متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 5 - Sindhi Bible1 ۽ هو ميڙاڪا ڏسي جبل تي چڙهي ويو: ۽ جڏهن هو ويهي رهيو، تڏهن سندس شاگرد وٽس آيا: 2 ۽ هو پنهنجو وات کولي هنن کي تعليم ڏيڻ لڳو تہ: 3 مبارڪ آهن اُهي جي دل جا غريب آهن، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن ئي جي آهي. 4 مبارڪ آهن اُهي جي غمگين آهن، ڇالاءِ جو اُنهن کي تسلي ملندي. 5 مبارڪ آهن اُهي جي حليم آهن، ڇالاءِ جو اُهي زمين جا وارث ٿيندا. 6 مبارڪ آهن اُهي جي سچائيءَ جا بکايل ۽ اُڃايل آهن، ڇالاءِ جو اُهي ڍائبا. 7 مبارڪ آهن اُهي جي رحم دل آهن، ڇالاءِ جو اُنهن تي رحم ٿيندو. 8 مبارڪ آهن اُهي جي دل جا پاڪ آهن، ڇالاءِ جو اُهي خدا کي ڏسندا. 9 مبارڪ آهن اُهي جي صلح ٿا ڪرائين، ڇالاءِ جو اُهي خدا جا ٻار سڏبا. 10 مبارڪ آهن اُهي جن کي سچائيءَ جي ڪري ستائين ٿا، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن جي ئي آهي. 11 مبارڪ اوهين تڏهن آهيو، جڏهن منهنجي نالي ماڻهو اوهان کي طعنا هڻندا، ۽ ستائيندا، ۽ بي گناهہ اوهان تي هر طرح جي تهمت لڳائيندا. 12 خوشي ڪريو ۽ ڏاڍا سرها ٿيو، ڇالاءِ جو اوهان جو اجر آسمان ۾ وڏو آهي: ڇوتہ جيڪي نبي اوهان کان اڳي هئا تن کي بہ انهي طرح ستايو هئائون. 13 اوهين زمين جو لوڻ آهيو: پر جيڪڏهن لوڻ جو سواد هليو وڃي تہ هن کي ڇا سان سلوڻو ڪبو؟ انهي کانپوءِ اُهو ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ آهي، پر رڳو هن لائق آهي تہ اُڇلائي ڇڏجي، ۽ ماڻهن جي پيرن هيٺ لتاڙجي. 14 اوهين جهان جي روشني آهيو، جو شهر ٽڪر تي بيٺل آهي، سو لڪي نہ سگهندو. 15 نڪي ماڻهو ڏيئو ٻاري ٽوئي هيٺ ٿا رکن، پر ڏياٽيءَ تي ٿا رکن، تہ گهر ۾ جيڪي ماڻهو آهن تن کي سوجهرو ڏئي. 16 ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان چمڪي، تہ اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي، اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جي وڏائي ڪن. 17 ائين نہ ڀانئيو تہ آئون توريت يا نبين جي لکيت کي منسوخ ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آئون منسوخ ڪرڻ لاءِ نہ، پر پوري ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. 18 ڇالاءِ جو آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيسين آسمان ۽ زمين ٽري نہ وڃن، تيسين توريت جي سڀني ڳالهين پورين ٿيڻ کان سواءِ، انهن مان ڪنهن بہ طرح هڪڙي زبر يا هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ويندو. 19 تنهنڪري جيڪو بہ هنن تمام ننڍن حڪمن مان هڪڙو ڀڃندو، ۽ ماڻهن کي ائين سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ائين سيکاريندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ وڏو سڏبو. 20 ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن اوهان جي سچائي فقيهن ۽ فريسين جي سچائيءَ کان وڌيڪ نہ ٿيندي، تہ اوهين ڪنهن بہ طرح آسمان جي بادشاهت ۾ داخل نہ ٿيندا. 21 اوهان ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو تہ تون خون نہ ڪر، ۽ جيڪو خون ڪندو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو. 22 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو. 23 تنهنڪري جيڪڏهن تون پنهنجو نذرانو قربانگاهہ تي آڻي چاڙهين، ۽ اُتي ياد پويئي تہ منهنجي ڀاءُ جو مون ڏانهن ڪو رنج آهي، 24 تہ پنهنجو نذرانو اُتي قربانگاهہ جي اڳيان ڇڏي، پهرين وڃي پنهنجي ڀاءُ سان پرچ، پوءِ اچي پنهنجو نذرانو چاڙهہ. 