Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 6 - Sindhi Bible

1 خبردار ٿيو، متان ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ انهن جي اڳيان چڱا ڪم ڪريو، نہ تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن کان اجر ڪونہ ملندوَ:

2 تنهنڪري جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن پنهنجي اڳيان توتاري نہ وڄاءِ، جهڙيءَ طرح ڪ رياڪار ماڻهو عبادتگاهن ۽ گهٽين ۾ ڪندا آهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو سندن تعريف ڪن. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.

3 پر جڏهن تون خيرات ڪرين، تڏهن هيئن ڪر جو جيڪي تنهنجو ساڄو هٿ ڪري، تنهن جي کاٻي کي خبر بہ نہ پوي:

4 تہ تنهنجون خيراتون ڳجهيون رهن؛ ۽ تنهنجو پيءُ، جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اُنهي جو اجر ڏيندو.

5 ۽ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن رياڪارن جهڙا نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي عبادتگاهن ۾ ۽ گهٽين جي ڪنڊن تي بيهي دعا گهرڻ پسند ٿا ڪن، انهي لاءِ تہ ڀلي ماڻهو کين ڏسن، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.

6 پر جڏهن تون دعا گهرين، تڏهن پنهنجي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃ، ۽ در پوري پنهنجي پيءُ کان دعا گهر، جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اجر ڏيندو.

7 ۽ دعا گهرڻ مهل اجايا لفظ وري وري نہ چئو، جيئن غير قومن وارا ڪندا آهن؛ ڇالاءِ جو هو ڀائين ٿا تہ گهڻي چوڻ ڪري اسان جي ٻُڌڻ ۾ ايندي.

8 تنهنڪري انهن جهڙا نہ ٿيو، ڇوتہ جن شين جي اوهان کي ضرورت آهي، تنهن جي اوهان جي پيءُ کي اوهان جي گهرڻ کان اڳيئي خبر آهي.

9 تنهنڪري اوهين هن طرح دعا گهرو تہ اي اسان جا بابا، تون جو آسمان ۾ آهين، تنهنجو نالو پاڪ ڪري ڄاڻجي،

10 تنهنجي بادشاهي اچي، تنهنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿيندي آهي، تيئن زمين تي بہ ٿئي.

11 اسان جي روز جي ماني اڄ اسان کي ڏي،

12 اسان جا قرض اسان کي معاف ڪر، جيئن اسان بہ پنهنجن قرضين کي معاف ڪيو آهي.

13 ۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.)

14 ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف ڪندا، تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو بہ اوهان کي معاف ڪندو.

15 پر جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا ڏوهہ معاف نہ ڪندا تہ اوهان جو پيءُ بہ اوهان جا ڏوهہ معاف ڪين ڪندو.

16 ۽ جڏهن اوهين روزو رکو، تڏهن رياڪارن وانگر منهن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي پنهنجا منهن بدشڪل ڪيو وجهن، انهي لاءِ تہ ماڻهو ڏسن تہ هنن روزو رکيو آهي. آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.

17 پر جڏهن تون روزو رکين، تڏهن پنهنجي مٿي تي تيل مک ۽ پنهنجو منهن ڌوءُ،

18 تہ ماڻهو توکي روزائتو نہ سمجهن پر تنهنجو پيءُ جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، سو توکي ڏسي: ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ٿو ڏسي، سو توکي اجر ڏيندو.

19 پنهنجي لاءِ زمين تي مال گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئون ۽ ڪٽ کايو ڇڏي، ۽ جتي چور کاٽ هڻي چورايو وڃن.

20 پر پنهنجي لاءِ آسمان ۾ مال گڏ ڪريو، جتي نڪي ڪينئون، نڪي ڪٽ ٿي کائي، ۽ جتي نہ چور کاٽ هڻي چورائين ٿا.

21 ڇالاءِ جو جتي تنهنجو مال هوندو، اُتي ئي تنهنجي دل بہ هوندي.

22 بدن جو ڏيئو آهي اک، تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجي اک ٺيڪ هوندي تہ تنهنجو سڄو بدن روشنيءَ سان ڀريل هوندو.

23 پر جي تنهنجي اک بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن اوندهہ سان ڀريل هوندو. تنهنڪري جيڪا روشني تو ۾ آهي، سا جي اوندهہ ٿي پيئي تہ اُها ڪيڏي نہ وڏي اوندهہ چئبي.

24 ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.

25 تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان جو فڪر نہ ڪريو، تہ اسين ڇا کائينداسين، يا ڇا پيئنداسين؛ نڪي پنهنجي بُت جو فڪر ڪريو تہ ڇا ڍڪينداسين؛ جان کاڌي کان ۽ بُت ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟

26 آسمان جا پکي ڏسو، جو اُهي نہ پوکين ۽ نہ لڻن، ۽ نڪي ڪي ڀانڊن ۾ گڏ ڪري رکن ٿا؛ تہ بہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو هنن کي کارائي ٿو. اوهين هنن کان گهڻو وڌيڪ نہ آهيو ڇا؟

27 اوهان مان ڪير فڪر ڪرڻ سان پنهنجو قد هڪڙو هٿ وڌائي سگهندو؟

28 ۽ اوهين ڪپڙن جو فڪر ڇو ٿا ڪريو؟ جهنگ جا گل سوسن جاچي ڏسو، تہ ڪيئن ٿا اُڀرن، اُهي نڪي پورهيو ڪن، نڪي ڪَتين.

29 تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خود سليمان پنهنجي سموري شان هوندي بہ اُنهن مان هڪڙي جهڙو پهريل نہ هو.

30 پر جيڪڏهن جهنگ جو گاهہ جو اڄ آهي ۽ سڀاڻي کڻي کوري ۾ اُڇلبو، تنهن کي خدا اهڙيءَ طرح ٿو پهرائي، تڏهن اي ڪم اعتقادو، اوهان کي هو اُنهن کان گهڻو وڌيڪ نہ پهرائيندو ڇا؟

31 تنهنڪري اوهين فڪر نہ ڪريو، تہ ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين، يا ڇا ڍڪينداسين؟

32 ڇالاءِ جو غير قومن وارا انهن سڀني جا ڳولائو آهن؛ ۽ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي خبر آهي تہ اوهان کي انهن سڀني شين جي گهرج آهي.

33 پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.

34 تنهنڪري سڀاڻي جو فڪر نہ ڪريو، ڇالاءِ جو سڀاڻو پنهنجي لاءِ پاڻ فڪر ڪندو؛ اڄ جو ڏک اڄ لاءِ ئي بس آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan