متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 9 - Sindhi Bible1 ۽ هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي هن ڀر لنگهي پنهنجي شهر ۾ آيو. 2 ۽ ڏسو، هڪڙو ماڻهو کٽولي تي پيل وٽس کڻي آيا، جنهن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي: ۽ يسوع سندن ايمان ڏسي اڌرنگيءَ کي چيو تہ پٽ دلجاءِ ڪر، تنهنجا گناهہ معاف ٿيا. 3 ۽ ڏسو، فقيهن مان ڪن پنهنجي دل ۾ چيو تہ هي ماڻهو ڪفر ٿو بڪي. 4 ۽ يسوع هنن جي دل جا دليل معلوم ڪري چيو تہ اوهين پنهنجي دل ۾ برا خيال ڇو ٿا ڪريو؟ 5 ڇالاءِ جو ڪهڙي ڳالهہ سولي آهي، ائين چوڻ تہ تنهنجا گناهہ معاف ٿيا، يا هيئن چوڻ تہ اُٿي گهم ڦر؟ 6 پر انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (اُتي اُنهي اڌرنگيءَ کي چيائين) تہ اُٿ ۽ پنهنجو کٽولو کڻي گهر هليو وڃ. 7 پوءِ هو اُٿيو ۽ پنهنجي گهر هليو ويو. 8 پر جڏهن خلق هيءُ حال ڏٺو، تڏهن سڀ ڊڄي ويا، ۽ خدا جي وڏائي ڪرڻ لڳا، جنهن انسان کي اهڙي طاقت ڏني آهي. 9 ۽ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن متي نالي هڪڙو ماڻهو اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين: ۽ هن کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو. 10 پوءِ هيئن ٿيو جو جڏهن هن گهر ۾ ماني ويٺي کاڌي، تڏهن ڏسو، گهڻا محصولي ٺيڪيدار ۽ گنهگار اچي يسوع ۽ سندس شاگردن سان گڏ ويٺا. 11 ۽ جڏهن فريسين اهو حال ڏٺو تڏهن هن جي شاگردن کي چيائون تہ اوهان جو اُستاد محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏجي ڇو ٿو کائي؟ 12 پر جڏهن هن اِها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳو، تہ جيڪي چڱا ڀلا آهن تن کي طبيب جي گهرج ڪانهي پر انهن کي جي بيمار آهن. 13 پر اوهين وڃي هن جي معنيٰ سمجهو، تہ مون کي رحم پسند آهي ۽ نہ قرباني؛ ڇالاءِ جو آئون سچارن کي نہ پر گنهگارن کي سڏڻ آيو آهيان. 14 تنهن کانپوءِ يوحنا جا شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس تہ اسين ۽ فريسي اڪثر روزا ٿا رکون، پر تنهنجا شاگرد روزا نٿا رکن سو ڇو؟ 15 يسوع چين تہ جيسين گهوٽ ڄاڃين سان آهي، تيسين هو ماتم ڪري سگهن ٿا ڇا؟ پر اُهي ڏينهن ايندا، جڏهن گهوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، پوءِ هو روزا رکندا. 16 ۽ ڪوبہ ماڻهو پراڻي ڪوٽ تي ڪوري ڪپڙي جي چتي ڪونہ ٿو لڳائي، ڇالاءِ جو جيڪي جاءِ ڀرڻ لاءِ ٿو لڳائجي، تنهن جي ڪري ڪوٽ ڇڄي ٿو، پوءِ اُلٽو وڌيڪ انگ اچيو وڃي. 17 نڪي ماڻهو پراڻن ساندارن ۾ تازي انگوري رس ڀريندا آهن: نہ تہ جيڪر ساندارا بہ ڦاٽي پون؛ ۽ رس بہ هارجي وڃي، ۽ 18 اڃا هن اُنهن سان هي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ ڏسو، هڪڙي سردار اچي کيس سجدو ڪري چيو، تہ منهنجي ڌيءَ اِجهو هينئر مئي آهي، پر تون اچي هن تي پنهنجو هٿ رک تہ هوءَ بچي پوي. 19 ۽ يسوع اُٿي شاگردن سميت هن سان گڏجي ويو. 20 ۽ ڏسو، هڪڙي زال جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت وهندو هو سا سندس پٺيان آئي، ۽ سندس پوشاڪ جي دامن کي اچي هٿ لاتائين: 21 ڇالاءِ جو هن پنهنجي دل ۾ چيو ٿي تہ جي آئون رڳو هن جي پوشاڪ کي هٿ لائينديس تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس. 22 پر يسوع پٺتي ڦري هن کي ڏسي چوڻ لڳو، تہ ڌيءَ دلجاءِ ڪر؛ تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي. ۽ اُها زال اُنهيءَ گهڙيءَ کان وٺي چڱي ڀلي ٿي پيئي. 23 ۽ جڏهن يسوع اُنهي سردار جي گهر ۾ آيو، ۽ بانسري وڄائيندڙن کي، ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي گوڙ ڪندو ڏٺائين، 24 تڏهن چيائين تہ جاءِ ڏيو، ڇالاءِ جو ڇوڪري مئي ڪانهي، پر سُتي پئي آهي. ۽ هو مٿس کِلڻ لڳا. 25 پر جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيائون، تڏهن هو اندر گهڙيو، ۽ هن کي هٿ کان ورتائين، تہ ڇوڪري اُٿي ويٺي. 26 ۽ اُنهيءَ ڳالهہ جي ساري ملڪ ۾ هاڪ پئجي ويئي. 27 پوءِ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن ٻہ انڌا سندس پٺيان آيا ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳا، تہ اي ابن دائود، اسان تي رحم ڪر. 28 پوءِ جڏهن هو گهر ۾ آيو، تڏهن اُهي انڌا وٽس آيا: ۽ يسوع چين تہ اوهان جو ايمان آهي تہ هي آئون ڪري سگهندس؟ هنن چيس تہ هائو خداوند. 29 تڏهن هن سندن اکين کي هٿ لائي چيو، تہ اوهان جي ايمان موجب اوهان سان ٿئي. 30 تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ يسوع تاڪيد ڪري چين، تہ ڏسو، متان ڪنهن کي خبر پوي. 31 پر هو ٻاهر هليا ويا، ۽ وڃي ساري ملڪ ۾ هن جو نالو هلايائون. 32 اڃا هو ٻاهر نڪتا تہ ڏسو، هڪڙي گونگي کي وٽس وٺي آيا، جنهن ۾ ڀوت هو. 33 ۽ جڏهن هن ڀوت ڪڍيو، تڏهن خلق عجب ۾ پئجي چوڻ لڳي تہ اسرائيل ۾ اڳي ائين ڪونہ ڏسڻ ۾ آيو. 34 پر فريسين چيو تہ هيءُ ڀوتن جي سردار جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي. 35 پوءِ يسوع سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾، ۽ عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مريضن، ۽ بيمارن کي ڇُٽائيندو گهُمندو رهيو. 36 پر جڏهن هن ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن مٿن رحم آيس، ڇالاءِ جو هو نڌڻڪين رڍن وانگر رليل ۽ پريشان هئا. 37 تڏهن هن پنهنجن شاگردن کي چيو، تہ فصل تہ بيشڪ ڀلو آهي، پر پورهيت ٿورا آهن. 38 تنهنڪري اوهين فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو، تہ هو پنهنجي فصل جي لاءِ پورهيت ڏياري موڪلي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society