25 جيسين تون پنهنجي مدعيءَ سان گڏ واٽ ۾ آهين، تيسين جلدي ڪري هن سان ٺاهہ ڪري وٺ، متان اُهو مدعي توکي منصف جي حوالي ڪري، ۽ منصف توکي فوجدار جي حوالي ڪري، ۽ تون قيد ۾ وڃي پوين. 26 آئون توکي سچ ٿو چوان تہ جيسين تون پائي پائيءَ تي چاڙهي نہ ڏيندين، تيسين ڪنهن بہ پر اُتان نڪرندين ئي ڪين. 27 اوهان ٻڌو آهي تہ چيو ويو هو تہ تون زنا نہ ڪر: 28 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو ماڻهو ڪنهن زال ڏانهن بڇڙي نگاهہ سان ٿو نهاري، سو پنهنجي دل ۾ هن سان زنا ڪري چڪو. 29 ۽ جيڪڏهن تنهنجي ساڄي اک توکي ڀُلائي تہ اُها پٽي ڪڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي. 30 ۽ جيڪڏهن تنهنجو ساڄو هٿ توکي ڀُلائي تہ اُهو وڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي. 31 هيئن بہ چيو ويو هو تہ جيڪو پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي، سو انهيءَ کي طلاق نامو لکي ڏئي: 32 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي زال کي زنا جي سبب کانسواءِ ڪڍي ٿو ڇڏي، سو هن کي زناڪار ٿو ڪري: ۽ جيڪو انهيءَ نڪتل زال سان پرڻبو، سو بہ زنا ڪندو. 33 ٻيو اوهان ٻڌو آهي تہ اڳوڻي زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو، تہ تون ڪوڙو قسم نہ کڻ، پر پنهنجا قسم خداوند جي حضور ۾ پورا ڪر: 34 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ قسم اصل کڻو ئي نہ؛ نڪي آسمان جو قسم کڻو، ڇالاءِ جو اُهو خدا جو تخت آهي؛ 35 نڪي زمين جو، ڇالاءِ جو اُها سندس پيرن جي صندلي آهي؛ نڪي يروشلم جو، ڇالاءِ جو اُهو وڏي بادشاهہ جو شهر آهي. 36 نڪي تون پنهنجي سر جو قسم کڻ، ڇالاءِ جو تون هڪڙي وار کي اڇو يا ڪارو ڪري نٿو سگهين. 37 پر اوهان جي گفتگو ها جي ها؛ نہ جي نہ هئڻ گهرجي: ۽ جيڪي انهن کان وڌيڪ آهي سو بڇڙائيءَ مان آهي. 38 اوهان ٻڌو آهي جو چيو ويو هو، تہ اک جي عيوض ۾ اک، ۽ ڏند جي عيوض ۾ ڏند: 39 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بڇڙو آهي، تنهن جي سامهون نہ ٿيو: پر جيڪو توکي تنهنجي ساڄي ڳل تي چماٽ هڻي، تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏي. 40 ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو تي عدالت ۾ دعويٰ ڪرڻ گهري، ۽ تنهنجو پهراڻ کڻي وڃي، تہ انهي کي پنهنجو ڪوٽ بہ ڏيئي ڇڏ. 41 جيڪو توکي بيگر ۾ هڪڙو ميل وٺي وڃي، تنهن سان ٻہ ميل وڃ. 42 جيڪو توکان ڪي گهري، تنهن کي ڏي، ۽ جيڪو توکان اُڌارو وٺڻ گهري، تنهن کان منهن نہ موڙ. 43 اوهان ٻڌو آهي تہ چيو ويو هو تہ تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پيار ڪر، ۽ پنهنجي دشمن سان عداوت رک: 44 پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي ستائين، تن جي لاءِ دعا گهرو؛ 45 تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي. 46 ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين انهن کي پيار ڪندا جي اوهان کي پيار ٿا ڪن، تہ پوءِ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ محصولي ٺيڪيدار بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟ 47 ۽ جيڪڏهن اوهين رڳو پنهنجن ڀائرن کي سلام ڪندا، تہ پوءِ ٻين کان وڌيڪ اوهان ڇا ڪيو؟ غير قومن وارا بہ ساڳيو ائين نٿا ڪن ڇا؟ 48 تنهنڪري جيئن اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو ڪامل آهي، تيئن اوهين بہ ڪامل ٿيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society