَ اوهان جي آرام جي جاءِ ناهي: ڇالاءِ جو ناپاڪائي جا ناس ٿي ڪري ۽ نهايت چٽ ڪيو ڇڏي اُتي آهي. 11 جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي! 12 اي يعقوب، آءٌ ضرور اوهان سڀني کي ميڙيندس؛ آءٌ ضرور اسرائيل جي باقي رهيلن کي گڏ ڪندس؛ آءٌ بصراہ جي رڍن وانگي هنن کي ميڙي گڏ ڪندس: ۽ جيئن ڌڻ پنهنجي چراگاهہ جي وچ ۾، تيئن هو شمار ٿي وڏو هُل ڪندا. 13 ڀڃندڙ هنن جي اڳيان لنگهي ويو آهي: هو ڀڃندا در تائين پهتا آهن ۽ لنگهي ٻاهر ويا آهن: ۽ هنن جو بادشاهہ بہ سندن اڳيان ويو آهي ۽ خداوند سندن سردار ٿيو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society