Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 8 - Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن هو جبل تان لهي آيو، تڏهن وڏا ميڙاڪا اچي سندس پٺيان هلڻ لڳا.

2 ۽ ڏسو، هڪڙو ڪوڙهيو وٽس آيو ۽ کيس سجدو ڪري چوڻ لڳو، تہ اي خداوند، جي تنهنجي مرضي هجي تہ تون مون کي ڇُٽائي پاڪ صاف ڪري ٿو سگهين.

3 سو هن پنهنجو هٿ ڊگهيري کيس ڇُهي چيو، تہ منهنجي مرضي آهي تہ تون ڇُٽي پاڪ صاف ٿيءُ. ۽ يڪدم هن جو ڪوڙهہ لهي ويو.

4 ۽ يسوع چيس، تہ ڏس، متان ڪنهن کي ٻڌايو اٿيئي؛ پر وڃي ڪاهنن کي پاڻ ڏيکار، ۽ اُهو نذرانو جنهن جو موسيٰ حڪم ڪيو آهي، سو وڃي ڏي، تہ سندن لاءِ شاهدي ٿئي.

5 ۽ جڏهن هو ڪفرناحوم ۾ آيو، تڏهن وٽس هڪڙو صوبيدار آيو، ۽ منٿ ڪري چوڻ لڳس تہ

6 اي خداوند، منهنجو نوڪر اڌ رنگ جي بيماري ۾ گهر پيو آهي، ۽ ڏاڍا عذاب پيو سهي.

7 تنهن تي هن چيس تہ آئون اچي کيس ڇُٽائيندس.

8 پوءِ صوبيدار ورندي ڏيئي چيو تہ اي خداوند، آئون انهيءَ لائق نہ آهيان تہ تون منهنجي پکي هيٺ اچين، پر تون رڳو واتان کڻي ڪلام ڪڍ، تہ منهنجو نوڪر ڇُٽي چڱو ڀلو ٿي پوندو.

9 ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ خود منهنجي هٿ هيٺ سپاهي آهن: ۽ آئون هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو، ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ تہ اچي ٿو. ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر تہ ڪري ٿو.

10 جڏهن يسوع هي ٻڌو تڏهن عجب لڳس، ۽ جيڪي پٺيان ٿي آيس تن کي چيائين تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هيڏو ايمان مون ڪونہ ڏٺو آهي، بلڪ اسرائيل ۾ بہ نہ.

11 ۽ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻا اُڀرندي ۽ اُلهندي کان ايندا، ۽ آسمان جي بادشاهت ۾ ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب سان گڏ اچي ويهندا.

12 پر جيڪي بادشاهت جا ٻار آهن، تن کي ٻاهرينءَ اونداهيءَ ۾ ڪڍي ڇڏبو. اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.

13 پوءِ يسوع صوبيدار کي چيو تہ تون هليو وڃ؛ جيئن تو ايمان آندو آهي، تيئن ئي تو سان ٿئي. ۽ اهو نوڪر اُنهيءَ گهڙيءَ ۾ ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو.

14 ۽ جڏهن يسوع پطرس جي گهر آيو، تڏهن ڏٺائين تہ سندس سس تپ جي ڪري بيمار پيئي آهي.

15 ۽ هن کيس هٿ لاتو، تہ تپ ڇڏي ويس؛ پوءِ هوءَ اُٿي سندس خدمت ڪرڻ لڳي.

16 ۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن گهڻن ئي کي وٽس وٺي آيا جن ۾ ڀوت هئا، ۽ هن هڪڙي حرف سان اُهي ڀوت ڪڍيا، ۽ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيائين:

17 انهي لاءِ تہ جيڪي يسعياهہ نبيءَ چيو هو سو پورو ٿئي، تہ ”هن پاڻ اسان جون هيڻايون کنيون، ۽ اسان جون بيماريون سَٺيون.“

18 هاڻي جڏهن يسوع پنهنجي چوڌاري وڏا ميڙاڪا ڏٺا، تڏهن حڪم ڏنائين تہ پرينءَ ڀر وڃو.

19 ۽ هڪڙو فقيهہ آيو ۽ کيس چيائين، تہ اي اُستاد، جيڏانهن تون ويندين، اوڏانهن آئون بہ تنهنجي پٺيان هلندس.

20 يسوع هن کي چيو تہ لومڙين کي ڏريون آهن، ۽ آسمان جي پکين کي آکيرا، پر ابنِ آدم کي اُها جاءِ ڪانهي جتي کڻي مٿو رکي.

21 ۽ سندس شاگردن مان ٻئي هڪڙي چيس، تہ اي خداوند، مون کي موڪل ڏي تہ آئون پهرين وڃي پنهنجي پيءُ کي دفن ڪريان.

22 پر يسوع چيس تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ڀلي تہ مردا پنهنجن مردن کي دفن ڪن.

23 ۽ جڏهن هڪڙي ٻيڙيءَ تي چڙهيو، تڏهن سندس شاگرد سندس پٺيان آيا.

24 ۽ ڏسو، سمنڊ ۾ اچي اهڙو طوفان لڳو جو ٻيڙي لهرن سان ڍڪجي ويئي: پر هو سمهيو پيو هو.

25 ۽ هنن اچي جاڳائي چيس تہ اي خداوند بچاءِ، اسين چٽ ٿا ٿيون.

26 ۽ هن کين چيو، تہ اي ڪم اعتقادو، اوهين ڇو ٿا ڊڄو؟ تنهن کانپوءِ هو اُٿيو، ۽ واءُ ۽ سمنڊ کي جهڻڪيائين، تہ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي.

27 ۽ ماڻهن کي عجب لڳي ويو، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟

28 ۽ جڏهن هو سمنڊ جي پرينءَ ڀر گدرينين جي ملڪ ۾ آيو، تڏهن اتي ٻہ ڄڻا جن ۾ ڀوت هئا سي قبرستان مان نڪري اچي گڏيس، ۽ اُهي اهڙا تہ ڪَرڙا هئا جو ڪوبہ ماڻهو اُنهيءَ رستي کان لنگهي نٿي سگهيو.

29 ۽ ڏسو، هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ اي ابنِ خدا، اسان جو تو سان ڪهڙو واسطو؟ تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين ڇا؟

30 هنن کان پرڀرو گهڻن سوئرن جو هڪڙو ڌڻ پئي چريو.

31 ۽ ڀوت کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا تہ جي تون اسان کي ڪڍين ٿو تہ هنن سوئرن جي ڌڻ ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي.

32 ۽ هن چين تہ وڃو. پوءِ هو نڪري وڃي سوئرن ۾ پيا: ۽ ڏسو، سڄو ڌڻ اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏي مُئو.

33 ۽ جن اُنهن کي ويٺي چاريو سي اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ وڃي جيڪي ٿي گذريو هو، ۽ جن ۾ ڀوت هئا، تن جو سمورو حال ٻڌايائون.

34 ۽ ڏسو، سڄو شهر يسوع کي گڏجڻ لاءِ نڪري آيو: ۽ جڏهن هن کي ڏٺائون، تڏهن عرض ڪيائونس تہ اسان جي حدن مان هليو وڃ.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan